ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته سنڌ حڪومت جي رٿائن جا ثمر عوام تائين پھچڻ شروع ٿي ويا آھن، عوام کي بھتر سھولتن جي فراھمي، بنيادي ڍانچي جي بھتري ۽ ٻين شعبن جي ترقي لاءِ ڀرپور قدم کنيا ويا آھن. ھڪ بيان ۾ هن چيو ته شھرين کي جديد ۽ باوقار سفري سھولتون فراھم ڪرڻ سنڌ حڪومت جي اوليتن ۾ شامل آھي، ٽرانسپورٽ جي نظام کي بھتر بڻائڻ لاءِ يلو لائن بي آر ٽي منصوبو تيزي سان مڪمل ٿيڻ وڃي رھيو آھي، ڪراچي سرڪلر ريلوي جي بحالي جي منصوبي تي رٿابندي ڪئي پئي وڃي، ڪراچي جي روڊن ۽ بنيادي ڍانچي جي بھتري لاءِ به وڏي پيماني تي ڪم ڪيو پيو وڃي.