واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي ايوانِ نمائندگان ۾ ايران سان جاري جنگ جي معاملي تي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اختيارن کي محدود ڪرڻ لاءِ قرارداد پيش ڪئي وئي، اڄ ووٽنگ جو امڪان آهي، عالمي خابرو اداري موجب هن قرارداد جو مقصد صدر ٽرمپ کي پابند بڻائڻ آهي ته هو ايران خلاف جنگ جاري رکڻ کان اڳ ڪانگريس کان باقاعدا اجازت وٺي، پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي جي هڪ اهم ڊيموڪريٽ اڳواڻ چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ بادشاهه ناهي، جيڪڏهن هو سمجهي ٿو ته ايران سان جنگ آمريڪا جي قومي مفاد ۾ آهي ته کين ڪانگريس ۾ اچي ان جو جواز پيش ڪرڻو پوندو، ٻئي پاسي ريپبلڪن اڳواڻ ايران سان جنگ ۽ امڪاني دهشت گرد حملن جي خدشن کي بنياد بڻائي هوم لينڊ سيڪيورٽي کاتي جي فنڊنگ لاءِ به ووٽنگ ڪرائڻ چاهي ٿو، ايوانِ نمائندگان جي اسپيڪر مائڪ جانسن چيو آهي ته ايران ۾ جاري فوجي ڪارروائين سبب هوم لينڊ سيڪيورٽي کاتي کي مڪمل فنڊنگ ۽ عملو فراهم ڪرڻ هاڻي اڳ کان وڌيڪ ضروري ٿي ويو آهي.