پاڪ افغان لاڳاپا ۽ دوحه ۾ ٿيل امن معاهدا

تحرير: حامد مير

صرف پنجن سالن ۾ دنيا ڪيئن نه بدلجي وئي! پنج سال اڳ عمران خان پاڪستان جا وزيراعظم هئا، اشرف غني افغانستان جا صدر هئا، پاڪستان جي فوج جا سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه ۽ آءِ ايس آءِ جا سربراهه ليفٽننٽ جنرل فيض حميد هئا، جن افغان طالبان کي آمريڪا سان ڳالهين لاءِ راضي ڪيو. اشرف غني انهن ڳالهين جي سخت مخالفت ڪئي، پر 29 فيبروري 2020ع تي قطر جي گادي دوحه ۾ آمريڪا ۽ افغان طالبان هڪ امن معاهدي تي صحيحون ڪيون. ان معاهدي تحت 10 مارچ 2020ع کان جنگبندي (سيز فائر) ٿي وئي، آمريڪا سميت نيٽو ملڪ پنهنجي فوج افغانستان مان واپس وٺڻ تي راضي ٿيا، ۽ طالبان واعدو ڪيو ته هو فوجي طاقت ذريعي ڪابل تي قبضو نه ڪندا. دوحه امن معاهدي تي پاڪستان جي حڪمران اشرافيا کليا جشن ملهايا ۽ ان کي وڏي ڪاميابي قرار ڏنو.

مون 22 جولاءِ 2021ع تي واشنگٽن پوسٽ ۾ لکيو ته افغان طالبان ڪابل جو گهيرو ڪري چڪا آهن، ۽ مغربي فوجن جي واپسيءَ کان پوءِ نه فقط ڪابل تي قبضو ڪندا پر پاڪستان لاءِ به وڏو خطرو بڻبا. ان وقت جي فوجي قيادت مون کي ”ملڪ دشمن“ قرار ڏنو، ۽ حڪومت جو وزيراعظم ۽ وزير اطلاعات ٻنهي منهنجي ڳالهه جي ترديد ڪئي. پر ڪجهه ئي ڏينهن بعد، 15 آگسٽ 2021ع تي طالبان ڪابل تي قبضو ڪري ورتو. وزيراعظم عمران خان انهيءَ تي خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته ”طالبان غلامي جون زنجيرون ٽوڙي ڇڏيون.“ اشرف غني ڪابل مان ڀڄي ويو، ۽ جنرل فيض، سقوطِ ڪابل جو ڪريڊٽ وٺڻ لاءِ بغير سڏ جي ڪابل پهچي ويو. پر، دوحه معاهدي جي ڀڃڪڙيءَ تي پاڪستان کي ڀاڄون ڀرڻيون پيون. ان دوران جنرل باجوه ٻي واڌ (ايڪسٽينشن) جي چڪر ۾ هو، ۽ جنرل فيض نئين آرمي چيف ٿيڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون. انهن ٻنهي جي وچ ۾ طاقت جي ڇڪتاڻ ۾ عمران خان جي حڪومت خلاف تحريڪِ عدم اعتماد آئي، ۽ آخرڪار هو به اقتدار مان ٻاهر ٿي ويو. شهباز شريف نئون وزيراعظم بڻيو، ۽ جنرل باجوه کيس افغان طالبان جي ذريعي تحريڪ طالبان پاڪستان (TTP) سان ڳالهين ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو.

ڪورڪمانڊر پشاور، جنرل فيض ٻيهر ڪابل ويو ۽ پاڪستاني طالبان کي قيمتي تحفا ڏنا، پر ڳالهه اتي ئي رڪجي وئي. پوءِ باجوه ۽ فيض ٻنهي کي منظر تان هٽڻو پيو. پنج سال پوءِ، پاڪستان ۽ افغان طالبان ٻيهر دوحه ۾ ملاقات ڪئي آهي، جتي پاڪستان واضح ڪيو ته جيڪڏهن افغانستان جي سرزمين تان پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪندڙ گروهن کي نه روڪيو ويو، ته پوءِ جنگ پاڪستان ۾ نه پر افغانستان ۾ ٿيندي.دوحه ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ نئون معاهدو طئي ٿيو آهي، پر ان کي ڪامياب ڪرڻ ۾ ڪيتريون ئي رنڊڪون آهن. افغان طالبان ۽ پاڪستان جي حڪومت وچ ۾ بي اعتمادي پنهنجي انتها تي آهي. پاڪستان ۾ افغانن خلاف، ۽ افغانستان ۾ پاڪستانين خلاف نفرت وڌي رهي آهي. افسوس جي ڳالهه آهي ته اهو نريندر مودي، جيڪو "اکنڊ ڀارت” ۾ افغانستان سميت سڄي ڏکڻ ايشيا کي شامل ڪرڻ چاهي ٿو، اڄ افغان طالبان کي پاڪستان خلاف همدرديءَ جا پيغام ڏئي رهيو آهي. نفرت ۽ انتقام جي هن فضا ۾ اسان کي اهو وسارڻ نه گهرجي ته اسان جي شڪايت طالبان سان آهي، پوري افغان قوم سان نه.

افغانن کي "احسان فراموش” چئي سڄي افغان قوم جي تذليل ڪرڻ نهايت نامناسب آهي. ساڳي طرح، افغان ڀائرن کي به پنهنجي سرحدن ”اٽڪ“ تائين وڌائڻ جا دعويٰ نه ڪرڻ گهرجن. ڇا اوهان ڪڏهن دهلي تي ٻيهر قبضو ڪرڻ جو دعويٰ ڪيو؟ جڏهن ته 1206ع کان 1526ع تائين مختلف افغان حڪمران دهلي تي راڄ ڪندا رهيا. آگره شهر به افغان حڪمران سکندر لودهي جو آباد ڪيل شهر آهي. محمود غزنوي، محمد غوري، شير شاهه سوري ۽ احمد شاهه ابدالي سڀ افغانستان مان آيا هئا. احمد شاهه ابدالي 1761ع ۾ پاني پت جي ٽئين جنگ ۾ هندو مرهٽن کي شڪست ڏني. اڄ به ڀارت ۾ سندس خلاف تذليلي فلمون ٺهن ٿيون، پر افغان طالبان ڪڏهن به احتجاج نه ڪيو. ڀارت جون ڪيترائي صوبا، جيڪي اڄ “هندستان” جو حصو آهن، اڳوڻيون افغان نوآبادين هيون. مالير ڪوٽله جي رياست جا حڪمران شيرواني قبيلن مان هئا، پٽودي جي رياست جا حڪمران يوسفو زئي هئا. جوناگڙھ، رامپور، پالنپور ۽ ڀوپال به افغانن آباد ڪيا.

ڊاڪٽر عبد القدير خان ڀوپال مان لڏي پاڪستان آيا، پر فخر سان چوندا هئا ته هو يوسفو زئي پٺاڻ آهن ۽ انهن جا وڏا “تيره” مان ڀوپال آيا هئا. ڇا ڪڏهن افغانن ڀوپال تي ڪو دعويٰ ڪيو؟ سچ آهي ته احمد شاهه ابدالي لاهور ۽ ملتان تي قبضو ڪيو، ۽ مظفرگڙھ جو شهر افغان حڪمران نواب مظفر خان آباد ڪيو، جيڪو سکن سان وڙهندي شهيد ٿيو. خان گڙھ جو نالو سندس ڀيڻ خان بي بي جي نالي تي رکيو ويو. پر پوءِ رنجيت سنگھ به ته ڪابل تائين پهتو هو. ڇا ڪنهن پاڪستاني ڪڏهن اهڙي تاريخي جواز تحت ڪابل کي پاڪستان جو حصو سڏيو آهي؟ ان ڪري ضروري آهي ته پاڪستاني ۽ افغان هڪ لاحاصل بحث مان نڪري اچن. جيڪڏهن اڄ اسان کي شڪايت آهي ته افغانستان جي رستي دهشتگردي ٿئي ٿي، ته اسان کي افغانن کي اهو به ٻڌائڻ گهرجي ته هڪ وقت هو جڏهن غزني مان حضرت علي هجويري ۽ چشت شريف مان حضرت معين الدين چشتي اچي برصغير ۾ اسلام جي روشني پکيڙي، پر هاڻي اتان خودڪش حمله آورن جا قافلا اچن ٿا.اسان کي افغانستان کي علامه اقبال جي نظر سان ڏسڻ گهرجي، جنهن “جاويد نامه“ ۾ چيو:”آسيا هڪ ئي مٽيءَ جو پيڪر آهي، ۽ افغان قوم ان پيڪر جو دل آهي؛

جيڪڏهن هن دل ۾ فساد ٿيندو ته سڄو ايشيا بگڙي ويندو ۽ جيڪڏهن هن دل ۾ سڪون ٿيندو ته سڄو ايشيا آباد ٿيندو.“

“بال جبرئيل” ۾ به اقبال لکيو:

محبت مجھے اُن جوانوں سے ہے

ستاروں پہ جو ڈالتے ہیں کمند

محبت مون کي انهن جوانن سان آهي، جيڪي ستارن تائين رسائيءَ جي جرئت رکن ٿا.“

جي عزت ۽ محبت اقبال افغانن کي ڏني، اها رابندرناتھ ٽيگور جي شاعريءَ ۾ ڪٿي به نه ملندي. افغان طالبان سان اختلاف ۽ افغان قوم جي عزت ٻه جدا شيون آهن. خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان جا گهڻا پاڪستاني افغانستان سان جنگ نه چاهين ٿا، پر افغان طالبان کي اها امن جي خواهش ڪمزوري نه سمجهڻ گهرجي. پاڪستان کي نه روس ۽ نه آمريڪا جيان افغانستان ۾ داخل ٿي ڪو فوجي اڏو ٺاهڻو آهي، پر صرف دهشتگردن جا اڏا ختم ڪرڻا آهن.

2020ع جو دوحه امن معاهدو ٽوڙڻ سان طالبان کي فائدو ٿيو، پر جيڪڏهن 2025ع وارو نئون معاهدو ٽوڙيو ويو ته اهي سڀ فائدا ختم ٿي ويندا. گذريل پنجن سالن ۾ سڀ ڪجهه بدلجي ويو آهي، ۽ ايندڙ پنجن سالن ۾ به سڀ ڪجهه بدلجي سگهي ٿو.

2020ع جو دوحه امن معاهدو ٽوڙڻ سان طالبان کي فائدو ٿيو، پر جيڪڏهن 2025ع وارو نئون معاهدو ٽوڙيو ويو ته اهي سڀ فائدا ختم ٿي ويندا. گذريل پنجن سالن ۾ سڀ ڪجهه بدلجي ويو آهي، ۽ ايندڙ پنجن سالن ۾ به سڀ ڪجهه بدلجي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.