واشنگٽن (ويب ڊيسڪ(آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ روسي هم منصب ولاديمير پيوٽن جي هنگري ۾ ملاقات واري هنڌ بابت سوال تي وائيٽ هائوس جي ترجمان جو جواب وائرل ٿي ويو.
ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ روسي صدر ولاديمير پيوٽن جي ٽيليفون تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن هنگري جي شهر بڊاپيسٽ ۾ ملاقات تي اتفاق ڪيو هو.
ان ڏس ۾ جڏهن هڪ صحافي وائيٽ هائوس جي ترجمان ڪيرولين ليويٽ کان پڇيو ته بڊاپيسٽ ۾ ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ولاديمير پيوٽن جي ملاقات جو فيصلو ڪنهن ڪيو؟ ته ڪيرولين ليويٽ جواب ڏنو، ”توهان جي ماءُ.“
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، جڏهن وائيٽ هائوس جي ترجمان کان پڇيو ويو ته ڇا توهان اهو جواب مذاق طور ڏنو آهي؟ ته ڪيرولين ليويٽ چيو، ”توهان کاٻي ڌر سان واسطو رکندڙ آهيو، جيڪي پاڻ کي صحافي چوندا آهن.“
ڪيرولين ليويٽ وڌيڪ چيو ته ”مون لاءِ اها ڳالهه يقين ڀوڳ آهي، ڇو ته ڪو به توهان کي سنجيدا نٿو وٺي، ايستائين جو توهان جا ساٿي به توهان کي سنجيدا نٿا وٺن، مهرباني ڪري مون کان فضول سوال پڇڻ بند ڪريو.“
هنگري ۾ ٽرمپ-پيوٽن ملاقات جو فيصلو ڪنهن ڪيو؟ ”تنهنجي ماءُ“، وائيٽ هائوس ترجمان جو صحافيءَ کي جواب
You might also like