مٺي واقعي جي اڻڌري ۽ شفاف جاچ ڪري ذميوار ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي

ٿرپارڪر جي ضلعي هيڊڪوارٽر مٺي جي سول اسپتال ۾ پيش آيل ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ جي خودڪشي وارو واقعو رڳو هڪ شخص جي موت جو معاملو ناهي، پر اهو اسان جي سماج، اداري ۽ اخلاقي قدرن تي هڪ وڏو سواليه نشان به آهي. خودڪشي ڪنهن به مسئلي جو حل نه آهي، نه ئي اهو ڪنهن به انسان لاءِ قابل قبول قدم آهي. خاص طور تي جڏهن اهو قدم هڪ اهڙي ماڻهو طرفان کنيو وڃي جيڪو مسيحا ۽ ذميوار حيثيت رکندو هجي. ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ سول اسپتال مٺي ۾ چيف ميڊيڪل آفيسر طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو. سندس ذميوارين ۾ نه رڳو مريضن جي علاج جو انتظام شامل هو، پر اسپتال جي عملي جي نگراني ۽ اداري جي نظم و ضبط کي برقرار رکڻ به سندس فرضن ۾ شامل هو. اهڙي عهدي تي ويٺل شخص کان اميد ڪئي ويندي آهي ته هو هر قسم جي دٻاءُ، تڪرار يا ڏکي صورتحال کي حوصلي، دانائي ۽ قانوني طريقن سان منهن ڏيندو. پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته هن معاملي ۾ ايئن نه ٿي سگهيو.

رپورٽن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ ۽ هڪ ميل اسٽاف نرس  جي وچ ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ تڪرار پيدا ٿيو. ٻڌايو وڃي ٿو ته نائيٽ شفٽ دوران نرس طرفان ڊاڪٽر سان بدتميزي ڪئي وئي، کيس گاريون ڏنيون ويون ۽ اها آڊيو رڪارڊنگ به منظر عام تي اچي چڪي آهي.جيڪو يقينن اهو انتهائي افسوسناڪ ۽ قابل مذمت عمل آهي. ڪنهن به سرڪاري اداري ۾ هيٺين عملي طرفان پنهنجي اعليٰ آفيسر سان اهڙي بدتميزي ڪرڻ اداري جي نظم ۽ ضبط لاءِ نامناسب عمل آهي. اهو نه رڳو اداري جي وقار کي نقصان پهچائي ٿو پر اسپتال جي ماحول کي به بگاڙي ڇڏي ٿو. ان سڀ جي باوجود، اهو سوال به اهم آهي ته ڇا اهڙي صورتحال جو حل خودڪشي ٿي سگهي ٿو؟ ڇا هڪ تعليم يافته ڊاڪٽر لاءِ اهو مناسب آهي ته هو پنهنجي جان ڏئي ڇڏي؟ جيڪڏهن هر ماڻهو اهڙي طريقي سان مسئلن کان ڀڄڻ شروع ڪري ته پوءِ معاشري جو ڇا ٿيندو؟ خودڪشي دراصل مسئلن کان فراريت آهي.  ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ پنهنجي خط ۽ وائيس ميسيج ۾ ڪجهه ماڻهن تي ذهني ٽارچر جا الزام لڳايا آهن. هن جو چوڻ آهي ته کيس ڪوڙن الزامن ۽ دٻاءُ سبب اهو قدم کڻڻو پيو. ان جي شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڏوهاري ثابت ٿئي ٿو ته ان خلاف قانوني ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.

جيڪڏهن اهو تسليم ڪيو وڃي ته هڪ ميل نرس پنهنجي ميڊيڪل آفيسر سان اهڙي بدتميزي ڪري سگهي ٿو، کيس گاريون ڏئي سگهي ٿو ۽ پوءِ به اداري ۾ اهڙي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي ته هڪ ڊاڪٽر پاڻ کي ايترو اڪيلو محسوس ڪري جو زندگي ختم ڪرڻ جو سوچي، ته پوءِ اهو سوال لازمي پيدا ٿئي ٿو ته اسپتال جي اندر نظم و ضبط جي حالت ڪهڙي هوندي؟ جيڪڏهن عملي جو رويو پنهنجي اعليٰ آفيسر سان اهڙو آهي ته پوءِ عام مريضن سان انهن جو رويو ڪهڙو هوندو؟ ڇا اهي مريضن سان به ساڳي بيحسي ۽ بدتميزي سان پيش نه ايندا هوندا؟ جيڪڏهن هڪ ڊاڪٽر جيڪو اسپتال جو ذميوار آفيسر آهي، اهو عملي جي بدتميزي کان محفوظ نه آهي ته پوءِ غريب ۽ لاچار مريضن جي ڪير ٻڌندو هوندو؟ سرڪاري اسپتالن توڙي عملي جي روين جون اسان وٽ شڪايتون اڳ ۾  ئي گهڻيون آهن. مريضن کي ڪلاڪن تائين انتظار ڪرائڻ، عملي جو سخت ۽ توهين آميز رويو، دوائن جي کوٽ ۽ بدانتظامي جهڙا مسئلا عام آهن. جيڪڏهن ان ماحول ۾ عملي جي ڇڪتاڻ ۽ بي ادبي به شامل ٿي وڃي ته پوءِ اهو ادارو علاج جو مرڪز بدران تڪليف جو مرڪز بڻجي وڃي ٿو. اسان جي سرڪاري ادارن ۾ انتظامي نظام ڪيترو ڪمزور آهي. جيڪڏهن هڪ ڊاڪٽر بار بار شڪايتون موڪلي ٿو ۽ کيس اهو احساس ٿئي ٿو ته سندس فرياد مٿي تائين نه پهچي رهي آهي ته پوءِ اهو نظام جي ناڪامي آهي. ڪنهن به اداري ۾ شڪايتن جي شفاف ۽ منصفاڻي جاچ لاءِ واضح ۽ مؤثر نظام هجڻ ضروري آهي.

ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ جي خودڪشي کان پوءِ ڪيترائي ماڻهو جذباتي ردعمل ڏيئي رهيا آهن. پر جذباتي ردعمل مسئلن جو حل نه هوندو آهي. اصل ضرورت آهي ته هن واقعي جي مڪمل ۽ غيرجانبدار جاچ ڪئي وڃي. اهو معلوم ڪيو وڃي ته اصل ۾ ٿيو ڇا آهي ان جو حقيقي ذميوار ڪير آهي ۽ مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي ڪيئن روڪي سگهجي ٿو. ساڳئي وقت اسپتال جي انتظاميا کي به سنجيدگي سان سوچڻو پوندو ته اداري جي اندر نظم ۽ ضبط کي ڪيئن بهتر بڻايو وڃي. عملي کي اهو احساس ڏيارڻ ضروري آهي ته سرڪاري اسپتال ڪنهن جي ڪا ذاتي جاگير نه آهي جتي هر ڪو پنهنجي مرضي هلائي. هتي ڪم ڪرڻ جو مطلب آهي عوام جي خدمت ۽ عوام جي خدمت لاءِ نظم ۽ ضبط، احترام ۽ ذميواري لازمي شرط آهن.

ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ جي خودڪشي يقينن هڪ افسوسناڪ واقعو آهي، اسان کي اهو سمجهڻو پوندو ته زندگي خدا جي امانت آهي ۽ ان کي ختم ڪرڻ جو ڪنهن به انسان کي حق حاصل نه آهي. مسئلا زندگي جو حصو آهن، پر انهن کان ڀڄڻ بدران انهن کي منهن ڏيڻ ئي اصل بهادري آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته صحت کاتو هن واقعي کي رڳو هڪ حادثو سمجهي نظرانداز نه ڪري، پر ان مان سبق وٺي سرڪاري اسپتالن جي انتظامي نظام، عملي جي تربيت ۽ نظم ۽ ضبط کي بهتر بڻائڻ لاءِ سنجيده قدم کڻي ۽ ڊاڪٽر عبدالڪريم کي مرڻ تي مجبور ڪندڙ ماڻهن خلاف سخت  ادارتي ۽ قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن مستقبل ۾  ٻيهر اهڙو ڪو واقعو رونما نه ٿئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.