جان ڇُٽي: هڪ دفعو چارج تي مهينو ڪڍي ويندڙ سمارٽ فون!

اڄ جي دور ۾ سمارٽ فون جو استعمال تقريبن هر ڪنهن لاءِ اهم بڻجي ويو آهي ۽ گهڻي استعمال سبب ماڻهن کي پنهنجي فون ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو ته ضرور چارج ڪرڻي پوندي آهي.
پر هڪ اهڙي نئين سمارٽ فون سامهون آئي آهي، جنهن کي روز نه پر مهيني ۾ رڳو هڪ ڀيرو چارج ڪرڻ جي ضرورت پوندي.
انرجائزر ڪمپني جي نئين سمارٽ فون پي 30 ڪي ايپڪس جي بيٽري لائف دنگ ڪري ڇڏيندڙ آهي، ان فون اندر 30 هزار ايم اي ايڇ جي طاقتور بيٽري ڏني وئي آهي، جيڪا وچولي استعمال ۽ اسٽينڊ باءِ موڊ ۾ هڪ مهيني تائين بنا چارج جي ڪم ڪري سگهي ٿي.
فون سان گڏ 66 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ ڏني وئي آهي ته جيئن وڏي بيٽري باوجود ان کي ڪنهن حد تائين جلدي چارج ڪري سگهجي.
اها فون جون 2026 کانپوءِ وڪري لاءِ پيش ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.