ذخيرا بچايو:چين پاران تيل جي برآمد تي عارضي پابندي لاڳو

بيجنگ (م ڊ) چين پنهنجي ملڪ جي وڏين ريفائنريز (تيل صاف ڪندڙ ڪارخانن) کي حڪم جاري ڪيو آهي ته اهي فوري  طور تي ڊيزل ۽ پيٽرول جي برآمد کي روڪي ڇڏين. آمريڪي ميڊيا موجب، چيني حڪومت هدايت ڪئي آهي ته ريفائنريز پنهنجي ملڪي ضرورتن کي اوليت ڏين ته جيئن اندروني طور تي توانائي جو بحران پيدا نه ٿئي. اهو فيصلو وچ اوڀر جي خراب صورتحال سبب خام تيل جي فراهمي  ۾ پيدا ٿيندڙ رنڊڪ جي ڪري ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ چين تيل برآمد ڪندڙ وڏن ملڪن ۾ شامل ناهي، پر ان جي باوجود پنهنجي ذخيرن کي بچائڻ لاءِ اهو قدم کنيو ويو آهي. رپورٽ موجب چين کان اڳ جاپان، انڊونيشيا ۽ ڀارت سميت ڪيترائي ملڪ پنهنجي ريفائنريز جي پيداوار ۾ گهٽتائي ۽ برآمد کي عارضي طور معطل ڪري چڪا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.