سنڌ اندر زراعت کاتو به موجود آهي ۽ ان جو وزير به هوندو آهي پر پوءِ به گذريل 20 ورهين کان لاڳيتو هر سال ڪمند جي پيڙائي جو گهوٽالو نروار ٿئي ٿو جيڪو ختم ٿيڻ جو نانءُ نه ٿو وٺي. اهو زراعت جو کاتو ئي ڪهڙو ۽ ڪهڙو ان جو وزير جنهن کي اهو ٻڌائڻو پئجي رهيو آهي ته ڪمند جي پيڙائي جي سيزن پهرين آڪٽوبر کان 15 آڪٽوبر تائين جي هوندي آهي يعني انهن تاريخن ۾ شگر ملن کي آبادگارن کان ڪمند خريد ڪري پيڙائي جو عمل شروع ڪرڻو هوندو آهي. انهن ڏينهن ۾ ڪمند به صحتمند هوندو آهي، ان ما پيداوار به ججهي نڪرندي آهي ۽ ڪمند جو فصل به سٺو ۽ صحتمند هوندو آهي ۽ ظاهر آهي ته ان ان صورت ۾ اهو قيمت به سٺي ڪندو آهي جنهن سان آبادگارن جو به ڀلو ٿيندو آهي پر شگر مل مالڪن جا وري پنهنجا مفاد هوندا آهن. شگر ملن جا مالڪ وري هر سال ان ڪري آبادگارن کان دير ۾ دير ڪمند خريد ڪندا آهن ته جيئن ڪمند سڪي وڃي ۽ پنهنجو ملهه ڪيرائي ته جيئن اهي گهٽ اگهه تي ڪمند خريد ڪن. جڏهن ته آبادگارن جو وري زور انهيءَ ڳالهه تي هوندو آهي ته کين ڪمند جي سٺي قيمت ملي، گهٽ ملهه تي ڪمند وڪڻي اهي پنهنجو نقصان ڪرڻ ناهن چاهيندا.
اهو ئي آبادگارن ۽ شگر مل مالڪن جو مفاد آهي جنهن سبب هر سال تڪرار ٿئي ٿو. هاڻي ته ڪمند جي پيڙائي جو اهو اشو ڪشمير جهڙو بحراني ٿي ويو آهي جيڪو گذريل ويهن سالن کان نبري نه سگهيو آهي اڃان به شديد کان شديد بحراني حالتن جي وڃي رهيو آهي جنهن ڪري مجموعي طور تي سنڌ جي زراعت ۽ ڪمند جي فصل کي ئي تباهي پلئه پئجي رهي آهي پر جيڪڏهن مهل سان ڪمند جي ڪٽائي ٿيندي ته آبادگارن کي ڪڻڪ پوکڻ لاءِ به مناسب وقت تي زمين ملي ويندي پر جيڪڏهن وقت تي ڪمند جي ڪٽائي نه ٿيندي ته پوءِ ڪڻڪ جو فصل به وقت تي پوکجي نه سگهندو.
سو ڪمند جي پيڙائي جي بحران جو اهو پس منظر ٻڌائي ٿو ته ويهه سالن کان ان گهوٽالي جا ذميوار شگر ملن جا مالڪ ئي آهن جيڪي پنهنجي مفاد ۾ صحتمند ڪمند خريد ڪرڻ بدران سُڪل ۽ مٺاڻ کان وانجهيل گهٽ قيمت جي لالچ ۾ ڪمند خريد ڪرڻ تي بضد آهن. جنهن ڪري ڪمند جي پيڙائي آڪٽوبر ته ڇڏيو نومبر ۾ به ناهي ٿيندي ۽ ڊسمبر ۾ مشڪل سان شروع ٿيندي آهي. ڪجهه سالن کان ته اسان اهو به ڏسون ٿا ته ڪمند جي پيڙائي نه ٿيڻ سبب آبادگار ڪمند سان ڀريل سوين ٽرڪون احتجاجن روڊن تي بيهاري ڇڏين ٿا. گذريل سال ته انهن آبادگارن اهو به اعلان ڪيو هو ته جيڪڏهن شگرمل مالڪن جي اها روش برقرار رهي ته پوءِ هو اڳتي ڪمند جو فصل ئي نه پوکيندا.
جيڪڏهن واقعي به ايئن ٿئي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ ڇا آبادگار ڪمند جو فصل پوکڻ ڇڏي ڏيندا ته ڇا پوءِ کنڊ جو بحران نه ٿيندو ۽ ملڪ ۾ کنڊ نه هئڻ ڪري ڇا پوءِ ٻاهرين ملڪن مان خريد ڪئي ويندي. جيڪڏهن مستقبل ۾ ايئن ئي ٿيڻو آهي ته پوءِ بهتر آهي ته حڪومت زراعت جو کاتو ئي ختم ڪري ڇڏي جو ان جو ڪو فائدو ئي ناهي. ايئن زراعت جي وزارت جو به پوءِ ڪو جواز نٿو رهي جو زراعت جو کاتو زراعت جو وزير ورهين کان ڪمند جو هلندڙ بحران ختم ڪرڻ جي لائق ئي ناهي رهيو.
اهليت ۽ نااهليت جي سوال کان اڳ اهو ڏسڻ گهرجي ته اهو بروقت ڪمند جي پيڙائي چاهي به ٿو يا نه، ڇاڪاڻ ته اهو واضح ٿي چڪو آهي ته شگرملن جا مالڪ جيڪي اڪثريتي طور تي حڪمران آهن سي ئي نٿا چاهين ته وقت سر ڪمند جي پيڙائي ٿئي ۽ ان سان آبادگارن جو فائدو ٿئي، اهي اصل ۾ صرف ۽ صرف پنهنجو مفاد گهرن ٿا ۽ پنهنجي مفاد ڪري سنڌ ۾ ڪمند جي فصل کي تباهه ڪرڻ گهرن ٿا. تنهن ڪري هن مسئلي جو اصل حل اهو آهي ته شگرملون حڪمرانن کان واپس وٺجن. جيڪڏهن حڪمران ڪمند جي فصل، سنڌ جي زراعت ۽ سنڌ جي آبادگارن جي عظيم مفاد ۾ نه سوچي ۽ شگرملن جي خسيس مفاد ۾ سوچي ته پوءِ ان کي شگر ملون سنڀالڻ جو ڪو حق ناهي.
صحافي قمر ڪانڌڙي جو سرڪاري خرچ تي ڇو علاج نه ٿي سگهيو آ؟
سنڌ جي سينئر صحافي ۽ رپورٽر قمر نواب ڪانڌڙي جي بيماري جون خبرون ڪافي وقت کان اخبارن ۽ سوشل ميڊيا تي هلي رهيون آهن ۽ سندس سرڪاري خرچ تي علاج جون اپيلون به ٿينديون رهيون آهن پر افسوس ته سنڌ حڪومت، سنڌ جو اطلاعات وارو کاتو ۽ صحافتي تنظيمون قمر ڪانڌڙي جي علاج لاءِ ڪا مؤثر ۽ فيصلائتي اڳڀرائي ناهن ڪري سگهيون تنهن ڪري هن سينئر رپورٽر جي طبيعت ڏينهون ڏينهن خراب ئي ٿيندي رهي آهي. آخري خبرون اهي آهن ته کيس فالج جو به حملو ٿيو آهي ۽ فالج جي حملي وگهي گڙدا به فيل ٿي ويا اٿس. جڏهن ته ڦڦڙن جي عارضي سبب ڪيتري عرصي کان بيمار رهندو پيو اچي.
قمر ڪانڌڙو ان حال تي صرف ان ڪري پهتو آهي جو هو مالي طور نٻل رهيو آهي جڏهن ته پنهنجي طبيعت ۽ مزاج ۾ هي ”نواب“ رهيو آهي پاڻ غريب هوندي به صحافين جي مالي حالت سڌارڻ لاءِ جدوجهد ڪندو هو ۽ غريب بيمار صحافين جي سار لهندو هو. هو سنڌي ميڊيا ۾ ڪم ڪندڙ صحافين جي حقن لاءِ آواز اٿاريندو هو پر عام تاثر اهو آهي ته قمر ڪانڌڙي جي علاج لاءِ ان سطح تي ۽ زوردار نموني آواز ناهي اٿاريو ويو جيڪو اٿارڻ گهرجي.
عوامي آواز ميڊيا گروپ هر دور ۾ بيمار صحافين جي علاج لاءِ آواز اٿاريو آهي. اڄ جو ايڊيٽوريل به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. اسان ان حوالي سان هميشه حڪومت تي زور ڀريندا رهيا آهيون ته اها غريب صحافين، اديبن، فنڪارن ۽ سازندن جي علاج لاءِ خاص ادارو قائم ڪري ان وسيلي انهن جي تڪڙي علاج جو بندوبست ٿيڻ گهرجي پر حڪومت جو ان پاسي سوچڻ جو بظاهر پري پري تائين جو ڪو ارادو ئي نظر نٿو اچي جنهن کي اسان غريب صحافين، اديبن، فنڪارن، اداڪارن ۽ سازندن جي بدقسمتي سمجهون ٿا. قمر ڪانڌڙو به جيئن ته غريب صحافي رهيو آهي تنهن ڪري اهو بيدردي سان نظر انداز ٿي رهيو آهي ۽ ڪير به سندس مالڪي لاءِ تيار ناهي. انفرادي طور تي ته ڪن ماڻهن ۽ تنظيمن سندس مالي مدد پئي ڪئي آهي ۽ ان نتيجي ۾ سندس ڪجهه نه ڪجهه علاج ٿيندو رهيو آهي پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ حڪومت اڳتي اچي قمر ڪانڌڙي جي سار لهي ۽ سندس حياتي بچائڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي اپاءَ وٺي.