سنڌي سماج جا الميا ۽ سگا جي قافلي جو ڪردار

اياز لطيف دايو

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سنڌ جي واحد سماجي تنظيم آهي جنهن جي مرڪزي عهديدارن کان وٺي شاخن جي ڪارڪنن تائين رضاڪاراڻي نموني پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندا آهن، اين جي اوز جي ڪلچر ۽ سگا ۾ اهم وڏو فرق اهو آهي،سگا جون سموري سنڌ ۾شاخون آهن، روشن تارا اسڪول آهن، صحت جي کيتر ۾ شاندار ڪم ٿي رهيو آهي،1972 ۾ پنهنجي قيام کان وٺي سگا پنهنجي وجود کي قائم ۽ دائم رکيو آهي،جنرل ضياءَ جي آمريت ۾ سگا جي خلاف سازشون ڪيون ويون، سگا ۾ ڪندڙ سرڪاري ملازمن مٿان ميمبر ٿيڻ جي پابندي لاڳو ڪئي وئي پر سگا جي نيٽ ورڪ، ڪم، جاکوڙ، جدوجهد ۽ جذبي کي آمريت به روڪي  نه سگهي،ڇاڪاڻ  ته هي  ڀٽائي جي کاهوڙين جو قافلو آهي، جيڪي صرف پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪري ڪنهن جي مٿان ٿورو ناهن ڪندا پر هو انهيءَ کي پنهنجي فرض طور اهميت ڏيندا آهن. مون سگا جي مرڪزي آفيس ۾ استاد حيدر بخش جهڙو بي لوث ماڻهو ڏٺو هو جيڪو هر سگا جي ڪارڪن مٿان پنهنجو ساهه گهوريندو هو ،هن وقت به ڪراچي جي انتهائي مهانگي علائقي ايم اي جناح روڊ تي رمپا پلازا ۾ سگا جي مرڪزي شاندار آفيس آهي، سگا جا ڪارڪن جڏهن پهچندا آهن  ته انهن کي ڪراچي جهڙي اجگر شهر ۾ پنهنجي گهر جو احساس ٿيندو آهي، سگا جي باني اڳواڻن مان شمشيرالحيدري سنڌ جي ادبي، صحافتي ۽ فڪري قافلي جو عظيم ڪردار ٿي گذريو آهي، جنهن سگا کي پنهنجو رت ست ڏنو،هن وقت به شمشير جو ڀاءُ سگا لاءِ پاڻ ارپيندڙ رفيق احمد جعفري سگا جو مرڪزي چيئرمين آهي، مرڪزي سيڪريٽري جنرل سگا جي مشعل کي کڻي هلندڙ علي حسين بروهي آهي، جيڪي سگا جي طرفان ڪراچي ۾ سنڌي ماڻهن جي لاءِ مختلف پروجيڪٽس جا خواب کڻي اڳتي وڌي رهيا آهن، اها هڪ حقيقت آهي  ته پنهنجي دور جي ٻين مرڪزي اڳواڻن، شاخن جي عهديدارن، ڪارڪنن پڻ سگا جي لاءِ بلڪل رضاڪاراڻي بنياد تي اهڙي طرح ڪم ڪيو جو اين جي اوز ڪلچر ۾ لکين ۽ ڪروڙين روپيا ڪمائيندڙ حيران هوندا هئا  ته هي سگا جي ڪارڪنن جو ڪهڙو جنون آهي، جيڪو ڏينهن رات انهن کي سماجي خدمتن جي لاءِ مجبور ڪري ٿو.

حڪومتي سطح تي جيئن ٻين غير سرڪاري تنظيمن ۽ ادارن جي مالي مدد ٿيندي رهندي آهي، انھي ۾ سگا کي وفاق توڻي سنڌ حڪومت طرفان نظر انداز ڪيو ويندو آهي، سنڌ حڪومت سگا کي پنهنجي اسٽيڪ هولڊر طور اهميت ڏيندي رهي  ته سگا ٻين سڀني ادارن کان وڌيڪ ڦلدائڪ نتيجا ڏيئي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ  ته سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ شاخون آهن،سگا جو تمام وڏو ڪميٽيڊ نيٽ ورڪ آهي جنهن جي ذريعي حڪومتي مالي تعاون سان سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي ڀلائي ۽ خوشحالي جو شاندار ڪم ٿي سگهي ٿو،هن وقت سنڌ ۾ بک، بيروزگاري ،غربت ۽ جهالت عروج تي آهي، حڪومتي سرپرستي جي رٽ ايتري  ته غير فعال ٿي چڪي آهي جو ڪافي عرصي کان وٺي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اداري جي معرفت نوڪريون وڪرو ڪرڻ جا انڪشاف ٿي رهيا آهن پر هن وقت تائين انھيءَ جو ڪو مڪينزم به  نه جوڙيو ويو آهي انهيءَ صورتحال ۾ ذهين ترين سنڌي نوجوان سخت پريشان آهن جن جي محنتن، جفاڪشي ۽ جاکوڙ ڪرڻ تي کين اميد جو ڪوئي ڪرڻو نظر  نه ٿو اچي، اهڙي صورتحال ۾ سگا مرڪز کي سنجيدگي سان سوچڻ گهرجي  ته اهڙن سماجي المين جي پاتال ۾ ڦاٿل نوجوانن لاءِ ڪهڙو ڪردار ادا ڪري سگهجي ٿو، منهنجي راءِ آهي ته سگا کي گهرجي  ته اوور سيز ايمپلائيمينٽ سان رابطا ڪري اهڙن ذهين ترين نوجوانن جي مايوسي کي ختم ڪرڻ لاءِ کين ٻاهرين ملڪن ۾ موڪلڻ گهرجي، تازي هڪ سروي مان خبر پوي ٿي  ته اوور سيز ايمپلائيمينٽ جي طرفان هر سال پنجاب مان 86 سيڪڙو نوجوانن کي ٻاهر موڪليو وڃي ٿو، باقي ٽنهي صوبن مان 14 سيڪڙو جا نوجوان شامل آهن.

اسلام آباد جي هڪ سنڌي بيوروڪريٽ سان ڳالهه ٿي جنهن ٻڌايو  ته وفاقي ادارن ۾ سنڌين سان انتها درجي جو ناروا سلوڪ ڪيو وڃي ٿو،سياسي طور تي هر حڪومت ۾ پنجابي بيورو ڪريسي پنجاب جي فائدي ۾ فيصلا ڪندي آهي،هن چيو  ته سنڌ جي ڪوٽا کي صرف سياسي اثر رسوخ  ۽ سگا جهڙين سماجي تنظيمن جي جاکوڙ سان ئي منظور ڪرائي سگهجي ٿو، تنهنڪري سگا جي مرڪز کي گهرجي  ته اهڙن ادارن جي سروي ڪري سنڌي نوجوانن کي فرسٽريشن جي ڌٻڻ مان ڪڍيو وڃي، اهڙي طرح ڪراچي ۾ پڻ سگا مرڪز کي گهرجي  ته پليسمينٽ بيورو قائم ڪري سموري ڊيٽا گڏ ڪئي وڃي جيئن سگا جي سهڪار سان مستحق اميدوارن کي آساني سان موقعا ملي سگهن.

انهيءَ سان گڏ سگا مرڪز پاران ڪراچي ۾ نوجوانن جي لاءِ اسلام آباد سگا پاران تعمير ڪرايل هاسٽل جي طرز تي ڪراچي ۾ يوٿ هاسٽل تعمير ڪرائي وڃي جنهن ۾ سموري سنڌ جي مسڪين نوجوانن کي سستي اگهه تي رهائش ملي سگهي ٿي جنهن ۾ اهي ڪميشن جي امتحانن لاءِ تياري ڪري سگهن، يا نوڪرين جي لاءِ مختلف سرڪاري يا پرائيويٽ ادارن سان لهه وچڙ ۾ اچي سگهن، سگا مرڪز جي طرفان ڪراچي ۾ شاندار قسم جي ايمبولنس سروس شروع ڪرڻ گهرجي جيڪا سنڌي ماڻهن کي سنڌ جي مختلف ڏورانهن علائقن ۽ ڪراچي جي مختلف پاسن تائين سهولت فراهم ڪري سگهي، سگا انهيءَ حوالي سان مختلف ملڪي ۽ غير ملڪي ڊونرز سان ماضي وانگر رابطا ڪري مختلف پروجيڪٽ حاصل ڪري سگهي ٿي، ستر ۽ اسي واري ڏهاڪي ۾ سگا جي سرواڻ ڊاڪٽر سليمان شيخ، بخش علي لاکي، ولي محمد روشن ۽ مرحوم مظهر ميمڻ جون شاندار خدمتون رهيون آهن، خبر ناهي  ته اهو سلسلو ڇاجي ڪري ختم ٿي ويو آهي، موجوده قيادت پڻ انھي حوالي سان پنهنجي وسيع تعلقاتن کي استعمال ڪري گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿي، اسانجي ناليواري دانشور نصير ميمڻ سميت مختلف ذهين ترين ماڻهن سان گڏجاڻيون ڪري سگا کي روايتي رول مان ڪڍي سگهجي ٿو، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ مضبوط مربوط حڪمت عملي جوڙي سگھجي ٿي.

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي قيام کي 53 سال گذري چڪا آهن، ايتري وڏي عرصي ۾ سگا جو هڪ نئون ۽ جديد طرز جو روپ نظر اچڻ گهرجي،جنهن سان سنڌ جي ست ڪروڙ ماڻهن جي اميدن جي ڪا حاصلات ٿي سگهي، سنڌ جي ذهين ترين نوجوانن کي سگا جي روپ ۾ هڪ اميد جو ڪرڻو نظر اچڻ گهرجي.

سگا جي لائيف ميمبر جي في 4000 آهي پر انهيءَ کي اسان وڌائي 5000 في ڪيون ۽ ست ڪروڙ سنڌي ماڻهن جي آبادي مان هڪ لک باشعور، اڻٿڪ ،بي لوڀ،بي لوث ۽ جاکوڙي گريجوئيٽس کي هڪ سال جي اندر ميمبر ڪري وڃون  ته اسان کي انهي لائيف ميمبرز مان پنجاهه ڪروڙ ملي سگهن ٿا، انهي ايڏي خطير رقم مان سگا مرڪز مستقل آمدني ۽ نوجوانن جي بهتري لاءِ شاندار حڪمت عملي ٺاهي سگهي ٿي، هن وقت سنڌ ۾ بدترين حڪمراني ۽ ڪرپشن جي ڪري سنڌي نوجوانن کي ڪو اهڙو منظم ادارو ناهي جيڪو عملي طرح انهن کي سپورٽ ڪري معاشي مايوسين جي عمل مان ڪڍي سگهي، سگا سنڌ جي اهنجن جي انت لاءِ شاندار سرواڻي وارو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، اسان کي فراخدلي سان مثبت تنقيد کي احترام جي نظر سان ڏسڻ گهرجي ۽ اهي دوست جيڪي سنڌ جي مسڪين ماڻهن جو درد سيني ۾ سانڍي سگا جي قافلي ۾ شامل آهن انهن کي آدرشي ڪردار ادا ڪرڻ جو اتساهه ڏيڻ گهرجي، سگا جي قافلي ۾ ڪم ڪندڙ سڀ ماڻهو رضاڪار آهن ،انهن جي انهي جذبي کي اسان وڌ ۾ وڌ اتساهه ڏيندا سين  ته مستقبل ۾ سگا سنڌ جي اميدن جو محور بڻجي سگهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.