سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه پاڪستان ٽوڙڻ جي سازش آهي\اياز پليجو

حيدرآباد(پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير خالد مقبول صديقي جي ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ ۽ سنڌ کي ٽوڙي نئون صوبو ٺاهڻ واري بيان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته  ڪراچي سنڌ جي دل آهي. سنڌ کي ورھائڻ جي ڳالهھ پاڪستان  کي ٽوڙڻ جي سازش آھي. عالمي سامراجي طاقتون پاڪستان کي ٽوڙي نئون اسرائيل بنائڻ چاھين ٿيون،هن چيو ته شھباز شريف، آصف علي زرداري ۽ سنڌ حڪومت سنڌ ٽوڙڻ جا مطالبا ڪندڙ ايم ڪيو ايم جا سھولتڪار نه  بڻجڻ سنڌ ٽوڙڻ جي مطالبو ڪندڙ خالد مقبول صديقي تي آرٽيڪل 6 تحت ڪيس داخل ڪيو وڃي ۽ ايم ڪيو ايم کي فوري طور وفاقي حڪومت کان ڌار ڪيو وڃي،هن چيو ته  وفاقي حڪومت ھوش کان ڪم وٺي. جيڪڏھن 27 ھين ترميم ۾ سنڌ دشمن شق کي شامل ڪيو ويو ته  7 ڪروڙ سنڌ جا ماڻھو رستن تي ايندا.  انڪري ملڪ کي وڌيڪ بحران ۾ وجھڻ کان مڙي وڃو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.