اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم جڊيشل ڪائونسل ججن خلاف 74 مان 70 شڪايتون رد، 3 وڌيڪ ڪارروائي لاءِ منظور، جڏهن ته هڪ تي ڪارروائي ملتوي ڪري ڇڏي.
چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ سپريم جڊيشل ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سپريم جڊيشل ڪائونسل جي ضابطه اخلاق ۾ اڪثريت راءِ سان ترميمن جي منظوري ڏني.
جڊيشل ڪائونسل جا ٻه الڳ الڳ اجلاس ٿيا ۽ پهرئين اجلاس ۾ چيف جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر، لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عاليا نيلم ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس سرفراز ڊوگر شريڪ ٿيا.
پڌرائيءَ موجب سپريم جڊيشل ڪائونسل جي ٻئي اجلاس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر جي جاءِ تي پشاور هاءِ جو چيف جسٽس شريڪ ٿيو.
پڌرائيءَ موجب آئين جي آرٽيڪل 209 تحت 67 شڪايتن جو جائزو ورتو ويو، 65 شڪايتون گڏيل طور تي رد، هڪ ملتوي ۽ هڪ کي اڪثريتي فيصلي سان وڌيڪ ڪارروائي لاءِ منظور ڪيو ويو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي عدم شرڪت سبب ڪائونسل کي ٻيهر جوڙيو ويو.
سپريم جڊيشل ڪائونسل ٻئي اجلاس ۾ 7 شڪايتن جو جائزو ورتو ۽ اڪثريتي راءِ سان 2 شڪايتن تي وڌيڪ ڪارروائي جو فيصلو ڪيو، جڏهن ته 5 شڪايتون داخل ڪيون.
پڌرائيءَ موجب آڪٽوبر 2024 کان هيل تائين 155 شڪايتن تي غور ڪيو ويو آهي، 74 شڪايتن تي فيصلي کانپوءِ 87 شڪايتون شروعاتي غور لاءِ ٻڌڻي هيٺ آهن.
Prev Post
You might also like