ڪنڌڪوٽ ۾ پيش آيل قبيلائي دهشتگردي جو واقعو

ڪنڌڪوٽ سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ ملير انڊس هاءِ وي تي پيش آيل واقعي جنهن ۾ ڊومڪي برادري جي هٿياربندن فائرنگ ڪري رٽائرڊ پوليس جمعدار اربيلو بنگوار ۽ گل حسن بنگوار کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته علي بخش بنگوار سخت زخمي ٿي پيو، اهو ڪو اوچتو واقعو نه آهي، پر سنڌ ۾ قبيلائي دشمنيءَ جو حصو آهي، جنهن جو سلسلو سالن کان هلي رهيو آهي. اهو واقعو سوچڻ لاءِ مجبور ڪري ٿو ته آخر ڪهڙي سماج ۾ اسان جي زندگي گذري رهيا آهيون، جتي انساني رت جي قيمت اوطاقن تي مبارڪن ۽ خوشين ۾ بدلجي وڃي ٿي. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيوز، جن ۾ قاتل ڌر پنهنجي هٿياربندن کي مبارڪون ڏئي رهي آهي، اها فقط بي حسي ناهي، پر رت جي بدلي واري سوچ جو خطرناڪ اظهار آهي. اها سوچ جيڪا نه رڳو سنڌ جي امن کي ڳڙڪائي رهي آهي پر ايندڙ نسلن جي مستقبل کي به بارود جي بارودي سرنگهن سان ڀري رهي آهي.

ڪنڌڪوٽ جو هي واقعو بنگوار ۽ ڊومڪي برادرين جي وچ ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو حصو آهي، جنهن ۾ اڳ ئي عورت سميت نَو ڄڻا مارجي چڪا آهن ۽ هڪ زخمي ٿي چڪو آهي.ٻڌڻ ۾اچي ٿو ته اهو جهيڙو بدنام ڏوهاري ببي بنگوار جي قتل واري مخبري واري معاملي تان شروع ٿيو. ان کان پوءِ بنگوار هٿياربندن هٿان پنج ڊومڪي قتل ٿيا ۽ ڊومڪي هٿياربندن هٿان چار بنگوار قتل ٿيا آهن.  اهو سوال سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڳڻتي جوڳو آهي ته ڇا حڪومت جو ڪو ڪردار بچيو آهي؟ ڇا پوليس رڳو لاش کڻڻ ۽ زخمين کي اسپتال پهچائڻ تائين محدود ٿي وئي آهي؟ ڇو ته هر قتل کان پوءِ ساڳيو بيان ٻڌڻ ۾ اچي ٿو: "واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.” پر نه قاتل گرفتار ٿين ٿا ۽ نه رت وهائڻ وارو سلسلو رڪجي ٿو. معلوم ٿيو آهي ته بنگوار ڊومڪي تڪرار کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڏينهن اڳ ميڙمنٿ قافلا به ويا هئا، جن کي ٻڌايو ويو ته ٻنهي ڌرين ۾ ڳالهه ٻولهه جي گنجائش موجود آهي. پر  تازو پيش آيل ان واقعي ٺاهه واري اميد کي ختم ڪري ڇڏيو آهي.

اسان جي حڪمرانن ۽ حڪومتي ادارن لاءِ هي صورتحال هڪ وڏو سوال آهي. ڇا هڪ صوبي ۾ قانون جي عملداري قائم ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي؟ ڇا حڪومت  فقط شهرن ۾ نظر اچي ٿي ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ قبيلائي نظام جو ئي راڄ هلندو رهندو؟ جيڪڏهن اهو ئي نظام آهي ته پوءِ پوليس، عدالتن ۽ حڪومتن جي ضرورت ڇا آهي؟ سنڌ ۾ هر نئون قبيلائي تڪرار نئين نسل کي تباهه ڪري رهيو آهي. ننڍڙا ٻار جن کي اسڪولن ۾ ويهڻ گهرجن، اهي پنهنجي وڏن جي هٿن ۾ بندوقون ڏسي وڏا ٿي رهيا آهن. ڪنڌڪوٽ جو اهو منظر، جتي اسپتال اندر ئي وارث هٿيار کڻي پهچي ويا ۽ شهر ۾ خوف و هراس پکڙجي ويو، اهو فقط هڪ علائقي جو مسئلو ناهي. اهو سڄي سنڌ جو الميو آهي. جيڪڏهن اڄ به حڪومت ۽ ان جا ادارا سنجيدگي سان قدم نه کڻندا ته سڀاڻي اها باهه هر ڳوٺ ۽ هر شهر کي ساڙي ڇڏيندي. قبيلاڻي جهيڙن جي بنيادي سببن تي نظر وجهجي ته اها صرف هڪ ڀر جي تڪرار يا ڪنهن زمين جي قبضي جي ڪهاڻي ناهي، پر سماجي ۽ سياسي بيحسيءَ جو نتيجو آهي. سرداري نظام، جنهن کي قانون کان مٿاهون اختيار حاصل آهن، اهو ئي رت جي راند کي زنده رکيو ويٺو آهي. سردار پنهنجي ماڻهن کي هٿيار ڏئي بدلي جي سوچ کي هوا ڏين ٿاان کان علاوه حڪومتي ادارا به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ بدران اڪثر اڪثر اهڙن جهيڙن ۾ هڪ ڌر کي تحفظ ڏين ٿا. پوليس جي سياسي وفاداري ۽ اثر رسوخ سبب نه جوابدار گرفتار ٿين ٿا ۽ نه ئي کين سزا ملي ٿي..

اسان جي حڪمرانن لاءِ اهو موضوع شايد رڳو اليڪشن مهمن ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ هجي ٿو، پر حقيقت ۾ هي مسئلو سنڌ جي بقا جو آهي. جيڪڏهن حڪومتي سطح تي قبيلائي جهيڙن کي ختم ڪرڻ لاءِ سنجيده ڪوششون نه ڪيون ويون ته ايندڙ وقت ۾ قبيلائي دهشتگرد بي قابو بڻجي وڌيڪ خطرناڪ بڻجي ويندا ان لاءِ حڪومت هڪ جامع حڪمت عملي ٺاهي، جنهن ۾ نه فقط هٿياربندن کي گرفتار ڪيو وڃي، پر سرداري نظام جي طاقت کي به محدود ڪيو وڃي. ميڙمنٿن جي بجاءِ حڪومت کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. عدالتن کي تيز ۽ غيرجانبدار فيصلن ذريعي اهڙن جهيڙن ۾ ملوث ماڻهن کي سخت سزا ڏيڻ گهرجي. اسڪولن، اسپتالن ۽ روزگار جي سهولتن ذريعي ماڻهن کي اهڙي ماحول مان ٻاهر ڪڍڻ جي ضرورت آهي

ڪنڌڪوٽ ۾ بنگوار ۽ ڊومڪي برادرين جو هي تڪرار سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ هلندڙ ساڳين تڪرارن جي عڪاسي ڪري ٿو. شڪارپور، ڪشمور، جيڪب آباد، لاڙڪاڻي ۽ سکر کان وٺي گهوٽڪي تائين ڪيترائي علائقا آهن جتي قبيلاڻي دشمني ماڻهن کي انساني حيثيت کان محروم ڪري رهي آهي. اسان جي سماج ۾ اها سوچ پيدا ڪرڻ ضروري آهي ته ڪنهن کي قتل ڪرڻ وارو عمل ڪو فخر جوڳو ناهي، ڪو خوشي جهڙو ڪارنامو ناهي. ان لاءِ تعليمي ادارن، ميڊيا، سياسي پارٽين ۽ سماجي تنظيمن کي گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن اسان خاموش رهنداسين ته ايندڙ وقت اسان لاءِ تباهه ڪن ثابت ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.