سنڌ جي 50 سيڪڙو ڳوٺن ۽ شهرن ۾ بجلي ناپيد آهي ان جو ڪارڻ بجلي چوري ٻڌايو پيو وڃي. بجلي چوري ڇو ٿي ڪئي وڃي؟ ان سوال جا جواب به کوڙ سارا آهن. سنڌ جي اڪثر ڳوٺن ۽ شهرن ۾ بجلي جا ٿنڀا توڙي تارون يا ته لڳل آهن يا وري پراڻين لائنن جي هجڻ سبب لائينون ختم ٿي ويون آهن. انهن جي مرمت نه ٿيڻ سبب عوام بجلي مان آسرو لاهي سولر پينلن تي هليو ويو آهي يا وري جيڪڏهن ڪٿي لائينون صحيح سلامت آهن ته انهن فيڊرن تي روينيو ريڪوري نه هجڻ توڙي لائن لاسز ۽ بجلي چوري سبب فيڊرن تي ڪافي ڪلاڪ بجلي جي بندش جاري آهي. جيڪڏهن ڪنهن ڳوٺ ۾ 10 ماڻهو بجلي جا بل ماهوار پيارن ٿا ۽ 5 ماڻهو بل نٿا پيارين ته پوءِ ان سموري ڳوٺ جي بجلي بند ٿئي ٿي ۽ پوءِ ماڻهو اونداهي ۾ زندگي گذارين ٿا. ڪٿي ڪٿي ائين به ماڻهون چون ٿا ته بجلي چوري ڇو ڪريون جيڪڏهن بجلي يونٽ سستو هجي ته؟ بجلي چوري ڪرائڻ ۾ اسين پاڻ ملوث آهيون ۽ پوءِ يونٽن جو سمورو نزلو ميٽرن وارن تي ڪري ٿو. ڊڊيڪشن به ميٽرن وارن تي لڳي ٿي ۽ بجلي چورن پاران جيڪي بجلي استعمال ڪئي وڃي ٿي ان فيڊر جي يونٽن جو بار به ميٽرن وارن تي مڙهيو وڃي ٿو. ته پوءِ ميٽرن وارا جيڪي ماهوار بجلي بل ادا ڪندا رهن ٿا. انهن کي به بقايادار ڪيو وڃي ٿو ۽ ائين ان فيڊرن تي بجلي جي ڊگهي بندش ڪري عوام جي زندگي اجيرن بڻجي وڃي ٿي. پوءِ نتيجو ان فيڊر تي بجلي ناياب ۽ ماڻهو پٿر واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿئي ٿو.
14 نومبر 2024 کان وٺي اڄ تائين چيف سيپڪو انجنيئر اعجاز احمد چنا سيپڪو کي تمام مشڪلاتن مان ڪڍي ورتو آهي ۽ سيپڪو مٿان 67 ارب روپيا قرض هيو جنهن کي چيف سيپڪو سکر انجنيئر اعجاز احمد چنا ۽ سندس ٽيم ڏينهن رات ڪوششون ڪري 46 ارب روپين تائين پهچايو آهي جيڪو هڪ وڏو ڪارنامو آهي. ان کان علاوه چيف سيپڪو جي ڪوششن سان سيپڪو ۾ ٽول فري هيلپ لائين 118 نمبر متعارف ڪرايو آهي جنهن تي صارفين پنهنجون شڪايتون لکرائي سگهن ٿا. سندس مان ۾ ڏنل افطار پارٽي ۾ ڳالهائيندي چيف سيپڪو سکر انجنيئر اعجاز احمد چنا چيو ته سيپڪو ريجن جي مختلف گرڊن ۾ هڪ ارب 44 ڪروڙ ماليت جا 500 ڪي وي جا ٽرانسفارمر لڳايا ويا آهن جنهن سان بجلي جي بهتر سپلاءِ ۾ وڏي مدد ملي آهي. هن چيو ته سيپڪو ريجن ۾ 9 لک ڪمرشل يونٽ استعمال ٿيا آهن جن ۾ رائيس ملون آئيس فيڪٽريون ۽ ٻيا شامل آهن. هن چيو ته سيپڪو ريجن جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ايڊيشنل 100 جا، 50 جا ۽ 25 جا ٽرانسفارمر ڏنا ويا آهن جن جو تعداد تمام گهڻو آهي ان کان علاوه 200 جا ٽرانسفارمر پڻ ڏنا ويا آهن. هن چيو ته 14 نومبر 2024 تي جڏهن مون چارج ورتي ته سيپڪو ريجن ۾ آفيسرن جا پروموشن ۽ ملازمن جا پروموشن جا فائيلن جون الماڙيون ڀريل هيون جن کي قانوني طور پروموشن ڏنو ويو آهي. هن سيپڪو ريجن جي عوام کي اپيل ڪئي ته هو سيپڪو سان تعاون ڪري بجلي چوري کي ختم ڪري ميٽرن تي بجلي استعمال ڪئي وڃي ته سيپڪو بهتر کان بهتر بجلي مهيا ڪرڻ جو پابند هوندو. ڇاڪاڻ ته ميٽرن جا ۽ ريڊنگ جا فوٽو بل تي آويزان ٿي اچن ٿا ان ۾ غلط ريڊنگ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي.
ڏوڪري گرڊ کي ڊبل ڪري 132 ڪرايو آهي جنهن تي ڪم تيزيءَ سان جاري آهي 132 گرڊ ڏوڪري جون آفيسون ۽ چوديواري پڻ مڪمل ٿي چڪي آهي ۽ 132 ڏوڪري کي نصيرآباد 132 گرڊ مان سرڪٽ ڏنو ويو آهي جنهن جي لائن تي ڪم تيزي سان جاري پڻ آهي. ڏوڪري گرڊ اپ گريڊ 132 ٿيڻ سان 3 لک آبادي کي بهتر سهولت ۽ بجلي سپلائي تمام بهتر ملندي ۽ وڏن فيڊرن کي باءِ فرڪيٽ پڻ ڪيو ويندو. اسان جي ملڪ جي مقتدرن کي جتي ٻيا انيڪ مسئلا آهن جن ۾ سياسي عدم استحڪام، معيشت جي خراب حالت اتي بجلي سيڪٽر جا کوڙ مسئلا سندن سامهون آهن. ڪنهن به ملڪ جي معيشت جو دارو مدار بجلي سيڪٽر تي هوندو آهي. پاڪستان ۾ بجلي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت رکي ٿي. پاڪستان مان اڪثر ڪري سرمايائيدار پنهنجون ملون ۽ انڊسٽريون بنگلاديش منتقل ڪري رهيا آهن ڇاڪاڻ ته بنگلاديش ۾ ڪمرشل استعمال لاءِ بجلي في يونٽ گهريلو يونٽ کان به سستي آهي. پاڪستان ۾ بجلي چوريءَ جو وڏو سبب حڪومت جيڪا کوکلي ٿي چڪي آهي. بجلي يونٽ مهانگو ڪري ڇڏيو آهي. جنهن جي ڪري بجلي چوري ٿي رهي آهي. جيستائين بجلي يونٽ سستو نه ٿيندو تيستائين بجلي چوري نه رڪجندي ۽ معيشت به ڏينهون ڏينهن ويهندي ويندي.
هن وقت گرڊن مان بجلي جي گهرج گهٽ ٿيندي پئي وڃي. شمسي توانائي خاموشيءَ سان هائيڊرو ڪاربان کي دنيا جي توانائي جو بنيادي ذريعي طور تي تبديل رهي آهي. بجلي تي هلندڙ گاڏيون به آهستي آهستي مارڪيٽ ۾ اچي ويون آهن. ان سان بجلي جي گهرج ۾ به اضافو ٿيندو. جيڪي گاڏيون بيٽري تي هلن ٿيون انهن کي سج جي تپش چارج ڪري ٿي ۽ شام جي وقت يا وري جهڙالي موسم ۾ اهي بيٽريون سج بدران بجلي تي چارج ٿينديون. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا وزيراعظم وٽ يا مقتدرن وٽ توانائي کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪو پروگرام يا ويزن آهي؟ ٽڪرا نه هجن، خاموش هون به هجن هڪ مڪمل ۽ پائيدار ويزن هجي جيڪو پري پري تائين ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. آخرڪار پاڪستان کي معاشي طور پاڻ ڀرو ڪرڻ لاءِ بنيادي بجلي جو ذريعو ڪهڙو آهي؟ خدارا پاڪستان کي معاشي طور بدحالي کان بچايو وڃي. اڄ پاڪستان ڊيفالٽ جي ڏاڪي تي بيٺل آهي. اڄ پاڪستان کي دنيا کان پني هلايو پيو وڃي. مقتدرن کي پاڪستان ۾ توانائي کي بحران کي سنجيدگي سان سوچڻ گهرجي آخرڪار ملڪ کي ڪيترو قرض ۽ پني هلايو ويندو؟ هن وقت به ٻڌايو پيو وڃي ته پاڪستان آءِ ايم ايف کان قرض وٺي ملڪ ته هلايو وڃي ٿو پر ان قرض مان 127 ارب روپين جي مني لانڊرنگ جو پڻ انڪشاف ٿيو آهي ته پوءِ ان صورت ۾ پاڪستان کي ڪهڙو ملڪ قرض ڏيندو؟