ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ فريال ٽالپر چيو آهي ته اسان سنڌ جو ورهاڱو ٿيڻ نه ڏينداسين.
سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران ڳالهائيندي فريال ٽالپر چيو ته ”مون ۽ منهنجي پيءُ سنڌ لاءِ پنهنجي زندگي ڏني، توهان ڇا ڪيو؟“
هن چيو ته ٽالپر سنڌ لاءِ وڙهندا رهيا آهن، اسان اڄ به پنهنجي ڌرتي لاءِ وڙهڻ خاطر تيار آهيون.
فريال ٽالپر جو چوڻ هو ته ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته ٽالپرن سنڌ لاءِ ڇا ڪيو؟ اهي بينظير آباد وڃي ڏسي اچن، کين خبر پئجي ويندي ته اسان سنڌ لاءِ ڪهڙو ڪم ڪيو آهي.
هن چيو ته مشرف جي دور ۾ وڏي سختي ڏٺي، پر ان باوجود پنهنجي ماڻهن سان گڏ بيٺل رهي.
فريال ٽالپر وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ مڪاني حڪومت موجود آهي، پر پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ مڪاني نظام ڪٿي آهي؟
You might also like