اشرافيا جي غلط بياني ۽ آءِ ايم ايف جو اصل مطالبو

اعجاز ممنائي

حڪومت، سياسي بيچيني، معاشي بحران، آءِ ايم ايف جو قرض، وڌندڙ مهانگائي، عوام ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ فاصلو، عالمي طاقتن آمريڪا ۽ عربستان جي بي رخي، هي سڄو معاملو فطري نه، بلڪه مصنوعي سازش جو ابتدائي حصو آهي. جيڪڏهن موجوده صورتحال ڪجهه وقت تائين باقي رهي ته مهانگائيءَ جي ڪري بدترين بدامنيءَ جو طوفان ايندو، جنهن تي ڪنٽرول ڪرڻ حڪومت جي وس کان ٻاهر هوندو. پوءِ آمريڪا ۽ اقوام متحده جي طرفان پاڪستان جي سامهون غربت بجاءِ غريب ماريو مطالبا رکيا ويندا. جيڪڏهن پاڪستان اهو مطالبو منظور ڪندو ته وقتي طور تي قرض ۾ ڪمي آندي ويندي ۽ معاشي بحران تي ڪنٽرول ڪيو ويندو، خودبخود بدامنيءَ ۾ ڪمي اچي ويندي. جيڪڏهن مطالبو منظور نه ٿيو ته پوءِ صورتحال اڃا وڌيڪ بگڙجندڙ هوندي، جنهن جو نمونو ليبيا ۽ صوماليا ۾ ڏسي سگهجي ٿو.

گذريل 30 سالن کان پاڪستان جو هر حڪمران توڙي وزيرِ خزانا هڪ ئي ڪيسٽ هلائيندو رهيو آهي ته بجلي مهانگي ڪرڻ مجبوري آهي، گيس مهانگي ڪرڻ کان سواءِ ٻيو رستو ناهي، پيٽرول مهانگو ٿو ملي، انڪري اسان کي مهانگو کپائڻو ٿو پوي. وري جڏهن عوام غربت ۽ ناداريءَ جي دانهن ٿو ڪري ته جواب ملي ٿو: ”مجبوري آهي، آءِ ايم ايف ائين ڪرڻ لاءِ چيو آهي.“ پر سوال اهو آهي ته ڇا واقعي آءِ ايم ايف ملڪ مان غريب جي خاتمي جو چيو آهي ته غريب جي کيسي تي ڌاڙو هڻي، سندس چيلهه چٻي ڪري ڇڏيو؟ يا اهو پاڪستان جي اشرافيا جو ٺاهيل سڀ کان وڏو ڪوڙ آهي؟

آءِ ايم ايف اصل ۾ ڇا چيو؟ تازو آءِ ايم ايف جي سربراهه ڪرسٽالينا جارجيوا جو بيان رڪارڊ تي موجود آهي، جنهن فيبروري 2023ع ۾ ۽ وري سيپٽمبر 2023ع ۾ گڏيل قومن جي اجلاس دوران هن واضح چيو هو: ”اسان پروگرام ۾ اهو گهري رهيا آهيون ته مهرباني ڪري اميرن کان وڌيڪ ٽيڪس وٺو ۽ پاڪستان جي غريب ماڻهن کي تحفظ ڏيو.“ آءِ ايم ايف جي سربراهه ڪرسٽالينا جارجيوا ٻن ڳالهين تي زور ڏنو: هڪ، ٽيڪس آمدني، يعني جيڪو سٺو ڪمائي رهيو آهي، چاهي سرڪاري هجي يا خانگي، اهو معيشت ۾ حصو وجهي. ٻيو، سبسڊيءَ ۾ انصاف ڪريو؛ سبسڊي امير کي نه، صرف حقدار غريب کي ملڻ گهرجي.

هتي حڪمرانن جي راند سمجهڻ جي ضرورت آهي. آءِ ايم ايف بجلي ۽ گيس جي شعبي ۾ ”لاڳت جي وصولي“ جو مطالبو ڪري ٿو، يعني بجلي ٺاهڻ جي جيڪا لاڳت آهي، اها پوري ڪريو ۽ گردشي قرضو ختم ڪريو. اهو مطالبو پنهنجي جاءِ تي درست آهي، پر آءِ ايم ايف ان سان گڏ اهو به چوي ٿو ته ان جو بار غريب تي نه وجهو. ان لاءِ بي آءِ ايس پي جهڙن پروگرامن ذريعي مخصوص طبقي لاءِ سبسڊي ڏيو. پر پاڪستان جو ٽيڪس نظام دنيا جو سڀ کان ناانصاف نظام آهي. ملڪ جي 2 سيڪڙو اشرافيا، جنهن وٽ 90 سيڪڙو زمين، شگر ملون، ملڪيتون ۽ بئنڪون آهن، اها سڌو سنئون ٽيڪس نٿي ڏئي. زرعي آمدنيءَ تي ٽيڪس نه هجڻ برابر آهي. وڏن واپارين ۽ ريئل اسٽيٽ جي واپارين کي ڇوٽ واريون اسڪيمون ملن ٿيون.

حڪومت لاءِ سڀ کان آسان ڪم اهو آهي ته هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ۽ 25 ڪروڙ عوام تي بجلي، گيس ۽ پيٽرول جو بم ڪيرائي. ان سان پئسو فوري طور تي اچي وڃي ٿو ۽ ڪنهن به طاقتور کي ناراض به ڪرڻو نٿو پوي. جيڪڏهن اهو ئي پئسو جاگيردار، وڏي دڪاندار ۽ ملڪيتن جي واپار ڪندڙن کان ٽيڪس جي صورت ۾ وٺڻو هجي ته پارليامينٽ ۾ ويٺل انهيءَ اشرافيا کي تڪليف ٿئي ٿي. ان ڪري اهو چوڻ ته ”آءِ ايم ايف مجبور ڪيو“ اڌ سچ آهي. آءِ ايم ايف قيمتن ۾ سڌارن جو چيو، پر ان سان گڏ اهو به چيو ته امير تي ٽيڪس هڻو. حڪومت آءِ ايم ايف جي ڳالهه جو صرف اهو حصو مڃيو، جنهن سان غريب متاثر ٿئي ٿو، ۽ اهو حصو ڇڏي ڏنو، جنهن سان امير متاثر ٿئي ٿو. ۽ پوءِ ان ناانصافيءَ کي لڪائڻ لاءِ آءِ ايم ايف جو نالو استعمال ڪيو. جيستائين هن ملڪ ۾ امير جي مراعتن ۽ غريب جي کيسي ڪٽڻ جو هي نظام ختم نه ٿيندو، تيستائين هر آءِ ايم ايف پروگرام غريب لاءِ عذاب ئي رهندو، چاهي آءِ ايم ايف جي سربراهه روز چوندي رهي: ”غريب کي بچايو.“

You might also like