اڳوڻي ڪپتان عامر سهيل جو وسيم اڪرم ۽ شاهد آفريدي تي ”ميچ فڪسنگ“ جو الزام

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي پنهنجي ڪتاب ”گيم چينجر“ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته ٽورنٽو ۾ سهارا ڪپ دوران ڀارت خلاف ميچ ۾ مٿس ميچ فڪسنگ جو الزام لڳايو ويو هو.
شاهد آفريدي دعويٰ ڪئي ته ان ميچ دوران تڏوهڪي ڪپتان عامر سهيل مٿس ميچ فڪسنگ جو الزام لڳايو هو.
آفريدي لکي ٿو ته ”مون سعيد انور سان گڏ اننگز جي شروعات ڪئي هئي، سعيد انور جي آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ ڪپتان عامر سهيل بيٽنگ لاءِ آيو.“
سندس چوڻ هو ته ”مان ان وقت جارحاڻي انداز ۾ کيڏي رهيو هئس، عامر سهيل وچ پچ تي اچي بيٺو، مان هن ڏانهن ويس، ڇاڪاڻ ته مون کي لڳو ته هو مون کي ڪجهه چوڻ چاهي ٿو.“
آفريدي موجب: ”مان دنگ رهجي ويس، جڏهن هن گار ڏيندي رڙ ڪري چيو ته مون کي خبر آهي ته تو وسيم اڪرم سان گڏجي هي ميچ فڪس ڪيو آهي.“
آفريدي لکيو ته ”اهو ٻڌي مان ڏڪي ويس، ان وقت مان هڪ نوجوان ڪرڪيٽر هئس، مان ذري گهٽ روئڻ لڳو هئس، پر مون پاڻ کي سنڀاليو ۽ سينچري ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس.“

You might also like