گل حسن ڪلمتي، سنڌ جو هڪ بهادر، جدوجهد ڪندڙ، ۽ متحرڪ ادبي ۽ سماجي ڪردار هو. سندس پهرين ورسيءَ جي موقعي تي مختلف ٻولين ۾ لکيل 20 مضمون پڙهيا ويا، جن کي اختر رسول ترتيب ڏئي ڪتابي صورت ۾ پيش ڪيو آهي. هي ڪتاب "نئون نياپو پبلشر” پاران شايع ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ گل حسن ڪلمتيءَ جون ڪجهه تصويرون به شامل آهن. انهن مضمونن مان 11 سنڌي، 6 اردو، 2 بلوچي، ۽ 1 انگريزي ٻوليءَ ۾ آهن. هن ڪتاب جي مهورت گل حسن ڪلمتيءَ جي ٻي ورسيءَ جي موقعي تي 24 مئي 2025ع تي آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ ڪئي وئي. ڪتاب ۾ مختلف لکندڙن گل حسن ڪلمتيءَ جي شخصيت، ادبي خدمتن، فڪري سوچ، ۽ سندس ڪتابن بابت پنهنجا ويچار پيش ڪيا آهن.
جيڪڏهن هن ڪتاب ۾ سڀ کان بهترين مضمون جي ڳالهه ڪجي ته منهنجي خيال ۾ سمورا مضمون پڙهڻ کان پوءِ ڪراچيءَ جي تاريخ سان لاڳاپيل ٻه مضمون وڌيڪ متاثر ڪن ٿا: "ڪراچي عهدِ تاريخ ۾” ڪليم الله لاشاريءَ جو ۽ "ڪراچي قبل از تاريخ” اسماءٰ ابراهيم جو. اهي ٻئي مقالا ڪراچيءَ جي تاريخ، ڪراچيءَ جي نالي، ۽ مختلف دورن ۾ هتي ايندڙن جي سفر تي ٻڌل تحقيقي ڪم تي مشتمل آهن
عبدالحڪيم بلوچ جو مضمون: "بلا عنوان” عبدالحڪيم بلوچ پنهنجي مضمون "بلا عنوان” ۾ لکي ٿو "تاريخ سان گل حسن ڪلمتيءَ جي محبت جو اندازو ان ڳالهه تان به لڳائي سگهجي ٿو ته هن سنڌ ۽ بلوچستان جي رومانوي ڪردار ‘سسيءَ’ جي قدمن جي نقشِ پا تي رخمان گل پلارين سان گڏ بمبور کان کينچ مڪران تائين سفر ڪيو. هن سفر جي داستان کي پوءِ ڪتابي صورت ۾ به پيش ڪيو.” کيس نه رڳو تاريخي آثارن جي مشاهدي ۽ ڊيٽا گڏ ڪرڻ جو شوق هو، پر پنهنجي تخليقي صلاحيتن ذريعي انهن آثارِ قديمه ۽ دستياب معلومات مان نتيجا اخذ ڪرڻ، ۽ انهن نتيجن کي عام فهم ۽ سادي زبان ۾ بيان ڪرڻ جو به غيرمعمولي ملڪو حاصل هو. ڪراچيءَ جي تاريخ، ثقافت، تهذيب، تمدن، ۽ جاگرافي خاص طور تي ملير جو فطري حسن، ان جي مٽي ۽ پاڻي گل حسن جي سوچ ۽ تخليقي ڪوششن جو مستقل حوالو رهيا. ان جو هڪ روشن ثبوت سندس ڪتاب "Karachi: Glory of the East” آهي، جيڪو نه رڳو ڪراچيءَ سان سندس والهاڻي محبت جو اظهار آهي پر ڪراچيءَ جي تاريخ تي هڪ مستند دستاويز جي حيثيت به رکي ٿو حقيقت اها آهي ته گل حسن ڪلمتي پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن ۽ ادارو هو. اها ڳالهه پوري اعتماد ۽ يقين سان چئي سگهجي ٿي ته جيڪو ڪم اڪيلي گل حسن انجام ڏنا، اهي ڪيترائي ادارا ملي ڪري به نٿا ڪري سگهن.
گل حسن ڪلمتي سنڌ جو هڪ منفرد، وسيع المطالعه، ۽ ترقي پسند فڪر رکندڙ دانشور هو. مٿس لکيل مضمون ڊاڪٽر سيد جعفر احمد تحرير ڪيو آهي. هن مضمون ۾ گل حسن جي شاگرديءَ واري دور، خاص طور تي ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سندس شاگرد سياست کي اجاگر ڪيو ويو آهي. هن مضمون جي اهميت ان پهرين به نمايان آهي ته گل حسن جنهن دور ۾ سياست ڪئي، اهو جنرل ضياءُ الحق جو مارشل لا جو سخت دور هو. انهن دورن ۾ هن اسٽڊي سرڪلز منعقد ڪيا ۽ سوشلسٽ و نيشنلسٽ رجحان رکندڙ تنظيمن سان وابسته رهيو. اهي ئي نظريا سندس سڄي زندگيءَ تي حاوي رهيا، ۽ هو سڄي عمر انهن ئي نظرياتي جماعتن ۽ اهلِ فڪر و دانش سان وابسته رهيو. سياست تي سندس گهري نظر ۽ شعوري وابستگي هن مضمون کي وڌيڪ اهم بڻائي ٿي. اسماءٰ ابراهيم جو مقالو: "ڪراچي: قابلِ دريافت” هي مضمون ڪراچيءَ جي قديم ماضيءَ تي ٻڌل آهي، جيڪو هڪ اهڙو موضوع آهي جنهن تي هينئر تائين گهڻو گهٽ تحقيق ٿي آهي ۽ نه ئي ان تي خاطرخواهه تحريري ڪم سامهون آيو آهي. ڪراچيءَ جي "پٿر جي دور” يا ان جي قديم مقامن سان منهنجو تعارف ان وقت ٿيو، جڏهن منهنجي ملاقات پروفيسر عبدالروف خان سان ٿي. ٻيا اهم نقطا ڪراچيءَ جي نالي، ان جي تاريخ، ۽ مختلف دورن ۾ ڪراچيءَ جي شڪل و صورت تي ڪتابي حوالن سان سير حاصل بحث ڪئي وئي آهي هن پوري ڪتاب (يا مجموعي) ۾ ٻه نقطا اهڙا آهن جيڪي منهنجي راءِ ۾ ان کي ٻين تحريرن کان ممتاز ڪن ٿا:
گل حسن جو اهو ڪم جيڪو هن مُرشد روايت (oral history) تي ڪيو. اسماءٰ ابراهيم جو مضمون، جيڪو ڪراچيءَ جي تاريخِ ماقبل تي هڪ شاندار ۽ علمي ڪوشش آهي. هي مضمون صرف هڪ تحقيقي ڪوشش نه، پر هڪ فڪري اپيل آهي ته ڪراچيءَ جي ان ماضيءَ کي محفوظ ڪيو وڃي، جيڪو هاڻي اسان جي بي حسيءَ جو شڪار ٿي مٽجندو پيو وڃي.
پروفيسر سائين رحمان گل پالاري پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو: جڏهن گل حسن ڪلمتيءَ سوشل ميڊيا تي "هڪ تصوير هڪ ڪهاڻي” جي نالي سان هڪ سلسلو شروع ڪيو ته ماڻهن ان کي بيحد پسند ڪيو. ان ڪاميابيءَ کان پوءِ هن هڪ ٻيو سلسلو شروع ڪرڻ جو ارادو ڪيو ، اهڙو سلسلو جيڪو تاريخ جي انهن گمنام ۽ ڌنڌلن گوشن کي سامهون آڻي جن کان عام ماڻهو اڻڄاڻ هئا. هي نئون سلسلو "تاريخ: حقيقت جي ڪهاڻي” جي عنوان سان شروع ڪرڻ جي تياري ٿي رهي هئي. ان ۾ اهڙا ڪردار ۽ واقعا شامل ڪيا وڃڻا هئا جن کي تاريخ جي صفحن تان دانسته يا نادانسته طور تي غائب ڪري ڇڏيو ويو هو. مثال طور چاڪر خان ڪلمتي، قادر بخش رند، خادم مڪراني، موهٽاني پيلس جهڙا نالا ۽ انهن سان جڙيل ڪهاڻيون هن سلسلي جو حصو هيون. اها اُها تاريخ هئي جيڪا دونھون ۽ پاڇي ۾ لڪيل هئي. مثال طور چاڪر ڪلمتي کي دريجي اتران ۽ چپڪندار جي علائقي کان گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته ڪادو مڪراني کي داسو پڙه جي مقام تي گرفتار ڪيو ويو ۽ اهو سڀ جت بغدادي ٿاڻي ۾ ڪيل مخبري جي نتيجي ۾ ٿيو. گل حسن ڪلمتيءَ انهن سمورن واقعن ۽ حقيقتن کي ثبوتن سان عوام جي سامهون آڻڻ جو ارادو ڪيو