انساني سماج جي ارتقا هميشه واپار، رابطن ۽ اعتماد جي بنيادن تي ٿي آهي۔ جڏهن انسان غارن مان نڪتو ته شين جي مٽا سٽا شروع ٿي، پوءِ سڪا، پوءِ نوٽ ۽ آخرڪار ڊجيٽل پئسو اچي انساني ادائيگين جي تاريخ ۾ نئون باب کوليو۔ انساني زندگيءَ ۾ ادائيگيءَ جا طريقا نه رڳو وقت سان گڏ بدليا آهن پر انهن سان گڏ معيشت جو فڪر، اعتماد جو تصور، ۽ واپار جي رفتار به تيزيءَ سان تبديل ٿي آهي۔ اڄ جو دور ڊيجيٽل اڪنامي جو دور سڏجي ٿو، جتي پئسو هاڻي صرف هٿ ۾ نوٽ نه رهيو آهي، پر اسڪرين، فون ۽ ايپليڪيشنن ۾ اچڻ لڳو آهي۔پاڪستان ۾ به هن تبديليءَ جو عمل گذريل ڏهاڪي ۾ تيزي سان وڌيو آهي۔ جڏهن 2009ع ۾ برقي ادائيگين جو نئون تصور متعارف ٿيو ته گهڻن کي اهو خواب لڳو۔ ماڻهن کي لڳو ته غريب ۽ غير ڊجيٽل ملڪ ۾ اهڙي ٽيڪنالاجي رڳو وڏن شهرن تائين محدود رهندي۔ پر جڏهن موبائل فون عام ٿيو، انٽرنيٽ وڌيو ۽ بينڪنگ شعور ۾ واڌ آئي ته “ڪيش ليس معيشت” جو خواب آهستي آهستي حقيقت بڻجڻ لڳو۔موبائل ڪمپنين ۽ بينڪن جي گڏيل ڪوشش سان “EasyPaisa” ۽ “JazzCash” جهڙيون سروسز عام ماڻهوءَ تائين پهتيون، هاڻي ڪراچيءَ کان مٺي، ۽ لاڙڪاڻي کان سوات تائين ماڻهو پنهنجي موبائل فون مان بل ادا ڪري، پئسا موڪلي، يا خريداري ڪري سگهن ٿو۔ اڳي ڪنهن کي پئسا موڪلڻ لاءِ بس، ٽپال يا بئنڪ ۾ قطار ۾ بيهڻو پوندو هو، پر هاڻي صرف هڪ ڪلڪ ڪافي آهي۔انهيءَ عمل سان معيشت “Formal” طرف وڌي رهي آهي۔ پاڪستان ۾ غير رسمي واپار (Informal Sector) GDP جو لڳ ڀڳ 35 سيڪڙو حصو رکي ٿو، جيڪو ڊجيٽل ادائيگين جي ذريعي آهستي آهستي رسمي معيشتي ڍانچي ۾ اچي رهيو آهي۔ اهو ملڪ لاءِ نه رڳو ٽيڪس جي آمدني وڌائي ٿو، پر عالمي سيڙپڪارن کي به اعتماد ڏئي ٿو ته ملڪ جو مالي نظام شفاف بڻجي رهيو آهي۔
ٻئي پاسي صارف جي نفسيات ۾ به وڏي تبديلي آئي آهي۔ اڳي ماڻهو “ڪيش هٿ ۾ رکڻ” کي اعتماد جي علامت سمجهندو هو، پر هاڻي اسڪرين تي “Balance Available” ڏسي مطمئن ٿيندو آهي۔ خريداري جا طريقا به بدلجي ويا آهن آن لائين شاپنگ، QR ڪوڊ ادائيگيون، ۽ NFC ٽيڪنالاجيءَ ذريعي پئسن جي منتقلي عام ٿي چڪي آهي۔
ڊجيٽل ادائيگين جو اهو انقلاب خاص طور تي عورتن ۽ نوجوانن لاءِ نوان در کوليا آهن۔ عورتون جيڪي اڳ مالي نظام کان پري رهيون ٿي، هاڻي پنهنجو ڊجيٽل اڪائونٽ رکي سگهن ٿيون، پئسا بچائي سگهن ٿيون ۽ گهر ويٺي واپار ڪري سگهن ٿيون۔ اهو مالي آزادي جو نئون تصور آهي، جيڪو صرف ٽيڪنالاجي نه پر سماجي شعور جو به عڪاس آهي۔بحر حال، هي انقلاب بغير چئلينج جي نه آهي۔ پاڪستان ۾ اڃا به ڪيترائي علائقا آهن جتي انٽرنيٽ، ٽيڪنالاجي ۽ مالي ڄاڻ تائين پهچ محدود آهي۔ تعليم جي کوٽ ۽ اعتماد جي کوٽ پڻ هڪ وڏو مسئلو آهي۔ ڪيترائي ماڻهو اڃا به ڊجيٽل ادائيگين تي مڪمل ڀروسو نه ٿا ڪن، ۽ “اسڪيم” يا “فراڊ” جو خوف انهن کي روڪي ٿو۔پاڪستان ۾ ڊجيٽل ادائيگين جي رفتار ايتري تيزيءَ سان وڌي آهي جو هاڻي ملڪ جي مالي مستقبل جو تصور بغير “ڪيش ليس سسٽم” جي ممڪن نظر نٿو اچي۔ رياست، نجي شعبي، ۽ عالمي ادارن جي گڏيل ڪوششن سان مالي دنيا هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي رهي آهي، جتي نقد رقم جي جاءِ “ڊيجيٽل ڪرنسي”، “موبائل والٽس” ۽ “اي-ڪامرس” وٺي چڪي آهي۔
گذريل ڪجهه سالن دوران اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان اهڙيون پاليسيون اختيار ڪيون آهن جن جو مقصد ملڪ کي “Cash-lite economy” ڏانهن آڻڻ آهي۔ ان سلسلي ۾ “Raast” نالي فاسٽ پيمنٽ سسٽم متعارف ڪرايو ويو، جيڪو عالمي معيار جي برقي ادائيگيءَ جو مثال بڻيو۔ “Raast” جي ذريعي هر ماڻهو پنهنجو بئنڪ اڪائونٽ نمبر بدران صرف موبائل نمبر سان پئسا موڪلي سگهي ٿو، اهو ئي اصل انقلاب آهي، جيڪو ملڪ کي دنيا جي ڊجيٽل معيشت سان ڳنڍي رهيو آهي۔ان کان علاوه، حڪومت “Digital Pakistan Vision” جي تحت نوان منصوبا شروع ڪيا آهن، جن ۾ هدف آهي ته 2030ع تائين ملڪ جي اڌ کان وڌيڪ ادائيگيون ڊجيٽل ذريعن سان ٿين۔ اها تبديلي نه رڳو واپار کي تيز ڪندي، پر ٽيڪس نيٽ کي به وڌائيندي، جنهن سان معيشتي شفافيت ممڪن بڻبي۔
هاڻي اهو سوال سامهون اچي ٿو ته ڇا پاڪستان مڪمل طور تي “ڪيش ليس معيشت” بڻجي سگهي ٿو؟ ان جو جواب اڃا مڪمل “ها” ۾ نه آهي، پر رستو واضح ٿي چڪو آهي۔ ملڪ ۾ روزانو لکين ڊجيٽل ٽرانزيڪشن ٿي رهيون آهن، آن لائين واپار وڌي رهيو آهي، ۽ نئون صارف روين جي تبديليءَ کي قبول ڪري چڪو آهي۔ هي سفر رڳو معاشي تبديلي نه آهي، پر سماجي تبديلي به آهي۔ جڏهن ماڻهو پنهنجي محنت جو معاوضو ڊجيٽل صورت ۾ حاصل ڪن ٿا، جڏهن عورتون بغير ڪنهن وچولي جي پنهنجي ڪمائي سنڀالين ٿيون، جڏهن واپاري بغير رشوت يا غير شفاف ادائيگيءَ جي پنهنجو ڪاروبار هلائن ٿا، تڏهن اها تبديلي “انصاف تي ٻڌل معيشت” ڏانهن اشارو ڪري ٿي۔
آخر ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته ڊجيٽل ادائيگين جو انقلاب پاڪستان ۾ محض ٽيڪنالاجيءَ جو نتيجو نه آهي، بلڪه اهو عوام جي سوچ، روين، ۽ اعتماد جي تبديليءَ جو عڪس آهي۔ اهو هڪ اهڙو سفر آهي جيڪو “ڪيش” جي ڳڻپ کان شروع ٿيو ۽ “اسڪرين تي بيلينس ڏسڻ” تي ختم ٿيو۔ پر اصل منزل تڏهن ايندي جڏهن هر شهري کي اهو يقين ٿي وڃي ته سندس ڊجيٽل ادائيگي محفوظ، معتبر ۽ مؤثر آهي۔ ڊجيٽل معيشت جو مستقبل روشن آهي، شرط اهو آهي ته رياست، ادارا ۽ عوام گڏجي ان تبديلي کي پنهنجي سماجي ۽ معاشي ضرورت سمجهن۔ ڇوته دنيا اڳتي وڌي رهي آهي، ۽ جيڪو ملڪ ٽيڪنالاجيءَ سان مطابقت پيدا نه ڪندو، اهو تاريخ جي ڊوڙ ۾ پوئتي رهجي ويندو۔