سنڌ ۾ سهيل آفريدي جي شاندار آجيان ۽ سياست

حاڪم نصيراڻي

خيبر پختون خواه جي وڏي وزير جو سنڌ ۾ شاندار استقبال ڪيو ويو کيس اجرڪ اوڍائي ۽ ٽوپي بطور سوکڙي پارائي وئي ته هر طرف واه واه ٿي وئي۔ واه واه انڪري ٿي ته جو پنجاب ۾ کيس اهو مان مرتبو نه مليو جيڪو کيس سنڌ ۾ مليو۔ سنڌ پنهنجي مهمان نوازي جي روايت برقرار رکي يا پي پي پي مستقبل ۾ پنهنجي سياست لاءِ راه هموار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته پاڪستان جي سياست ۾ جڏهن به ڪو وڏو سوال جنم وٺي ٿو تڏهن اهو سوال صرف پارٽين بابت نه هوندو آهي پر رياست، جمهوريت ۽ اقتدار جي مستقبل بابت به هوندو آهي.

اڄڪلهه هڪ اهڙو ئي سوال گونجي رهيو آهي ته ڇا پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان تحريڪِ انصاف جو اتحاد ممڪن آهي؟ سوال سادو آهي، پر ان جي جواب ۾ سياست جا گهڻا تهه کلي پون ٿا. پاڪستان پيپلز پارٽي پاڻ کي جمهوريت جي محافظ، پارلياماني سياست جي علمبردار ۽ مفاهمت جي علامت سمجهي ٿي. هيءَ پارٽي اقتدار ۾ هجي يا اپوزيشن ۾ هميشه سسٽم اندر رهندي راند کيڏڻ تي يقين رکندي آئي آهي. ٻئي پاسي پاڪستان تحريڪِ انصاف جي سياست احتجاج، مزاحمت ۽ شخصيت مرڪوز بيانيي جي چوڌاري گهمندي رهي آهي. عمران خان جي سياست مفاهمت بدران مزاحمت ۽ طاقتور ڌرين جي آڱر اٿڻ تي يقين رکي ٿي۔ اهڙي صورتحال ۾ ٻنهي پارٽين جو گڏ ٿيڻ، نظرياتي طور ته ممڪن ٿو لڳي پر عملي طور ڏاڍو ڏکيو نظر اچي ٿو. ماضيءَ تي نظر وجهجي ته پي پي ۽ پي ٽي آئي وچ ۾ سياسي اختلاف رڳو اختلاف نه رهيا آهن پر سخت بيان بازي، الزام تراشي ۽ هڪ ٻئي کي سسٽم جو حصو يا  نااهل حڪمران قرار ڏيڻ تائين ڳالھيون وڃي پهتيون هيون. اهڙي تلخ تاريخ کانپوءِ اوچتو سياسي محبت جا گيت ڳائڻ، عوام لاءِ به حيران ڪندڙ هوندا. تنهن هوندي به پاڪستاني سياست ۾ هڪ حقيقت کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، اها آهي مجبوريءَ جي سياست. هتي ڪيترائي اهڙا اتحاد ٺهيا آهن، جيڪي نه نظريي تي هئا نه دوستيءَ تي پر صرف اقتدار جي حساب ڪتاب ۽ انگن اکرن جي ڦيرڦار تائين قائم رهيا. جيڪڏهن ڪنهن مرحلي تي اهڙيون حالتون پيدا ٿي وڃن جو حڪومت ٺاهڻ يا ڪنهن ٽئين سياسي قوت کي روڪڻ لاءِ گڏ ٿيڻ ضروري بڻجي وڃي ته پوءِ پي پي ۽ پي ٽي آئي وچ ۾ محدود يا مشروط تعاون ناممڪن نه رهندو. ممڪن آهي ته مڪمل ۽ ڊگهي مدي وارو اتحاد خواب ئي رهي پر پارليامينٽ اندر مخصوص معاملن تي گڏ هلڻ آئيني سوالن تي هڪ جهڙو موقف اختيار ڪرڻ يا چونڊن کانپوءِ مجبوريءَ تحت ڪو بندوبست ٿيڻ اهي سڀ صورتون پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ نيون ناهن.

آخرڪار سوال اهو ناهي ته پي پي ۽ پي ٽي آئي گڏ ٿيندا يا نه، اصل سوال اهو آهي ته ڇا پاڪستان جي سياست نظريي بدران مجبوريءَ تي ائين ڪيستائين هلندي رهندي؟ جيڪڏهن ائين ئي رهيو ته اتحاد به واءَ جي رخ سان ٺهندا ۽ ٽٽندا به آهن۔

حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته خيبرپختون خواه جي وڏي وزير جو سنڌ ۾ استقبال صرف هڪ پروٽوڪول تقريب نه پر گهڻ رخو سياسي پيغام ظاهر ڪري ٿو. سنڌ جهڙي صوبي ۾ جتي پيپلز پارٽي جي مضبوط حڪمراني آهي اتي خيبر پختون خواه جي وڏي وزير جو عزت ڀريو استقبال اهو ظاهر ڪري ٿو ته صوبن وچ ۾ سياسي اختلافن باوجود وفاقي سطح تي نرم لهجو ۽ رابطا وڌي رهيا آهن. هيءَ ڳالھه ٽڪراءُ بدران مفاهمت جو اشارو سمجهي سگهجي ٿي. سنڌ ۾ پي ٽي آءِ جو ايڏو اثر ناهي پر تنهن هوندي به ماضي جي اي اين پي جو ووٽر هاڻي پي ٽي آءِ جو ووٽر ۽ سپورٽر ضرور ٿيو آهي۔ انڪري خيبر پختون خواه جو وڏو وزير پختون ڪارڊ استعمال ڪرڻ لاءِ ڪراچي پهچي پي ٽي آئي جي سياست ۾ روح ڦوڪڻ جي ڪوشش ڪري پيو۔

سنڌ حڪومت پاران يا سنڌ جي سياسي حلقن ۾ اهڙو استقبال پيپلز پارٽي جي سياسي اعتماد کي ظاهر ڪري ٿو. پي پي پاڻ کي ايترو مضبوط سمجهي ٿي جو مخالف صوبي جي وزيراعليٰ سان ملاقات يا استقبال کي ڪو خطرو نٿي سمجهي، بلڪه ان کي سياسي روايت جو حصو بڻائي ٿي. پاڪستاني سياست ۾ اهڙا استقبال اڪثر صرف تصويرن تائين محدود ناهن هوندا. اهي پس پرده ڳالهين، مستقبل جي سياسي ترڪيبن يا پارلياماني تعاون جا به اشارا ٿي سگهن ٿا خاص طور جڏهن ملڪ ۾ سياسي غيريقيني صورتحال هجي. سياست هاڻي سخت بيان بازي کان هٽي ڪري نرم سفارتڪاري ڏانهن وڃي رهي آهي يا اهو سڀ ڪجهه رڳو وقتي سياسي ضرورت کي ظاهر ڪري ٿو۔ صوبائي سياست هاڻي هڪ ٻئي کي ٻڌڻ جي مرحلي ۾ داخل ٿي رهي آهي برحال سياسي رنگ ڀل ڪهڙا به هجن سنڌ سرڪار جي صوبائي وزير سعيد غني خيبر پختونخواه جي وڏي وزير جو جنهن انداز سان استقبال ڪيو ان سنڌ جي روايتن کي ظاهر ڪيو ته سنڌي مهمان نواز ضرور آهن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.