گذريل رات ملير جي ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي جي حد ۾ ٽي خواجا سرا بي درديءَ سان قتل ڪيا ويا، جن جا رت سان رڱيل لاش اسان جي سماج جي بي حسيءَ ۽ حڪومت جي ناڪاميءَ جو وڏو ثبوت آھن. ھي واقعو ڪو عام قتل ناھي. پر انساني وقار سماجي برابري ۽ شهري حقن جو جنازو آھي جيڪو اسان سڀني جي اکين اڳيان آهي ۽ افسوس اسين وري به خاموش آھيون. خواجا سرا جيڪي صدين کان ھن ڌرتيءَ جي سماجي بناوٽ جو حصو آھن جيڪي شادين جي محفلن ۾ دعائون ڏين ٿا ٻارڙن جي جنم تي خوشيون ورهائين ٿا ۽ پاڻ لاءِ عزت سان رزق حاصل ڪرڻ لاءِ جاکوڙين ٿا تن لاءِ زندگي اڄ به محفوظ ناھي کين مختلف لقب ڏنا وڃن ٿا پر انسان سڏڻ کان آخر اسان جي زبانون ڇو ٿڪجن ٿيون؟
ملير ۾ ھي ٿيل اهو دکدائڪ واقعو دراصل ان سوچ جو ئي نتيجو آھن جتي خواجا سرا کي سماج کان ڌار گهٽ ۽ ڪمزور سمجهيو وڃي ٿو اسان جي اھڙي سوچ ئي اصل قاتل آھي، جيڪا قتل ڪندڙ جي هٿيار کان به وڌيڪ خطرناڪ آھي حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارا ڇا ڪري رھيا آھن؟ ڇا خواجا سرا جي رت جي ڪا به قيمت ناھي؟ ڇا سندن زندگيءَ جي ڪا اھميت ناھي؟ اسان کي ڪير ٻڌائيندو ته ھر ڀيري ظلم زيادتي ۽ قتل جو شڪار ٿيڻ باوجود خواجا سرا کي انصاف ڇو نٿو ملي؟ قانون ڇو انھن لاءِ بي آواز ٿي وڃي ٿو پوليس جا قدم انھن تڪليفن جي ذميوارن آڏو آخر ڇو ڪمزور ٿي وڃن ٿا ۽ عدالتن ۾ سندن ڪيسن تي ڌيان ڇو ناھي ڏنو ويندو؟
جڏهن ڪو سماج پنهنجي سڀ کان ڪمزور، مجبور ۽ لاوارث طبقي کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿئي ٿو تڏهن ئي اهو سماج پنهنجي وجود جي سڃاڻپ به وڃائي ويھي ٿو اسان کي اهو ياد رکڻ گھرجي ته خواجا سرا سڀ کان پهريان انسان آھن ۽ انسان هجڻ جي ناتي عزت جان ۽ آزاديءَ جو تحفظ حڪومت ۽ سماج ٻنهي جي ذميواري آھي ان لاءِ ضروري آھي ته قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري عدالت آڏو آندو وڃي خواجا سرائن جي تحفظ لاءِ خاص قانونن تي عملدرآمد ڪيو وڃي معاشري ۾ شعور پيدا ڪيو وڃي ته خواجا سرا اسان جا ڀائر ۽ ڀينر آھن ڪو ڌار وجود ناھن اسڪولن کان ميڊيا تائين انساني برابريءَ بابت شعور جا پيغام عام ڪيا وڃن جيڪڏهن اڄ به اسان خاموش رھياسين ته ايندڙ قتلن ۾ قاتل نه پر اسان جي خاموشي سڀ کان وڏو ڏوهاري ھوندي. ملير ضلعي اندر ھي قتل اسان لاءِ آخري وارننگ آھي ته يا ته اسان خواجا سرائن کي عزت تحفظ ۽ زندگيءَ جو حق ڏينداسين يا پوءِ تاريخ اسان کي ظالم بي حس ۽ مرده ضمير سماج طور ياد ڪندي