سنڌ ۾ ايترا ماڻهو قبيلائي تڪرارن ۾ نه ٿا مرن جيترا روڊ حادثن ۾ موت جي مُنهن ۾ هليا وڃن ٿا،(جيڪا ڪنهن حد تائين صحيح ڳالهه به هئي) پر هينئر حالتون اُن کان به بدتر ٿي ويون آهن، هاڻي قبيلائي جهيڙن کان ٻيڻ ياٽيڻ تي روڊ حادثن ۾ ماڻهو مرن ٿا. مگر افسوس اڃان تائين سرڪار ۽ ٽرانسپورٽ فيلڊ وارن کي اِن جو سبب سمجهه ۾ ناهي اچي سگهيو. يا ڄاڻي واڻي اکيون بند ۽ ڪن لاٽار ڪيو ويٺا آهن، روڊن ۽ هاءِ ويز جي حالت تي نظر ڦيرائجي ٿي ته اکيون پٿر ٿيو وڃن ۽ وري اهڙن کَڏن، کامن ۽ جهول پيل ٽُٽل ڦُتل روڊن تي هزارن جي تعداد ۾ مختلف قسم جي گاڏين کي ڏسجي ٿو ته مٿو چڪرائجي وڃي ٿو. جتي ڊبل ڪراس يا گُهتي ڏيئي اڳ ڪڍڻ جو ناسُور به جام ملي ٿو. ماڻهو جيڪي ملازمت يا ڪنهن ٻئي ڪم ڪار سانگي هڪ کان ٻئي شهر پبلڪ ٽرانسپورٽ تي اچ وڃ ڪن ٿا، اُهي يا ته پاڻ اهڙن حادثن جو شڪار ٿين ٿا يا اهڙا حادثا ٿيندي روزانو ڏسن ٿا. حادثن ۾ هڪ فرد کان وٺي خاندانن جا خاندان ختم ٿيو وڃن. مگر مرندڙن سان مذاق اِها جو هڪ ته جنهن جاءِ تي حادثو ٿئي ٿو اُت فوري رييسڪيو جي سهولت ناهي، ماڻهو تڙپي تڙپي مرن ٿا، ٻيو جيستائين سندن وارث پهچن ايستائين بيحس ماڻهو حادثن ۾ مري ويلن جا کيسا خالي ڪري وڃن ٿا، عورتن کي پاتل زيور لاٿا وڃن ٿا، ڪجهه تصويرون ڪڍڻ ۽ وڊيوز ڀرڻ ۾ لڳا پيا هجن ٿا، هجوم تماشو ٺاهي بيهي ٿو، ڪير به کين تُرت علاج لاءِ اسپتال کڻي وڃڻ جهڙو ثواب جوڪم نه ٿو ڪري، جيڪو سماجي ۽ شرعي طور انساني فرض آهي. معاشري ۾ ايڏي بي حسي ڏسي يا ٻڌي هڪ حساس دل ماڻهو ڄڻ ته پاڻ دِلي ۽ ذهني طور تي اهڙي ڪنهن حادثي جو شڪار ٿي وڃي ٿو ۽ پِنڊ پهڻ ٿي رهڻ لڳي ٿو. شڪار ٿي (اندران جُهري پوي ٿو) جنهن جو مطلب ٿيو ته سماج مان ، همدردي، رحمدلي، ٻئي جو احساس، انسانيت ۽ هڪٻئي جي مدد ڪرڻ جهڙا جذبا ناپيد ٿي رهيا آهن هڪ اهڙي دُکدائڪ خبر ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ پڙهي ته ”فيض گنج“ ڀرسان هڪ همراھ کي ٽِن معصوم پُٽن سميت خُوني ٽرالر چياٽي ڇڏيو، جنهن حادثي ۾ ٻار ٿڏي تي فوت ٿيا ۽ سندن پيءُ شديد زخمي ٿي پيو. هاڻي جي اُهو پيءُ ٺيڪ ٿي حادثي کي ياد ڪندو۽ پنهنجي معصوم پُٽن جي اهڙي المناڪ موت کي ياد ڪندو ته هُُو ڪهڙي زندگي جيئندو؟ هُن جي ته دنيا اُجڙي وئي ۽ پاڻ به ڄڻ ته جيئري موت جي مُنهن ۾هليو ويو. اهڙا ڪَئين حادثا روز اخبارن ۾ رپورٽ ٿين ٿا، ڪو به مئن روڊ، سي پيڪ روڊ يا لِنڪ روڊ ڪنهن ماڻهوءَ لاءِ محفوظ رستو ناهي، جتي قدم قدم تي موت جو راڪاس بيٺل آهي. ڪراچي ۾ خُوني ڊنپمرن جو بِنا بريڪ بَلائُن جو ڇِتو ڀڄندڙ ٽولو ماڻهو ماريندو وتي ٿو، سنڌ جي ٻين شاهراهن تي ننڍين گاڏين کي وڏين گاڏين جي ٽڪر جو خوف رهي ٿو. انهيءَ سڄي منظر نامي ۾ وڌيڪ متاثر بائيڪس وارا ٿين ٿا، جيڪي ڪنهن وڏي گاڏي جي ٽڪر جو نشانو بڻجن ٿا يا اُن جي سوين مڻ وزن هيٺيان اچي چيڀاٽجي فوت ٿين ٿا. بد مست بَسون، ٽرڪون، وڏا ٽرالا، ڊمپر، ٽريڪٽر ٽراليون ۽ مزدا ٽائيپ گاڏيون اهڙن حادثن جا سڀ کان وڌيڪ ذميدار آهن. جن جا سيکڙاٽ يا چَرسي ڊرائيور نه ٿا ڏسن بائيڪ واري کي، نه ٿا ڏسن ننڍي ڪار واري کي، نه ٿا ڏسن روڊ پار ڪندڙ ڪنهن وڏي عمر جي ماڻهو، عورت، ٻار يا شخص کي ۽ نه ٿا ڏسن روڊ ڪناري بيٺل يا ستل ماڻهن کي. بس ايڪسيليٽر تان کين پير هٽي ئي نه ٿو، تيز رفتاري سبب ماڻهو ماريندا ۽ گهر اُجاڙيندا وتن ٿا. آخر اهڙن هاڃن جو نوٽس ڪير وٺندو، ڪير اهڙن بد مست گاڏيون هلائيندڙن خلاف ڪارروائي ڪندو؟ چا هي هر اداري کان طاقتور آهن؟ فوج، پوليس، ٽريفڪ پوليس، مقامي انتظاميه ۽ ٻيا سيڪيورٽي ادارا اهڙن حادثن تي خاموش تماشائي بڻجي وڃن ٿا ۽ ان کي الله جي رضا سمجهي(خُوني گاڏي واري سان) ٺاھ ڪري انهن کي ناڪيلي نه ٿا وجهن، جنهن جي ڪري اِن مافيا جي ڪنهن تي اک ئي نه ٿي ٻڏي.
وري جي وين (ويڳن) وارن جي مقابلي بازي( هڪ ٻئي کان اڳ ڪڍڻ جي خِبط) کي ڏسجي ٿو ته ڏِيل ڏَڪي ٿو وڃي. پنجاھ سوءَ رُپين جي خاطر هُو به ماڻهن (مُسافرن) جي زندگين سان کيڏڻ جو شوق بغير ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي پورو ڪن ٿا. نه ٿا ڏسن رش واري جاءِ، نه ٿا ڏسن ڪچو پڪو رستو، نه ٿا ڏسن جمپ، بريڪر ۽ ٽُٽل ڀڳل روڊ، انهي لالچي سوچ تحت مقابلي بازي ڪن ٿا ته متان اڳين اسٽاپ تي بيٺل مسافرن کي پوئين گاڏي نه کڻي وڃي اِنهي ناقص سوچ تحت گاڏيون ڀڄائيندي يا پاڻ ڪنهن حادثي جو شڪار ٿين ٿا يا ڪنهن بائيڪ واري يا روڊ ڪراس ڪندڙ پيدل ماڻهو کي پاسو هنيو وڃن ٿا.
ٻئي پاسي سرڪار سڳوري جا ڪم اِهي آهن جو ڪنهن به گاڏي واري وٽ (گاڏيءَ جو) فِٽنيس سرٽيفڪيٽ نه آهي، مطلب ڪو چيڪ اينڊ بئلنس نه آهي. گهڻن ڊرائيورن وٽ لائسينس ڪونهي ۽ نه ئي رستي تي هلڻ جي ڪنهن قائدي يا قانون جي خبر آهي، جيئن مان پهريان لکي آيو آهيان ته ڪوبه محڪمو ان سڄي خطرناڪ صُورتحال کي نه ته ڪنٽرول ٿو ڪري نه نظر ٿو رکي ۽ نه ڪنهن کان ڪو پڇاڻو ٿئي ٿو. جنهن جو فائدو ٽرانسپورٽ مافيا کڻي ٿي، ماڻهو مرن ته ڀلي مرن، اِن سان ڪنهن واسطيدار جو واسطو نه آهي ۽ نه ئي ڪنهن مُتعلقه سرڪاري عهديدار، وزير يا سياستدان کي تڪليف پهچي ٿي! ڇو ته گهر ته ٻين جا اُجڙن ٿا.
اِن سڄي مامري ۾ صرف وڏين گاڏين ۽ ڊرائيورن جي ڪوتاهي يا لاپرواهي شامل ناهي ٿورو قصور عوام جو به آهي، پهرين ته اهڙي صُورتحال (ڪنهن گاڏيءَ جي تيز رفتاري يا ڊرائيور جي موبائل فون تي ٻئي سان ڪچهري ڪرڻ کي مسافر ايڊجسٽ ڪن ٿا) رڳو ساھ مُٺ ۾ رکي خير خير ۽ رب رب جو وِرد ڪنداحادثي جو انتظار ڪن ٿا. مسافرن کي به کپي ته اهڙي خطرناڪ يا ڊرائيور جي رَف ڊرائيونگ جي صُورتحال ڏسي ڊرائيور کان پڇاڻو ڪن ته بابا اسين ٻارن ٻچن وارا آهيون، گاڏي طريقي ۽ سليقي سان هلاءِ، ته يقينن ڪنهن حد تائين ايڪسيڊنٽ يا ڪنهن گاڏي سان ٽڪر جا چانسز گهٽ ٿي سگهن ٿا. پر مجال آهي جو مسافر ڊرائيور جي اهڙي اُجلت تي ڪجهه ڪُڇن. ڇو ته مسافر ويچارا ڄاڻن ٿا ته اُنهن جي احتجاج سان ڪجهه ڪونه ٿيندو.