جنگ جا اثر: بلوچستان ۾ ايراني تيل 50 روپيا في ليٽر مهانگو

ڪوئٽا/گوادر (م ڊ) ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن کانپوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال سبب بلوچستان ۾ ايراني پيٽرول ۽  ڊيزل جي قيمتن ۾ 40 کان 50 روپيا في ليٽر تائين واڌ ٿي وئي آهي. سرحد پار کان تيل کڻي ايندڙ گاڏين جي آمد گهٽجڻ سبب تيل جي فراهمي متاثر ٿي آهي، جنهن جو سڌو اثر قيمتن تي پيو آهي. بلوچستان جي اڪثر سرحدي ضلعن چاغي، واشڪ، پنجگور، ڪيچ ۽ گوادر سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڪستاني تيل ڪمپنين جو تيل دستياب ناهي، جنهن ڪري ماڻهو مڪمل ايراني تيل تي ڀاڙين ٿا.  واپاري اڳواڻن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن جنگ ڊگهي ٿي ۽ ايران مان تيل جي فراهمي بند ٿي وئي ته سڄي بلوچستان ۾ ٻارڻ جو وڏو بحران پيدا ٿي ويندو. جنگ جي ڪري سرحد تائين تيل پهچائيندڙ ننڍيون گاڏيون ناهن اچي رهيون، جنهن ڪري مارڪيٽ ۾ تيل جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي.  ڪوئيٽا ۾ پيٽرول 180 رپين مان 230 رپيا، گوادر ۾ 135 مان 180، نوشڪي مان 190 مان 220 رپيا، ماشڪيل ۾ 180 رپين مان 250 رپيا في لٽر تائين پهچي ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.