”ملڪ ڏُکين حالتن مان گذري رهيو آهي“، عذرا پيچوهو نوان انتظامي يونٽ ٺاهڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صحت واري صوبائي وزير عذرا فضل پيچوهو چيو آهي ته ملڪ اڳ ئي ڏکين حالتن مان گذري رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ نوان انتظامي يونٽ ٺاهڻ دانشمنداڻو فيصلو نه هوندو.
سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي عذرا فضل پيچوهو چيو ته اڃا به ڪجهه آواز اٿي رهيا آهن، جن ۾ ٻاهرين ۽ نان اسٽيٽ ايڪٽرز ۽ ٻين ڌرين جو ڪردار نظر اچي ٿو، جيڪي سنڌ اسيمبلي بابت اهو موقف رکن ٿا ته سنڌ کي ٽوڙڻ گهرجي ۽ سنڌ ۾ وڌيڪ صوبا ٺاهڻ گهرجن ته جيئن انتظام بهتر ٿي سگهي.
هن چيو ته انتظامي ڍانچو اڳ ئي موجود آهي ۽ انتظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ نوان انتظامي يونٽ ٺاهڻ ضروري ناهي.
عذرا فضل پيچوهو چيو ته منهنجي خيال ۾ موجود انتظامي يونٽن کي وڌيڪ يونٽن ۾ ورهائڻ مناسب نه هوندو، خاص طور تي اهڙي وقت جڏهن ملڪ ۾ بچت (آسٽرٽي) ۽ مالي تنگي جي ڳالهه ٿي رهي آهي، اهڙي صورتحال ۾ انتظامي يونٽن جو تعداد وڌائڻ جي ڳالهه بلڪل غير دانشمنداڻو فيصلو هوندو.

 

You might also like