اسلام آباد (بيورو) پاڪستان، ڀارت ۽ ڪينيڊا جي وچ ۾ ٿيندڙ يورينيم جي فراهمي واري معاهدي تي سخت اعتراض واريندي چيو آهي ته اهو عمل ڏکڻ ايشيا ۾ طاقت جي توازن کي بگاڙي سگهي ٿو. پرڏيهي وزارت جي ترجمان طاهر حسين اندرابي موجب، ڀارت اڳ ۾ ئي پنهنجون سمورا ائٽمي ٺڪاڻا عالمي اداري آءِ اي اي اي جي نگرانيءَ ۾ ناهن رکيا. پاڪستان جو موقف آهي ته ٻاهران ملندڙ يورينيم سبب ڀارت کي پنهنجي ائٽمي هٿيارن جي ذخيري ۾ وڌيڪ اضافو ڪرڻ جو موقعو ملندو، ڇاڪاڻ ته سندس ڪيترائي ايٽمي ٺڪاڻا عالمي معائني کان آزاد آهن. ترجمان ياد ڏياريو ته 1974ع ۾ ڀارت پاران ڪيل ائٽمي تجربي کانپوءِ ئي نيوڪليئر سپلائرز گروپ وجود ۾ آيو هو، پر هاڻي مخصوص ملڪن کي اهڙيون رعايتون ڏيڻ عالمي اصولن جي ڀڃڪڙي آهي. پاڪستان عالمي برادري کان گهر ڪئي آهي ته ائٽمي سهڪار لاءِ ڪنهن به امتيازي سلوڪ بجاءِ برابر ۽ اصولن تي ٻڌل عالمي معيار اختيار ڪيو وڃي، ته جيئن خطي ۾ امن امان برقرار رهي سگهي.