گھوڙاٻاري (سيد امير شاهه ڀاڏائي) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي قافلي سميت ور شھر پهتو، جتي جسقم ضلعي صدر غلام نبي کٽي جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن گل نڇاور ڪري سنڌ جي ثقافت اجرڪون اوڍائي سندس شاندار استقبال ڪيو. ان موقعي تي جسقم وائيس چيئرمين غلام سرور خشڪ ۽ ٻيا اڳواڻن پڻ ساڻس گڏ هئا. صنعان خان قريشي ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيد مالڪ خشڪ جي مزار تي حاضري ڀري،ان موقعي تي صنعان قريشي خطاب ڪندي چيو ته ٽوڙهي ڦاٽڪ جا شهيد سنڌ جي سچائي، بهادري ۽ جدوجهد جا نشان آهن، جن کي سنڌ ڪڏهن به وساري نٿي سگهي،هن چيو ته سنڌ ۾ موجود افغانين سميت سمورن غيرقانوني ڌارين جي موجودگي سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ معاشي صورتحال لاءِ وڏي خطري جي صورت اختيار ڪري وئي آهي. هن چيو ته هزارين ڌاريا ماڻهو، جيڪي سالن کان سنڌ ۾ بغير قانوني دستاويزن جي رهائش اختيار ڪري ويٺا آهن، اهي نه صرف روزگار جا موقعا سنڌين کان کسي رهيا آهن، پر ملڪيتن تي قبضن، منشيات جي واپار ۽ ڏوهن جي واڌ ۾ پڻ حصو وٺي رهيا آهن.هن چيو ته جيڪڏهن سنڌ جي سرزمين کي بچائڻو آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون فوري طور تي ڪارروائي ڪري سنڌ مان سڀني غيرقانوني ڌارين کي واپس موڪلين،