ڪراچي/ ميرپورخاص (پ ر) امير جماعت اسلامي سنڌ ڪاشف سعيد شيخ سرڪاري ملازمن جي پگهارن مان 30 سيڪڙو تائين ڪٽوتي کي ظالماڻو فيصلو قرار ڏيندي چيو آهي ته حڪمران ٽولو بچت وارن قدمن جي آڙ ۾ عوام کان ڦرلٽ واريون پاليسيون متعارف ڪرائڻ بدران پنهنجن شاهاڻي خرچن ۾ گهٽتائي آڻي، وي آءِ پي پروٽوڪول ۽ مفت خوري بند ڪري، عوام ۽ خاص طور تي پگهاردار طبقو اڳ ئي ٽيڪسن جي بار هيٺ دٻيل آهي، ڪاشف سعيد مقامي هوٽل ۾ صحافين جي مان ۾ ڏنل افطار ڊنر کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته جنگ جو جواز بڻائي راتورات پيٽرول جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ جي برابر آهي. پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ ۽ پگهارن ۾ ڪٽوتي ماڻهن کان جيئڻ جو حق به کسي وٺڻ جي مترادف آهي، عوام کي حقيقي رليف ڏيڻ لاءِ پيٽرول جي قيمتن ۾ واضح گهٽتائي تمام ضروري آهي، حڪومتي نااهلي ۽ هر هنڌ ويٺل “سسٽم” سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، پاڙيسري برادر اسلامي ملڪ ايران مٿان عالمي شيطان آمريڪا ۽ اسرائيل جي جارحيت توڙي سندس اعلى قيادت جي شهادت خطي کي نئين بحران ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي. هيءَ جنگ اصل ۾ اُمت مسلمه جي وسيلن تي قبضو ۽ ”گريٽر اسرائيل“ قائم ڪرڻ واري ناپاڪ منصوبي جو حصو آهي، جماعت اسلامي روز اول کان ملڪ ۾ جمهوريت ۽ پارليامينٽ جي بالادستي جي قائل رهي آهي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي تي هتي عوام جي ووٽ ۽ پارليامينٽ بدران ڪجهه طاقتور ادارن جي بالادستي آهي.