لاهور/اسلام آباد(بيورو)جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ۾ زور ڏنو آهي ته اسلام آباد کي مسلمان ملڪن سان گڏجي ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن کي روڪڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. جماعت اسلامي جو خيال آهي ته پاڪ-افغان صورتحال ۽ ايران ۾ جاري ڇڪتاڻ جو سڌو سنئون تعلق ملڪ جي سلامتي سان آهي.وزيراعظم ۽ حافظ نعيم الرحمان جي وچ ۾ ملاقات، ۾ لياقت بلوچ، ميان محمد اسلم ۽ آصف لقمان قاضي شامل هئا، حافظ نعيم الرحمان چيو ته پاڪستان جا ايران ۽ افغانستان سان ڀائراڻا لاڳاپا آهن، تنهن ڪري پاڪستان کي ٻنهي ملڪن سان بهتر لاڳاپن ۽ سفارتي ڪوششن ذريعي خطي ۾ امن لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي،ٻئي پاسي جماعت اسلامي جي امير پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ اقتصادي ۽ مالي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.قطري سفير علي بن مبارڪ الخطر چيو ته قطر پاڪستان سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو