تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ٻه ڏينهن اڳ ايران تي آمريڪي حملن دوران 3 ايراني فوجي پائلٽ شهيد ٿي ويا هئا.
برطانوي ميڊيا موجب، پاسدارانِ انقلاب جي ويجهو سمجهي ويندڙ ميڊيا ايجنسي تسنيم وڌيڪ تفصيل فراهم ناهن ڪيا ته اهي پائلٽ ڪٿي ۽ ڪيئن شهيد ٿيا.
تسنيم نيوز موجب، مارجي ويل پائلٽن جا نالا مجتبيٰ باقري، بحريه سان لاڳاپيل حامد اوڪاتي ۽ فضائيه سان واڳيل حسين مهديان هئا.
تسنيم هڪ ٻي رپورٽ ۾ ايراني آرمي فورسز جي وڌيڪ 6 اهلڪارن جا نالا به شايع ڪيا ۽ چيو ته اهي ملڪ جي ڏاکڻين علائقن ۾ ٿيل حملن دوران شهيد ٿي ويا هئا.
ياد رهي ته آمريڪا 31 آگسٽ ۽ پهرين سيپٽمبر جي وچ واري رات ڊگهي وقفي کانپوءِ ايران تي حملا ڪيا هئا.
سينٽڪام ٻه ڏينهن اڳ اعلان ڪيو هو ته هن ڏکڻ ايران جي ڪيترن ئي شهرن تي حملا ڪيا آهن.
ايران موجب، سرڪ جي ڪوهستڪ واري علائقي تي حملي کانسواءِ خوزستان صوبي جي اهواز ۽ آغاجري وارن علائقن ۾ ڪيل حملن ۾ 7 ڄڻا شهيد ۽ 8 زخمي ٿيا.
شهيدن مان هڪ شخص جي سڃاڻپ مقبول سڪيورٽي فورسز جي ميمبر طور ٿي آهي.
پاسدارانِ انقلاب به تصديق ڪئي هئي ته آءِ آر جي سي جي ايرو اسپيس فورس جا 4 اهلڪار ڪرمانشاهه صوبي ۾ شهيد ٿيا، جڏهن ته اطلاعن موجب لاوان ٻيٽ تي آمريڪي حملي کانپوءِ بسيج فورس جا به 3 اهلڪار شهيد ٿي ويا هئا.
You might also like