اسان کي ان حقيقت جو چڱي ريت احساس آهي ته اسان جا صحافي ۽ رپورٽر ان سماج اندر صحافت ۽ رپورٽنگ ڪري رهيا آهن جتي جهالت جو راڄ آهي، عدم برداشت چوٽ چڙهيل آهي ۽ جتي اظهار جي آزادي واري زبان کي ڪاڪڙي مان ڇڪي ڪڍي پوءِ ان کي وڏن بوٽن هيٺيان اڇلائي چيڀاٽيو ۽ چٿيو ويندو آهي. اسان جا صحافي ۽ رپورٽر اهڙي ئي سماج اندر صحافت ۽ رپورٽنگ ڪن ٿا جتي صحافت ۽ رپورٽنگ ڪرڻ جان جوکي ۾ وجهڻ کانسواءِ ڪجهه به ناهي. هي ان سماج ۾ صحافت ۽ رپورٽنگ ڪن ٿا جتي جان جي بازي لڳائي ڊيوٽي ادا ڪئي وڃي ٿي. تنهن ڪري اسان سڀني صحافين ۽ رپورٽرن کي خاص ڪري عوامي آواز جي صحافين ۽ رپورٽرن کي ان ڪري سلام پيش ڪرڻ چاهيون ٿا جو انهن ان صحافت ۽ رپورٽنگ جي چونڊ ڪئي جنهن جو نالو ئي ”عوامي آواز“ آهي يعني جن کي اداري پاليسي ۽ منشور ئي عوام جو آواز اٿارڻ جو ڏنو آهي ۽ تاريخ ٻڌائي ٿي ته عوام جو آواز اٿارڻ، حق ۽ سچ ڳالهائڻ ڪري ڪنهن کي زهر پياريو ويو آهي، ڪنهن کي گهاڻي ۾ پيڙيو ويو آهي، ڪنهن کي ڦاهي چاڙهيو ويو آهي، ڪنهن کي ٽارچر سيل ۾ اذيتون ڏئي ماريو ويو آهي پر اها به حقيقت آهي ته تاريخ ۾ اهي ڪردار ئي سرخرو رهيا آهن، اهي ئي تاريخ ۾ زنده رهيا آهن جن حق، سچ جو آواز بلند ڪيو آهي ۽ هر دور ۾ پنهنجي عوام سان گڏ بيٺا آهن.
عوامي آواز ميڊيا گروپ ۽ ان جي صحافين ۽ رپورٽرن جو به اهو ئي ڏوهه رهيو آهي جو اهي عوام جو آواز بڻيا آهن، حق ۽ سچ جو آواز بڻيا آهن ان ڪري هر قسم جي ڏاڍ، بربريت ۽ ظلم جو شڪار رهيا آهن. هونئن ته جيئن اسان لکيو آهي ته حق ۽ سچ لاءِ آواز اٿارڻ هر دور ۾ ڏکيو رهيو آهي پر اميد هئي ته جيئن جيئن اسان جي سماج اندر تعليم جو لاڙو وڌندو، شعور وڌندو ته هي سماج به ترقي پسندي ۽ روشن خيالي ڏانهن وک وڌائيندو پر الميو اهو آهي ته بجاءِ ان جي ته تعليم يافته طبقو پنهنجي وجود ۽ عمل سان سماج کي ترقي پسند ۽ روشن خيال بڻائي ۽ مثبت طاقتن جو ڀرجهلو بڻجي اهو وري الٽو جهالت ۽ بدي جي طاقت جو ئي ساٿاري بڻجي ويو آهي ۽ اهوطبقو انهن بدي جي طاقتن جي ونگار ويهي رهيو آهي جن اسان جي سماج کي جهالت، ظلم، ناانصافين ۽ غلامين جي ور چاڙهيو آهي. مافيائون، وڏيرا، جاگيردار، سرمائيدار، هر قسم جو استحصال ڪندڙ طاقتون ته هر دور ۾ ظلم ڪنديون رهيون آهن پر انهن هاڻي تعليم يافته ۽ باشعور طبقي کي به پنهنجن مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي.
اهڙي ماحول ۾ صحافت ۽ رپورٽنگ اڃان ڏکي ٿي وئي اهي. جو ان کي نه ضلعي انتظاميا، نه تعلقا انتظاميا، نه يوسيز، نه پوليس، نه عدالتون، نه ئي حڪومتون اهڙن صحافين ۽ رپورٽن جو ساٿ ڏين ٿيون، جيڪڏهن ڪنهن جو ساٿ ڏين ٿيون ته بدي جي طاقتن جو ئي ساٿ ڏين ٿيون. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته ميڊيا جي حيثيت هر رياست ۾ حڪومت، پوليس ۽ عدليه جهڙي هوندي آهي. ميڊيا کي ان حوالي سان رياست جو چوٿون ٿنڀ چيو ۽ سمجهيو ويندو آهي پر رياست جي انهن چئن ٿنڀن مان جنهن ٿنڀ کي سڀ کان وڌيڪ ڪمزور ڪيو ويو آهي اهو ٿنڀ ”ميڊيا“ جو آهي. اها به گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي آهي ته قانوني طور تي جيئن عوام حڪومت، عدليه ۽ پوليس جي اٿارٽي کي قبولڻ جو پابند هوندو آهي تيئن ئي هر ماڻهو، هر ادارو، هر اداري ۾ ڪم ڪندڙ آفيسر ۽ عملدار ان ڳالهه جا پابند آهن ته اهي صحافين جي پڇيل سوالن جا جواب ڏين ايئن جيئن اهي ڪنهن پوليس عملدار جي آڏي پڇا جو جواب ڏيڻ جا پابند هوندا آهن تيئن سڀني جو فرض آهي ته اهي ايئن ئي عزت ۽ احترام سان صحافين جي آڏي پڇا جو جواب ڏين پر جيڪڏهن اهي ميڊيا ۽ صحافين جي سوالن جا جواب نه ڏيندا ته سندن ان عمل تي ”ڊيوٽي اٽڪاءُ“ جو ڪيس به ٺهي سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن صحافي ۽ رپورٽر کي صحافتي فرض جي ادائيگي ۾ ڏکيائون پيش اچي رهيون آهن، مزاحمت ٿي رهي آهي، ڌمڪيون ڏئي خاموش ڪرائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي ته اهو معاملو ”ڊيوٽي ۾ رنڊڪ“ جو ڪيس بڻجي سگهي ٿو جنهن جي سزا آهي پر افسوس ته هتي عام ماڻهن وانگر ڪيترن صحافين ۽ رپورٽرن کي به خبر ناهي ته رياست ۾ سندن مقام ۽ رتبو ڇا آهي.
اها به حقيقت آهي ته وقت جي حڪمرانن، عدليه ۽ پوليس ئي ميڊيا کي پنهنجي خسيس مفاد لاءِ ان مقام ۽ رتبي کان محروم رکيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو نئين نسل جا صحافي به ”هنومان“ واري ڏند ڪٿائي قصي موجب پنهنجي طاقت وساري ويٺا آهن جو انهن کان اها طاقت کسي وئي آهي. انهن کي اڄ پنهنجي طاقت جي پروڙ ئي ناهي. اهڙي لاقانونيت واري سماج ۾ ميڊيا، صحافين ۽ رپورٽرن خاص ڪري عوامي آواز جي صحافين ۽ رپورٽرن جو عوام، حق ۽ سچ لاءِ آواز اٿارڻ، عوام کي پنهنجا حق ڏيارڻ لاءِ ڪيل صحافتي پورهئي کي سلام پيش ڪجي ٿو پر گڏوگڏ حڪومت، عدليه، پوليس، ضلعي، تعلقه ۽ يوسيز جي انتظاميا تي زور ڀرجي ٿو ته اهي رياست جي چوٿين ٿنڀ ميڊيا کي به قانون ۾ ڏنل اهو مقام واپس ڏيارڻ ۾ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪن ۽ صحافين جي ڊيوٽين ۾ رنڊڪ وجهڻ جو نه پاڻ ڏوهه ڪن ۽ نه ئي ڊيوٽي اٽڪاءُ ۾ ملوث ٻين ماڻهن جو سهارو بڻجن.