ايران ۾ اُڀرندڙ بحران، عالمي ڌمڪيون ۽ ممڪنه انقلاب

سعد مڪي شاهه

مان ايران اسرائيل جنگ (جون 2025ع) کان اڳ پنهنجو سفر مڪمل ڪري واپس اچي چڪو هوس، پر جنگ جي هر لمحي تي نظر رکندو رهيس. ڪجهه دوستن کان به مسلسل معلومات ملندي رهي. اڄ تائين مون کي حيرت آهي ته هڪ عام سياح طور مون ايتريون ڄاڻون گڏ ڪيون، پوءِ ايران، جنهن جون انٽيليجنس ايجنسين جو صحيح تعداد به شايد ڪنهن کي معلوم نه هجي، اهي ايتري اهم معلومات کان ڪيئن بي خبر رهيون؟ افسوس سان چوندس ته شايد ايراني انٽيليجنس جا به ڪيترائي اهلڪار غداري ۾ ملوث هئا، نه ته ايتري وڏي تعداد ۾ هاءِ ويليو خفيه هدفن جي نشاندهي عوام جي وس جي ڳالهه نه هئي. ايران مان واپسيءَ تي مان انتهائي مايوس ۽ ملول هوس، ڇو ته ايراني شايد اهڙيون حدون به اورانگهڻ چاهين ٿا، جيڪي هڪ قوم طور سندن پنهنجي حق ۾ به نقصانڪار آهن. ۽ اڄ ايران هڪ ڀيرو ٻيهر تاريخ جي انتهائي نازڪ موڙ تي بيٺل آهي. ملڪ ڀر ۾ احتجاجن جي نئين لهر کي جنم ڏنو آهي، مهانگائي، ڪرنسي جي قدر ۾ تاريخي گهٽتائي ۽ بنيادي ضرورتن جي شين جي اگهن ۾ بي تحاشا واڌ عام شهرين کي روڊن تي آڻي ڇڏيو آهي. اهي احتجاج تهران جي “بازارِ بزرگ” مان شروع ٿيا ۽ هاڻي 20 صوبن ۽ 70 کان وڌيڪ شهرن تائين پکڙجي چڪا آهن، جن ۾ اتر، اولهه ۽ ڏکڻ اوڀر وارا علائقا شامل آهن.

اهي احتجاج نه رڳو ايران جي اندرين سياست کي لوڏي رهيا آهن، پر عالمي سطح تي به توجهه جو مرڪز بڻجي چڪا آهن. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جون ڌمڪيون، آمريڪا ۽ اسرائيل جي ممڪنه فوجي ڪارروائين جا افواهه ۽ ايراني سيستان و بلوچستان ۾ جيش العدل ۽ جندالله جهڙين عليحدگي پسند تنظيمن جون ڌمڪيون هن بحران کي وڌيڪ پيچيده بڻائي رهيون آهن.

انٽرنيٽ جي مڪمل بندش عوام ۾ وڌيڪ غصو پيدا ڪري رهي آهي. احتجاج هاڻي 70 کان وڌيڪ شهرن تائين پکڙجي چڪا آهن، جن ۾ تهران، قم، اصفهان، قزوين، مرودشت، همدان، خرمشهر، فيروز آباد، سبزوار، نيشاپور، نهاوند، يزد، رشت، اراک، خرم آباد، ازنا، خوزستان، اهواز، چهارمحل و بختياري، نجف آباد، ڪرمان، جزيرو قشم، جزيرو ڪيش، شيراز، تبريز، مشهد، بابل، بندر عباس، گرگان، زاهدان ۽ لورستان شامل آهن. اتر ايران جا علائقا، جهڙوڪ مازندران ۽ گلستان، به تيزي سان احتجاجن جي لپيٽ ۾ اچي رهيا آهن. بابل ۾ مظاهرين سيڪيورٽي فورسز تي حملا ڪيا، جڏهن ته لورستان ۾ پوليس اسٽيشنن تي حملا ڪري ساڙيا ويا. اهي احتجاج هاڻي ديهي علائقن تائين به پهچي چڪا آهن، جتي لر قوم جي اڪثريت آهي، ۽ اتي جاني نقصان به رپورٽ ٿيو آهي. اهي احتجاج شروعات ۾ پرامن هئا، پر سيڪيورٽي فورسز جي تشدد، ڳوڙها گيس ۽ فائرنگ کين خوني بڻائي ڇڏيو آهي. تازي سرڪاري انگن مطابق گهٽ ۾ گهٽ 8 مظاهرين مارجي چڪا آهن، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز جا به ڪيترائي اهلڪار مارجي يا زخمي ٿيا آهن. مون کي مليل ڄاڻ مطابق فوتگين جو انگ درجنن ۾ آهي. پهرين جنوري تائين لورستان ۾ 3 ۽ لورديگان ۾ 2 مظاهرين جي موت جي تصديق ٿي، جڏهن ته زخمين جو انگ سوين ۾ آهي. گرفتارين جو سلسلو ڀيانڪ نموني جاري آهي. سرڪاري ۽ آزاد ذريعن موجب تهران ۾ 30، ڪوهدشت ۾ 20 ۽ ٻين شهرن ۾ وڌيڪ ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن، جڏهن ته لاپتا ماڻهن جو انگ به وڌي رهيو آهي. انساني حقن جي تنظيمن موجب احتجاجن دوران 119 گرفتاريون، 7 هلاڪتون ۽ 33 زخمي رڪارڊ ٿيا آهن، ۽ اهي انگ اکر تيزي سان بدلجي رهيا آهن.

هي بحران رڳو معاشي نه پر سياسي به آهي. 2025ع ۾ ايران ۾ 2200 کان وڌيڪ ماڻهن کي ڦاسي ڏني وئي، جيڪو هڪ رڪارڊ آهي. هي انگ حڪومتي دٻاءَ جي شدت کي ظاهر ڪن ٿا، جيڪا احتجاجن کي وڌيڪ هوا ڏئي رهي آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ احتجاجن دوران ايران کي سخت ڌمڪيون ڏنيون. هن پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي لکيو ته جيڪڏهن ايران پرامن مظاهرين کي ماري ٿو ته آمريڪا سندن مدد ڪندو: “اسان حملي لاءِ تيار آهيون.” هي ڌمڪي احتجاجن جي پنجين ڏينهن سامهون آئي، جڏهن فوتگيون وڌڻ لڳيون. ٽرمپ اهو به چيو آهي ته جيڪڏهن ايران پنهنجو نيوڪليئر پروگرام ٻيهر شروع ڪندو ته آمريڪا “انهن کي دوزخ ۾ موڪليندو”. ٽرمپ جون اهي ڌمڪيون نيون ناهن. 2025ع ۾ به هن ايران کي خبردار ڪيو هو، ۽ هاڻي 2026ع ۾ هي تڪرار وڌيڪ وڌي سگهي ٿو. اهي بيان آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ کي انتها تي وٺي وڃي رهيا آهن. ٽرمپ ۽ اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو جي ملاقات ۾ به ايران تي ممڪنه حملن تي ڳالهيون ٿيون. جون 2025ع جي جنگ کان پوءِ ايران پنهنجي ميزائل ۽ نيوڪليئر پروگرام کي ٻيهر بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جيڪو آمريڪا ۽ اسرائيل لاءِ خطري جي ڳالهه آهي. ٽرمپ چيو آهي ته جيڪڏهن ايران ميزائل پروگرام بحال ڪيو ته به حملو ڪيو ويندو. اسرائيلي انٽيليجنس موجب ايران جي ميزائل پيداوار 2026ع جي آخر تائين هڪ سنگين خطرو بڻجي سگهي ٿي. ايراني صدر مسعود پزشڪيان جواب ۾ چيو آهي ته ڪنهن به حملي جو جواب “سخت ۽ افسوسناڪ” هوندو.

هي ڇڪتاڻ 2026ع کي جنگي سال بڻائي سگهي ٿي، جتي ايران جون اندريون ڪمزورايون ٻاهرين حملن کي دعوت ڏئي رهيون آهن. جيش العدل، هڪ بلوچ جهڙتو گروهه، ايران جي ڏکڻ اوڀر علائقن ۾ سرگرم آهي. 2025ع ۾ هن ڪيترائي حملا ڪيا، جن ۾ سيڪيورٽي فورسز تي حملا شامل آهن. نومبر 2025ع ۾ جيش العدل ٻين بلوچ گروهن سان گڏجي “مبارزين پاپولر فرنٽ” قائم ڪيو، جيڪو ايران ۾ “گهري سياسي تبديلي” جو مطالبو ڪري ٿو. ڊسمبر 2025ع ۾ هنن زاهدان ۾ آءِ آر جي سي جا چار اهلڪار ماريا. جيش العدل احتجاجن مان فائدو وٺڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آهن، جيڪي ايران جي اندرين سيڪيورٽي کي وڌيڪ ڪمزور ڪري سگهن ٿيون. جندالله، جيڪو جيش العدل جو اڳواڻ گروهه رهيو آهي، پڻ سرگرم رهيو آهي ۽ ايران ان کي دهشتگرد قرار ڏئي ٿو. اهي سڀ ڌمڪيون ايران جي سرحدي سيڪيورٽي کي چئلينج ڪري رهيون آهن. 2026ع ۾ اهي گروهه احتجاجن جو فائدو وٺي ايران کي وڌيڪ غير مستحڪم ڪري سگهن ٿا. ايران جو بحران رڳو اندرين نه پر عالمي به آهي. معاشي مسئلا، احتجاج، جاني نقصان ۽ گرفتاريون حڪومتي ڪمزوري کي ظاهر ڪن ٿيون. ٽرمپ جون ڌمڪيون ۽ آمريڪا–اسرائيل جا ممڪنه حملا ايران کي نئين جنگ ڏانهن ڌڪي سگهن ٿا.

منهنجي خيال ۾ 2026ع ايران لاءِ وڌيڪ خطرن سان ڀريل آهي. جيڪڏهن احتجاج جاري رهيا ته حڪومت ڪري سگهي ٿي يا ٻاهرين حملا ٿي سگهن ٿا. ايران کي سفارتي حل ڳولڻ گهرجي، نه ته علائقائي جنگ جو خطرو آهي. هي بحران ايران جي تاريخ جو هڪ اهم باب آهي، جيڪو ان جي مستقبل جي رخ جو تعين ڪندو. افسوسناڪ پهلو اهو آهي ته ايران کي اڪيلو هر پاسي کان وڙهڻو پئجي رهيو آهي. جيڪڏهن ڪو به مسلمان ملڪ مالي سطح تي به ساٿ ڏئي ها ته حالتون ڪجهه بهتر ٿي سگهن ها. جيڪڏهن ايران بين الاقوامي معاشي پابندين ۾ جڪڙيل نه هجي ها ته منهنجي نظر ۾ ان جهڙو شاندار ملڪ شايد ڪو به نه هجي. ايران جيڪڏهن هن وقت جي اندرين بحرانن تي ڪنٽرول حاصل به ڪري وٺي، تڏهن به دير يا سوير رجيم چينج ديوار تي لکيل نظر اچي ٿي، ڇو ته حڪومت معاشي سڌارن جا واعدا ته ڪري رهي آهي، پر عوام هاڻي رجيم چينج جي پنهنجي پراڻي خواب کان پوئتي هٽڻ لاءِ تيار نظر نٿو اچي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.