رونتي امن قافلو ۽ امن جي اميد

محمددين راڄڙي

رونتي ڏانھن صحافي دوست اعظم سھرياڻي جي سڏ تي روانگي کان پھريئن المرتضي ھوٽل ڏھرڪي تي ڏاڍا جذباتي منظر ھئا.ننڍڙين ٻارڙين جي ھٿن ۾ قران پاڪ ۽ گڏ ٿيندڙ ماڻھن جي چھرن تي امن جي حاصلات ۽ پرجوش ھئا اسان به شاھ جو رسالو،سچل سرمست جو رسالو ۽ شوڪت ناھڙ صاحب نھج البلاغ پنھنجي حرا اسڪول جي لائبريري مان کنيو.جيئن قافلو ساڍھين ڏھين بجي ڏھرڪي کان نڪتو  ته اوٻاوڙي رونتي روڊ تي گلن جي ورکا سان ڀرپور آجيان ٿي ۽ پندرھن منٽن تائين قافلو بيھجي ويو.اوٻاوڙي کانپوءِ امن قافلو ٻيڻو ٿي ويو ۽ جيئن اڳتي وڌياسين مختلف اسٽاپن،ڳوٺن تي قافلي جي آجيان ٿيندي رھي.ماڻھو گھر ڇڏي روڊن تي قطارون ٺاھي گلن جا ھار کڻي بيٺا ھا.ڳوٺ حضور بخش جتوئي وٽ استقبال وقت ڪجهه نوجوان قافلي ۾ شامل ٿيا جنھن وٽ سفيد جھنڊا ھئا جنھن تي لکيل ھو امن زندہ ڀاد پاڻ ۾ سڀ ڀائر آھيون اچو  ته ٺاھ ڪيون ۽ اوٻاوڙي کان رونتي شھر 12  ڪلو ميٽر مفاصلي تي آھي ۽ رونتي شھر کان رونتي بچاءُ بند 04 ڪلو ميٽر آھي .روڊ جي ٻنھي پاسن کان ڪيترائي مختلف برادرين جا ڳوٺ آھن.مياڻي جھڙا ننڍڙا ٽائون آھن جتي ميراڻي برادري جو تاريخي ڳوٺ آھي،اھي سڀ قافلي جي نه فقط آجيان ڪري رھيا ھئا ۽ مون ڪار جي شيشي مان ڏٺو  ته عورتون ٻيئي ھٿ مٿي ڪري امن قافلي جي ڪاميابي جون دعائون گھري رھيون ھيون.قافلي ۾ ماڻھو،گاڏيون موٽر سائيڪل شامل ٿيندا ويا ۽ اسان اندازو لڳايو  ته 4 کان پنج ھزار ماڻھو ٻہ کان اڍائي ڪلو ميٽرن جي گاڏين ۽ موٽر سائيڪلن جي قطار ۾ ھلي رھيا ھا.

رونتي شھر ۾ جيئن قافلو داخل ٿيو  ته تمام وڏو استقبال ٿيو،جنھن ۾ جي.آئي.يو جا مولوي صاحب به پنھنجا جھنڊا کڻي بيٺل ھئا ۽ شھر جي مختلف ماڻھن قافلي جي ماڻھن کي فروٽ جا شاپر ۽ منرل واٽر پاڻي جون ننڍيون بوتلون ڏيندا ويا،رونتي ۾ ميرپور ماٿيلو کان فقير رمضان ڪلوڙ،اظھر ڪلوڙ ،نعمان سنڌي ۽ ٻين ڌرين تي ٻڌل جسقم جو قافلو اچي شامل ٿيو  ته اڃان قافلي جي سائيز ۾ اضافو ٿي ويو، ھڪ. نوجوان موٽر سائيڪل تي سفيد جھنڊو ٻڌي پٺيان پنھنجي نياڻي  کي کنيو ھو ۽ ان جي موٽر سائيڪل جو پويون مڊ گارڊ ڳريل ھو، امن ۽ انسانيت جي احساس جو معني خيز منظر ۽،اھڙا ڪيئي روح پرور منظرھئا،جيڪي اسان ڏسندا رھياسين .

رونتي بنيادي طور تي تاريخي شھر رھيو آھي،جتي اڪثر آبادي سنڌي ديوانن جي ھوندي ھئي، ھي سنڌي واڻين جو شھر سڏبو ھو ۽ سمورو شھر 04 دروازن ذريعي رات جو بند ٿيندو ھو اھي چار دروازا ھاڻي به موجود آھن.جنھن جي اندر ديوانن جا پاڙا ۽ حويليون ھونديون ھيون جنھن ۾ ھاڻي ورھاڱي پڄاڻان فقط اردو اسپيڪر ملڪ برادري رھي ٿي،جيڪا ورھاڱي کانپوءِ ھتي آباد ٿيا.رونتي شھر جي ان 04 تاريخي درن کان ٻاھر چاچڙ، منگي،ميراڻي،گھنڃا، ڏھر،ڪوري ۽ ٻين برادرين جا ماڻھو آباد آھن پر شھر ۾ ڪاروباري طبقو 80 فيصد کان مٿي اردو اسپيڪر ملڪ برادري آھي ۽ باقي چاچڙ ۽ ٻين برادرين جو رونتي سان تعلق گھڻو تڻو خريدار وارو آھي.جڏھن  ته شر برادري اڪثر ڳوٺ رونتي ڪچي ۾ آھن ڪجهه اوٻاوڙو ۽ رونتي جي وچ ۾ به ڳوٺ آيا.رونتي آبي تھذيب جي ان شھرن جي لڙي جو ھڪ خوبصورت شھر آھي،جنھن جي ھن وقت جي حساب سان ماڇڪي شھر کان ٿئي ٿي،ان کي به دروازا آھن ۽ رات جي وقت دروازا بند ڪري مھرن مطلب (مورچن ) تي پھريدار بيھاريا ويندا ھئا.جيڪو شھر پڻ ون يونٽ کانپوءِ پنجاب حوالي ٿي ويو ۽ ھاڻي اتي آبادي ماڇي(سولنگي)ڪوش،سنڌي ديوان ھوندي ماڇڪو پنجاب جو حصو آھي،جتي 99  سيڪڙو ٻولي سنڌي  ڳالهائي ويندي آھي.رونتي شھر ۾ گئس ،بجلي،اسپتال،ٿاڻي سميت سڀ سھولتون آھن ۽ چڱي ،ڀلي آبادي ۽ رکندڙ ھڪ خوبصورت تاريخي شھر آھي.جنھن جا سيٺ رونتي ڪچي جي ھر ضرورت مھيا ڪندڙ آھن ۽ اتان جي مقامي ماڻھن ٻڌايو  ته ھو مقرر اگهه کان گھٽ اگهه تي ڪڻڪ،ڪمند خريد ڪندا آھن،ان بھاني تي پوليس ۽ ٽرانسپورٽ جو خرچ اضافي لڳندو آھي.

رونتي شھر کان بچاءُ بند 04 ڪلو ميٽر آھي ۽ اتي ھڪ پوليس جي چوڪي آھي ،ان چوڪي جي رونتي واري پاسي ھڪ شاندار ايريگيشن جو بنگلو نظر ايو،جيڪو انگريزن جي حڪمراني جي باقيات ھو،پر ان جي مالڪي نه ھئڻ سبب ڀڄي ڀري رھيو ھو.بچاءُ بند کان جيئن ماڻھو رونتي ڪچي ۾ داخل ٿئي ٿو  ته ڄڻ ھڪ نئين حسناڪ سفر جي شروعات ٿئي ٿي،ڪچو دراصل سنڌو درياءُ کي الاٽ ڪيل،مقرر ڪيل ،عطا ٿيل زمين جو نالو آھي،ڪچو گھمڻ مطلب درياءُ جو پيٽ گھمڻ برابر اھي.ڪچن،ڊاسڙ واري رستن جي ٻنھي پاسن تي ڪمہد جو اڻ کٽندڙ فصل آھي،لوسڻ،سرنھن ،ساڳ جا گھرا ساوا پيلن گلن جا فصل آھن.نگاھ کٽي وڃي سون پئدا ڪندڙ زمين نه کٽي. رونتي جي پيٽ ۾ ڪنھن زماني ۾ مختلف ٻيلا ھا انھن مان ھڪ بيا ٻيلو به ھو،جتي ھاڻي مشھور پوليس پڪٽ ”بيا پڪٽ“ آھي،جنھن جي پنھنجي تاريخ آھي،جنھن ۾ پنج پوليس افيسر شھيد ٿيا ۽ ڪيترائي دفعا ان تي حملو ٿيو آھي.ايڪڙ کان مٿي ان چوڪي جي چوڌار مٽيءَ جو وڏو بند ڏنل ھو ۽ ھڪ پاسي ھڪ بھترين عمارت…ڪجهه ڪوٺا نظر آيا ،جنھن جي آسپاس وڏيون لائيٽون لڳل ھيون ۽ اتي ھڪ موبائل ٽاور نموني لوھو مينار پڻ نظر آيو،جيڪو شايد مواصلاتي نظام ھلائڻ لاءِ بوسٽر ھو..بيا پڪٽ ڪراس ڪري ڏھن،پنڌرن ايڪڙن جي وٿي تي عمر خان شر جي اوطاق ھئي جتي امن قافلي جو پھريون پڙاءُ ھو،جتي پھچڻ شرط قافلي جي آجيان ڪئي ويئي،اتي قافلي جي دوستن اصلاحي تقريون ڪيون.ڄاموٽ ٻروچ سوچ خلاف نعري بازي ڪئي ۽ انسانيت زندہ باد جا نعرا لڳايا جنھن جي شر قبيلي جي ھٿيار بندن توڻي عام ڳوٺاڻن ڀرپور حمايت ڪئي  ته واقعي اھا سوچ ڪجهه ڌرين پئدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي،جنھن جي اسان به مزاحمت ڪيون ٿا.اتي سول سوسائٽي جي ماڻھن،ڪامريڊن،مولوي صاحبان ماڻھن کي سمجھائڻ ۽ امن طرف قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،اڪثر امن چاھين پيا ۽ امن قافلو ڀرپور مثبت سماجي اثر پئدا ڪرڻ ۾ ان حد تائين ڪامياب ٿي رھيو ھو  ته سيز فائر ڪرائي فيصلي جي تاريخ مقرر ڪرائجي.ان اوطاق تي مونکي انتھائي گھٽ عمر جي ٻارن جي ڪلھن ۾ موتمار ھٿيار ڏسي شديد افسوس ٿيو.۽ ھڪ معصوم ٻار جي مون تصوير ٺاھي،جيڪو ڪجهه سالن جو ھو،جنھن جو مستقبل ھزارين ان ٻارن جھڙو تاريڪ نظر آيو،جيڪي رونتي جي مختلف پنجن،چھن گھرن جي گھٽين مان ٻاھر نڪري اسانجي امن قافلي کي امن جي اميد طور ڏسي رھيا ھئا.شر برادري جي شھزادي شر جيڪو عمر خان شر جو پٽ آھي،ان سڀني سان ٺاھ ڪرڻ ۽ ننڍو ڀٽو سان ٺاھ نه ڪرڻ جو چيو پر، بعد ۾ ھڪ نياڻي جي  منٿ سبب ھو ڀٽن سان به الڳ فيصلي ڪرڻ ۽ سيز فائر تي راضي ٿيو.دعا کانپوءِ قافلو سيلرن جي ڳوٺ ڏانھن وڌيو.اتي مون ھڪ  ڳالهه شديد محسوس ڪئي  ته ڪچي ۾ رياست جي رٽ نه ھئڻ برابر آھي.اتي قبيلن پنھنجي ”حد“ مقرر ڪئي آھي.

سيلرن جي ڳوٺ پھچندي مونکي گارشيا مارڪيز جي جڳ مشھور ناول ”اڪيلائي جا سئو سال“ وارو ماڪوندو ڳوٺ ياد اچي ويو.ھن ڳوٺ جي مھڙ ۾ وڏي اڌ گول جيترو ھڪ مھرو ھو ،ان سان گڏ ھڪ ٻيو وڏو مورچو،جنھن تي ھٿياربند پھري تي بيٺل ھئا ۽ جيئن ڳوٺ ۾داخل ٿياسين ماڪوندي ڳوٺ جھڙا منظر ھا…ھر گھر اڳيان بند ڏنل،مال متاع،سادا ۽ لوڙھن وارا کليل گھر،ھڪ وڏي ڇپري نما اوطاق ۽ ٻاھران ثينٽ لڳل.جتي پڻ غيرمشروط فيصلي لاءِ رضا مندي ڏيکاري ويئي ۽ قافلي کي ماني پڻ کارائي ويئي.اتي پڻ ھر ماڻھو جھيڙي کان تنگ ۽امن جو آسوند نظر آيو ،اتان قافلي ڌونڌن ي ڳوٺ نڪتو،جتي پڻ مثبت وٽ ملي ۽ تڙت برادري کي ڏوراپو ڏيندي نظر آيا  ته ھو ڀلا پاڙيسري رھيا آھن.اھا  ڳالهه ھڪ پوڙھي سيلري به ٻڌائي  ته شر سيلرا شادي غمي ھڪٻئي جا گھرا دوست ھئا ،پوءِ ٿورين  ڳالههين کان اچي ھت پھتا آھيون. شرن جي ڳوٺ ۽ سيلرن جي ڳوٺ ۾ موجود اينگرو جا اسڪول جھيڙي سبب ويران نظر آيا،اتان پوءِ وسطي جيوڻ کان ڪچي مان نڪري رنگ ڪوش ڪوشن جي ور وڪڙن واري رستي تان ٿيندا ڪوش برادري وٽ پھتاسين انھن پڻ صلح تي راضپو ڏيکاريو…ان کانپوءِ اسان قافلي کان موڪلائي قتال اڏي کان ٿيندا رونتي روڊ تي چڙھي اوٻاوڙي کان ٿيندا ڏھرڪي واپس پھتاسين.رونتي ڪچي ۾ گھاريل ھڪ تاريخي ڏينھن اھو احساس ڏياريو  ته اوٻاوڙي کان تقريبن ويھارو ڪلو ميٽر پري ھن الڳ دنيا جو مزاج ،تاثر مڪمل بدلائي سگھجي ٿو جيڪڏھن اتي روڊ رستا،اسپتال،تعليمي ادارا،ٽيڪنيڪل ۽ ھنري ادارن جي قيام سان گڏ رونتي شھر ۾ انڊسٽري لڳڻ گھرجي ۽ حڪومتي رٽ کي بحال ڪري،امن امن ڪرائي ،ڪائونسلنگ ڪئي وڃي ،پوليس ڏاڍ نه ڪري،وڏيرا پنھنجي پاليسي مٽبت ڪن  ته ھي معروضي طور زرخيز فطرت جو املھ خزانو ھن علائقي جي معاشي قسمت مٽائي سگھي ٿو.ان ڏس ۾،سنڌ سرڪار کي نئين سماجي معاھدي طرف اچڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.