گورنر کي صدر جي پٺ ڀرائي آهي، اسٽيبلشمينٽ صوبن جي نالي گهرو ويڙهه چاهي ٿي:سنڌ ايڪشن ڪميٽي

ڄامشورو( پ ر) سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو اجلاس ڪنوينر سيد زين شاھ جي صدارت ھيٺ جي ايم سيد ايڊيفس ڄامشورو تي ٿي گذريو، جنهن ۾ ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ جي صورتحال تي ڳڻتي جو  اظهار ڪيو ويو ته هي جنگ هن خطي ۽ عالمي امن لاءِ هاڃيڪار ٿي سگهي ٿي، خاص طور تي ايران جي معصوم ٻارن جي شهيد ٿيڻ ۽ اسڪولن ۽ اسپتالن ۽ شهري علائقن تي حملا انتهائي افسوس ناڪ ۽ جنگي عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي. هن اجلاس ۾ اقوام متحده کان مطالبو ڪيو ويو ته فوري طور جنگ بندي لاءِ اپاءَ وٺي عالمي امن کي يقيني بڻايو وڃي. هن اجلاس ۾ جنگي صورتحال ۾ ملڪ اندر پرامن احتجاج ڪندڙ عوام مٿان گوليون هلائي کين شھيد ڪرڻ جي مذمت ڪجي ٿي. هن اجلاس ۾ سنڌ ۾ افغان پناهگيرن جي باعزت ۽ پروقار واپسي جي گهر ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته جهڙي طرح پنجاب ۽ ٻين صوبن مان افغان پناهگيرن کي واپس ڪيو ويو آهي اهڙي طرح سنڌ مان آباد افغان پناهگيرن کي پنهنجي ملڪ واپس موڪلڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن. اجلاس ۾ ملڪ اندر نوان انتظامي يونٽ يا نوان صوبا ٺاھڻ جي منصوبي کي رد ڪندي ان ڳالھ تي اتفاق ڪيو ويو ته پاڪستان گهڻي قومي ملڪ آهي ۽ ان ۽ شامل تاريخي وحدتون تاريخي وطن آهن انهن جي اندر نوان انتظامي يونٽ يا صوبا ٺاهڻ سان ملڪ جي اندر عدم استحڪام پيدا ٿيندا ۽ اهو فيڊريشن جي لاءِ اهو هاڃيڪار ثابت ٿيندو، نهايت ئي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سنڌ جو گورنر جيڪو وفاق جو نمائندو آهي اهو گورنر هائوس ۾ ويهي نفرت جو مرڪز بڻائي ۽ سنڌ جي مستقل آبادين کي ويڙهائڻ جي خطرناڪ سازش ڪندو رهي ٿو جنهن کي ملڪ جي صدر آصف علي زرداري جي مڪمل ٺٺ ڀرائي حاصل آهي. صدر آصف علي زرداري ۽ ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ پنهنجي نمائندن جي ذريعي صوبن جي سازش ڪري خانا جنگي جي صورتحال پيدا ڪري رهيا آهن جن کي سنڌ جو عوام مڪمل طور تي رد ڪري ٿو. اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته تڪراري گورنر کي فوري طور تي هٽايو وڃي. اجلاس ۾ ان ڳالھ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو ته وزير اعظم پاڪستان ۽پنجاب حڪومت پنهنجي هوڏ تي قائم رهندي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ لاءِ جلال آباد ڪئنال جو ڪم جاري رکي سنڌ سان زيادتي ڪري رهيا آهن .اجلاس ۾ سنڌ اندر بدامني، بيروزگاري، ڪرپشن ۽ خراب حڪمرانيءَ سبب سنڌ جو عوام غربت جي لڪير کان هيٺ گذاري پيو جنهن جي ذميوار پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت آهي جنهن امير سنڌ جي ڪروڙين عوام کي پينو بڻائي ڇڏيو آهي.اجلاس ۾ ڪلھ 4 مارچ جو ڏينهن ملهائڻ تي شاگردن ۽ وڪيلن جي گرفتاري جي مذمت ڪئي وئي. اجلاس ۾ ڪراچي جي ڪياماڙي واري علائقي ۾ چائنا ڪمپني طرفان مقامي ماڻهن کي بيروزگار ڪرڻ تي مطالبو ڪيو ويو ته انڊسٽريز ۾ ترجيحات جي بنياد تي مقامي ماڻهن کي روزگار جو حق ڏنو وڃي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته عيد کانپوءِ سنڌ اندر قومي ڪانفرنسن جو سلسلو شروع ڪيو ويندو جنهن تحت،2 اپريل تي سکر ۾ جيئي سنڌ محاذ جي ميزباني ۾ قومي ڪانفرنس ٿيندي، 16 اپريل تي نوابشاھ ۽ جسقم شھيد بشير خان قريشي جي ميزباني هيٺ قومي ڪانفرنس ٿيندي، 30 اپريل تي ٺٽي ۾ جيئي سنڌ قومي پارٽي جي ميزباني هيٺ قومي ڪانفرنس ٿيندي ۽ اهڙي طرح باقي سنڌ جي ضلعن ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي پليٽ فارم تان قومي ڪانفرنسون ڪوٺايو وينديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.