قومي اتفاقِ راءِ ۽ اپوزيشن جون تجويزون

سيد مجاھد علي

پاڪستان ۾ اپوزيشن اتحاد تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان ۾ شامل سياسي جماعتن جي پارلياماني اجلاس ۾ علائقي جي حساس صورتحال کي نظر ۾ رکندي قومي اتفاقِ راءِ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو آهي۔ پارليامينٽ ۾ ٿيل هن اجلاس ۾ البته ان اتفاقِ راءِ جو سڄو بار حڪومت تي وجهي مطالبو ڪيو ويو آهي ته اپوزيشن کي ايران تي حملي ۽ افغانستان خلاف جنگ واري معاملي تي اعتماد ۾ ورتو وڃي۔

اجلاس ۾ منظور ڪيل قرارداد ۾ ايران ۽ افغانستان بابت اهڙو موقف پيش ڪيو ويو آهي، جيڪو باقاعده هڪ سياسي ۽ سفارتي حڪمت عملي جو نمونو آهي۔ ان کي حڪومتِ پاڪستان جي پاليسين کان مختلف يا متضاد به قرار ڏئي سگهجي ٿو۔ قرارداد ۾ ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملي جي مذمت ڪندي ايران جي جنگي ڪارروائين کي تسليم ٿيل حقِ دفاع قرار ڏنو ويو آهي ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته جلد کان جلد جنگبندي لاءِ ڪوششون ڪيون وڃن۔ ان سان گڏ ايران جي نئين اڳواڻ مجتبيٰ خامنه اي جو آڌرڀاءُ ڪندي اميد ظاهر ڪئي وئي آهي ته سندس قيادت هيٺ علائقي ۾ امن ۽ استحڪام قائم ٿيندو ۽ ايران تيزيءَ سان ترقي ڪندو۔ اها خواهش اهڙي وقت ظاهر ڪئي وئي آهي جڏهن ايراني قوم پنهنجي بقا جي جنگ وڙهندي موجوده بحران مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي۔ ساڳئي قرارداد ۾ افغانستان خلاف پاڪستان جي ڪارروائين جو حوالو ڏيندي ٻنهي ڌرين کي صبر ۽ برداشت سان ڪم وٺڻ جي صلاح ڏني وئي آهي۔ ان سان گڏ حڪومتِ پاڪستان کان چيو ويو آهي ته شهرين سان عالمي قانونن ۽ ضابطن مطابق عزت ۽ احترام سان پيش اچي۔ واضح رهي ته ان کان اڳ پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ ان جون اتحادي پارٽيون افغان شهرين جي ملڪ بدري روڪڻ ۽ کين پاڪستان ۾ رهڻ ڏيڻ جي حمايت ڪنديون رهيون آهن۔

قرارداد جو هڪ دلچسپ پهلو اهو به آهي ته پاڪستان سان گڏ افغانستان کان به صبر ۽ ضبط جي اپيل ڪئي وئي، پر ان بنيادي سبب جو ڪو ذڪر نه ڪيو ويو جنهن سبب پاڪستان کي افغانستان اندر دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي حملا ڪرڻا پيا هئا۔ افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت قائم ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان دهشتگردي جو سخت شڪار رهيو آهي۔ افغان حڪومت پاڪستان جي ڪيترين ئي ڪوششن ۽ دوست ملڪن جي ٽياڪڙي باوجود تحريڪ طالبان پاڪستان جي حمايت ڇڏي ڏيڻ کان انڪار ڪيو۔ 26 فيبروري تي پاڪستان طرفان افغانستان ۾ دهشتگرد گروهن جي پناهه گاهن تي حملا ڪرڻ کان اڳ ٽي ٽي پي پاڪستاني فوج تي ڪيترائي حملا ڪيا هئا، جن ۾ وڏي جاني نقصان ٿيو هو۔ اهڙي صورتحال ۾ پرڏيهي ۽ سلامتي پاليسي ۾ حصيداري جو مطالبو ڪندڙ اپوزيشن جو بيان دهشتگردي جي مذمت بدران ڪابل سان همدردي جو تاثر ڏئي ٿو۔

هتي اها حقيقت به نظرانداز نٿي ڪري سگهجي ته افغانستان ۾ دهشتگرد گروهن خلاف ڪارروائي شروع ڪرڻ وقت پارليامينٽ ۾ سڀني پارلياماني جماعتن جو اِن ڪيمرا اجلاس سڏايو ويو هو، جنهن ۾ پاڪ فوج جي نمائندن بريفنگ ڏني هئي۔ پر پاڪستان تحريڪ انصاف سميت تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان ۾ شامل سڀني پارٽين ان اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ قومي سلامتي واري عمل جو حصو بڻجڻ کان انڪار ڪيو۔ هاڻي جڏهن اپوزيشن لاءِ سياسي احتجاج يا طاقت ڏيکارڻ جا ٻيا رستا بند ٿي ويا آهن ته اهي ٻيهر حڪومت کان اعتماد ۾ وٺڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن۔ پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته جنهن بيان ۾ اهو مطالبو ڪيو ويو آهي، ان مان لڳي ٿو ته اپوزيشن پارٽيون پاڻ کي غير قابلِ اعتبار ثابت ڪري رهيون آهن۔ انهن لاءِ قومي سلامتي يا نام نهاد اتفاقِ راءِ به سياسي چال بازي جو حصو بڻجي ويو آهي۔ موجوده علائقائي صورتحال ۾ اهو رويو غير ذميواراڻو ۽ افسوسناڪ آهي۔

ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملي ۽ ان تي پاڪستاني حڪومت جي ردِعمل تي ڳالهائڻ کان اڳ مناسب آهي ته اڄ استنبول ۾ رجب طيب اردوان جي تقرير جو حوالو ڏجي۔ هن پنهنجي پارٽي جي اجلاس ۾ چيو ته صورتحال جي نزاڪت ۽ حساسيت جو تقاضو آهي ته ترڪيه ڳالهائيندي احتياط ڪري ۽ پاڻ کي هن تڪرار کان بچائڻ لاءِ سوچ سمجهي قدم کڻي۔ هن ايران خلاف جنگ کي انساني الميو قرار ڏيندي انسانيت ۽ مسلمان ملڪن جي وچ ۾ اتحاد پيدا ڪرڻ ۽ اختلاف ختم ڪرڻ تي زور ڏنو۔ جيڪڏهن نيٽو جو ميمبر ۽ آمريڪا جو اهم اتحادي ملڪ اهڙي احتياط جي صلاح ڏئي ٿو ته پوءِ پاڪستان کان وڌيڪ جذباتي موقف جي توقع رکڻ مناسب ناهي، ڇو ته پاڪستان ڪنهن به عالمي دفاعي اتحاد جو حصو ناهي۔

اهو صحيح آهي ته پاڪستاني حڪومت ايران تي حملي جي مذمت ۾ گهڻي سرگرمي نه ڏيکاري، پر ڪنهن به سرڪاري بيان ۾ ان حملي جي حمايت به نه ڪئي وئي آهي۔ آمريڪا ايران کي دهشتگرد ملڪ قرار ڏئي اتي حڪومت ختم ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي، پر وزيراعظم  شهباز شريف آمريڪي سخت موقف باوجود  مجبتيٰ خامنه اي کي رهبرِاعليٰ چونڊجڻ تي مبارڪباد جو پيغام موڪليو ۽ سندس والد جي شهادت تي تعزيت به ڪئي۔

ڪجهه وقت اڳ پاڪستان سعودي عرب سان دفاعي معاهدو ڪيو هو، جنهن جي روشني ۾ رياض چاهيو ٿي ته اسلام آباد ايران طرفان سعودي عرب تي حملي جي جواب ۾ سندس ڀرپور حمايت ڪري۔ پر پاڪستان محتاط سفارتڪاري اختيار ڪندي ٻنهي ڌرين کي صبر ۽ برداشت جي صلاح ڏني ۽ جنگ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان نه ڪيو۔ مالي طور ڪمزور ڪنهن ننڍڙي ملڪ کان اها توقع رکڻ ته هو عالمي سپر پاور کي چيلينج ڪري ۽ ايران سان گڏ جنگ ۾ شامل ٿي وڃي، حقيقت ۾ پاڻ کي تباهي ڏانهن ڌڪڻ برابر آهي۔ هن وقت تائين پاڪستاني حڪومت هن بحران کي ڪافي دانشمندي سان سنڀالي رهي آهي۔

اهو به ياد رکڻ گهرجي ته ايران تي حملي جو فيصلو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو ذاتي فيصلو هو۔ هن پنهنجي ملڪ جي ڪانگريس کي به اعتماد ۾ وٺڻ ضروري نه سمجهيو۔ ڪيترن يورپي ملڪن هن حملي کي ناجائز سمجهڻ باوجود آمريڪا جي مذمت ڪرڻ جي همت نه ڪئي۔ سواءِ اسپين جي، تقريبن ڪنهن به يورپي ملڪ آمريڪا کي فوجي سهولتون ڏيڻ کان انڪار نه ڪيو۔ ڪيترائي اڳواڻ آمريڪا بدران ايران جي حڪومت تي تنقيد ڪندي انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو ذڪر ڪندا رهيا آهن، پر اسرائيل جي جارحيت ۽ فلسطين ۾ ٿيندڙ انساني حقن جي ڀڃڪڙين بابت خاموشي اختيار ڪئي وئي آهي۔ اهڙي صورتحال ۾ ڪنهن ملڪ لاءِ آمريڪا جهڙي طاقت سان ٽڪراءُ ڪرڻ سياسي ۽ حڪمت عملي جي لحاظ کان مناسب نه سمجهيو ويندو آهي۔ پوءِ پاڪستان کان اها اميد ڪيئن رکي سگهجي ٿي ته هو ايران جي تڪرار ۾ جذباتي موقف اختيار ڪري پاڻ کي مصيبت ۾ وجهي۔

ايران تي حملو يقينن قابلِ مذمت ۽ المناڪ آهي، پر اهو واقعو رڳو 28 فيبروري تي اسرائيلي ۽ آمريڪي حملن سان شروع نه ٿيو۔ حقيقت ۾ ان جا بنياد  ايران انقلاب 1979 کان پوءِ قائم ٿيا جڏهن ايران جي مذهبي حڪومت اقتدار ۾ آئي۔ گذريل ڏهاڪن ۾ ايران پنهنجي انتهاپسند پرڏيهي پاليسي ۾ تبديلي آڻڻ يا دوست ملڪن سان صلاح مشورا ڪرڻ کي ضروري نه سمجهيو۔ هاڻي عرب ملڪن تائين جنگ پکيڙي سڀني دوست ملڪن لاءِ ڏکي صورتحال پيدا ڪئي وئي آهي۔ عرب ملڪن بابت ڪي به منفي رايا هجن، پر انهن جي خودمختياري خلاف قدم قبول نٿا ڪري سگهجن۔ ايران صرف اهو چئي ذميواري کان آجو نٿو ٿي سگهي ته انهن ملڪن ۾ آمريڪي فوجي اڏا موجود آهن۔ هر خودمختيار ملڪ کي اهو حق حاصل آهي ته هو پنهنجي مفادن مطابق ٻين ملڪن سان معاهدا ڪري۔ ايراني ميزائل ۽ ڊرون فوجي اڏن سان گڏ شهري عمارتن ۽ هوائي اڏن کي به نشانو بڻائي رهيا آهن، جنهن سبب عرب ملڪن کي بنا ڪنهن واضح سبب هن جنگ ۾ ڇڪيو ويو آهي۔ تنهن هوندي به انهن ملڪن اڃا تائين صبر جو مظاهرو ڪيو آهي۔

پاڪستان هڪ طرف ايران تي حملي سبب خطرن کي منهن ڏئي رهيو آهي، ته ٻي طرف عرب ملڪن تائين جنگ پکڙجڻ سان سندس معاشي ۽ سفارتي مفاد به خطري ۾ پئجي سگهن ٿا۔ تنهن هوندي به پاڪستان ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ بهتر سمجهوتي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي۔ جيڪڏهن هي جنگ ڊگهي ٿي وڃي ۽ ڪو هڪ عرب ملڪ به باضابطه طور ان ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري، ته سڄو خطو ڊگهي عرصي لاءِ شديد عدم استحڪام جو شڪار ٿي سگهي ٿو۔ تنهنڪري پاڪستاني حڪومت ۽ عوام کي هن امڪاني خطري بابت سنجيدگي سان سوچڻ ۽ ان کان بچڻ جي تياري ڪرڻ گهرجي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.