حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي فنانس سيڪريٽري علي محمد پرويز، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ سچل ڀٽي ۽ نور نبي پليجو پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪا سڄي دنيا کي ٽئين عالمي جنگ جي اوڙاهه ۾ اڇلڻ چاهي ٿو. سريلنڪا ويجهو هندي سمنڊ ۾ آمريڪا پنهنجي آبدوز ذريعي ايران جي بحري ٻيڙي تي حملو ڪري 87 ماڻهن کي شهيد ڪيو ۽ 32 کان وڌيڪ ماڻهن کي زخمي ڪيو آهي، آمريڪا جو اهڙو عمل انتهائي مذمت جوڳو آهي، آمريڪا ۽ اسرائيل جا حڪمران جنگي جنوني بڻجي چڪا آهن، آمريڪا لاءِ عالمي اصول، بنيادي انساني حق، گڏيل قومن جو چارٽر، ٻين ملڪن جي سلامتي ۽ سوورينٽي ڪابه اهميت نٿا رکن، آمريڪا جنهن به وقت چاهي ۽ جنهن به ملڪ مٿان حملو ڪري ڇڏي ان کي روڪڻ وارو ڪير به ناهي، ملڪي سرحدن ۽ سالميت جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ هندي سمنڊ ۾ آمريڪا ايران جي بحري ٻيڙي تي حملو ڪيو آهي.