ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي ۾ چوٿين ڏينهن به نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن واري رٿ تي بحث جاري رهيو، جڏهن ته سنڌ جي امڪاني ورهاڱي خلاف ٺهراءَ تي ايم ڪيو ايم جي ميمبرن ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو.
ان موقعي تي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ايم ڪيو ايم جا ميمبر واڪ آئوٽ جو بهانو بڻائي ايوان مان ڀڄڻ چاهين ٿا.
هن چيو ته علي خورشيدي جو واڪ آئوٽ ڪرڻ اڳواٽ طئي ٿيل طريقو هو، ڇاڪاڻ ته هو هن تاريخي ڏينهن تي ووٽنگ ۾ شامل ٿيڻ نٿا چاهين. واڪ آئوٽ جو بهانو بڻائي اهي اسيمبلي فلور ڇڏي ڀڄي رهيا آهن، تاريخ انهن کي ياد رکندي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته تاريخي موقعي تي ايم ڪيو ايم اسيمبلي فلور ڇڏي ڀڄي رهي آهي.
هن چيو ته جنهن طريقي سان اڄ پي ٽي آءِ بائيڪاٽ ڪيو ۽ ڪالهه پي ٽي آءِ جا ميمبر چئي رهيا هئا ته هو ان ٺهراءَ جي حمايت ۾ ووٽ ڏيندا، اڄ صورتحال بلڪل واضح ٿي وئي آهي.
هن چيو ته سڄي سنڌ ۽ سڄو پاڪستان ڏسي رهيو آهي، جڏهن ته سنڌ جي سامهون متحده قومي موومينٽ وائکي ٿي وئي آهي.
هن چيو ته واحد پاڪستان پيپلزپارٽي آهي، جيڪا سنڌ جي عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ انشاءَالله مرڻ گهڙي تائين گڏ بيٺل رهندي.
ان موقعي تي اسپيڪر اويس قادر شاهه چيو ته اڃا بحث واري رٿ ختم ناهي ٿي، ليڊر آف دي هائوس جي تقرير به باقي آهي.
ان تي قانون واري وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو ته اپوزيشن ليڊر ڳالهائي وڃي چڪو آهي، جڏهن ته ٺهراءَ اڃا تائين سامهون ناهي آيو ۽ هن وقت بحث واري رٿ تي ڳالهه ٿي رهي آهي.
اسپيڪر چيو ته سڄي سنڌ ۽ پاڪستان ڏسي چڪو آهي ته بحث واري رٿ تي ڪير حمايت ۾ آهي ۽ ڪير مخالفت ۾.
هن وڌيڪ چيو ته سڄي پاڪستان ڏٺو آهي ۽ سنڌ جو غيرتمند عوام اڄ جي تاريخ جو حصو بڻجندڙ هن اجلاس کي هميشه ياد رکندو ته سنڌ جا سپوت ڪير آهن ۽ ڪير سنڌ جي ماڻهن سان گڏ بيٺل آهن.
You might also like