پيٽرو ڊالر جديد عالمي معاشي نظام جو اهو اهم تصور آهي جنهن ۾ دنيا جي توانائي واپار، خاص طور تيل جي خريد و فروخت، وڏي حد تائين آمريڪي ڊالر سان ڳنڍيل رھي آهي. هن اصطلاح جي معنيٰ صرف ايتري نه آهي ته تيل ڊالر ۾ وڪامجي ٿو، پر ان کان گهڻو وسيع ۽ پيچيده نظام کي ظاهر ڪري ٿو. جڏهن تيل پيدا ڪندڙ ملڪ پنهنجو خام تيل يا پيٽروليم مصنوعات عالمي منڊي ۾ وڪرو ڪن ٿا ته انهن کي ادائيگي ڊالر ۾ ملي ٿي. پوءِ اهي ملڪ حاصل ٿيل ڊالر عالمي بئنڪن، سرمائيداري مارڪيٽن ۽ مالي ادارن ۾ سيڙپڪاري جي صورت ۾ واپس داخل ڪن ٿا. اهڙي طرح تيل مان پيدا ٿيندڙ دولت ٻيهر عالمي مالياتي نظام ۾ گردش ڪندي رهي ٿي، جنهن عمل کي معاشي ماهر پيٽرو ڊالر جي گردش سڏين ٿا. هي عمل وقت سان گڏ عالمي اقتصاديات جو هڪ اهڙو ڍانچو بڻجي ويو جنهن ۾ توانائي، ڪرنسي ۽ سياست هڪ ٻئي سان ڳنڍجي ويا.
ويهين صدي جي تاريخ جو جائزو وٺجي ته معلوم ٿيندو ته توانائي خاص طور تيل جديد صنعتي دنيا جي بنيادي طاقت بڻجي چڪي هئي. ڪارخانا، ريلوي، هوائي جهاز، جهاز راني ۽ فوجي مشينري سڀ تيل تي ڀاڙڻ لڳا. اهڙين حالتن ۾ جنهن طاقت وٽ توانائي جا ذريعا يا انهن تي اثر هوندو، اها عالمي سياست ۾ اهم حيثيت حاصل ڪندي. وقت سان گڏ جڏهن تيل پيدا ڪندڙ ملڪن عالمي منڊي ۾ پنهنجو اثر وڌايو ته توانائي جي قيمت ۽ واپار لاءِ هڪ اهڙو طريقو اختيار ڪيو ويو، جنهن تحت تيل جي عالمي خريد و فروخت کي ڊالر سان ڳنڍيو ويو. ان جو نتيجو اهو نڪتو ته دنيا جو تقريبن هر ملڪ جيڪو تيل خريد ڪرڻ چاهيندو هو، ان کي پهريان ڊالر حاصل ڪرڻا پوندا هئا. اهڙي صورتحال ۾ ڊالر رڳو هڪ قومي ڪرنسي نه رهيو پر عالمي توانائي واپار جي رڳن ۾ وهندڙ مالي قوت بڻجي ويو. جڏهن دنيا جا ملڪ پنهنجي توانائي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڊالر استعمال ڪرڻ لڳا ته انهن جي مرڪزي بئنڪن به پنهنجا زر مبادلا وڏي مقدار ۾ ڊالر جي صورت ۾ رکڻ شروع ڪيا. اهڙي طرح عالمي اقتصاديات جو هڪ وڏو حصو ڊالر جي چوڌاري گردش ڪرڻ لڳو.
پيٽرو ڊالر جو نظام عالمي سياست ۾ به گهرو اثر رکي ٿو. توانائي جا ذخيرا رکندڙ علائقا، خاص طور وچ اوڀر، عالمي طاقت جي راند جو مرڪز بڻجي ويا. هن علائقي جي سياسي استحڪام يا عدم استحڪام جو اثر سڌو سنئون عالمي توانائي مارڪيٽ ۽ معاشيات تي پيو. جڏهن به هن علائقي ۾ تڪرار يا جنگ پيدا ٿيندي آهي ته تيل جي قيمتن ۾ لاهه چاڙهه ايندي رهي آهي، جيڪو سڄي دنيا جي اقتصاديات کي متاثر ڪندو رھيو آهي. اهڙي طرح توانائي واپار صرف معاشي معاملو نه پر سياسي حڪمت عملي جو به حصو بڻجي ويو.پيٽرو ڊالر جي نظام آمريڪا کي هڪ خاص معاشي برتري فراهم ڪئي. جڏهن دنيا جي اڪثر ملڪن کي توانائي خريد ڪرڻ لاءِ ڊالر جي ضرورت هوندي آهي ته اهي ملڪ پنهنجا مالي ذخيرا به ڊالر ۾ رکندا آهن. ان سان عالمي سطح تي ڊالر جي طلب وڌندي رهي ٿي، جنهن سبب آمريڪي مالي ادارن ۽ بئنڪن کي به عالمي اثر حاصل ٿيندو آهي. ڪيترائي معاشي ماهر هن صورتحال کي جديد دور جي معاشي طاقت جي علامت قرار ڏين ٿا، ڇاڪاڻ ته اهو نظام آمريڪا کي عالمي مالياتي نظام تي هڪ خاص حد تائين اثرانداز ٿيڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو.
پيٽرو ڊالر جديد عالمي نظام جي هڪ اهم ڪڙي رهيو آهي جنهن توانائي، سياست ۽ معاشيات کي هڪ ٻئي سان ڳنڍي ڇڏيو. دنيا جي تاريخ ۾ جڏهن به وڏيون تبديليون آيون آهن ته انهن سان گڏ معاشي نظام به بدلجي ويا. شايد ايندڙ ڏهاڪن ۾ به عالمي اقتصاديات هڪ نئين دور ۾ داخل ٿئي، جتي توانائي جي واپار، ڪرنسي جي نظام ۽ عالمي طاقت جي ترتيب جو رشتو اڄ جي دور کان بلڪل مختلف شڪل اختيار ڪري.