هيءَ تصوير صرف هڪ احتجاجي ڏيک جي ناهي، پر تاريخ، نسل، رشتن ۽ تحريڪ جو هڪ مڪمل فريم آهي. هيءَ تصوير انهن بلوچ غائب ڪيل ماڻهن جي مائٽن جي آهي، جيڪي اڄ ڪلهه انصاف جي ڳولا لاءِ اسلام آباد جي پھاڙي فضا ۾ ڀٽڪي رهيا آهن. انهن جي چهرن تي درد بھ آھي تھ سوال به آهي.تصوير ۾ هڪ چهرو اھڙو بھ آهي جيڪو انهن سڀني ۾ اٽل ارادي وارو ۽ متحرڪ نظر اچي ٿو. اهو چهرو ايمان مزاري جو آهي.
ايمان مزاري نه رڳو مزاري قبيلي جي نياڻي آهي، جيڪا بلوچ قوم جي هڪ وڏي شاخ آهي، بلڪھ ان جي کليل حمايت،عدالتي وڪالت ۽ مزاحمتي قيادت اصل ۾ ان ئي”بلوچ نسل” جو هڪ فطري تسلسل آهي.جيڪڏهن اسان هن منظرنامي جو تاريخي پس منظر کوٽيون ته نظر اچي ٿو ته اهي سڀئي چهرا، معصومه بلوچ، سائره بلوچ، ناديه بلوچ، فوزيه بلوچ، ماهه زيب بلوچ، سڀئي ساڳي خون جي لڙي، هڪ ئي قوم جي شعوري جاڳرتا جو تسلسل آھن.جڏهن به آئين جي ڳالھھ ٿيندي، جبري گمشدگين خلاف آواز اٿاريو ويندو ۽ طاقتور کان سوال پڇيا ويندا ، هڪ نالو اڀري سامهون ايندو آهي، اھو نالو ايمان مزاري جو آھي. هوءَ صرف هڪ وڪيل ناهي، هوءَ رڳو هڪ انساني حقن جي ڪارڪن ناهي، بلڪھ هوءَ اڄ جي بلوچ نياڻي آهي، جيڪا ظلم جي ايوانن کي ڌوڏي ٿي ڇڏي.
سن2023 ۾ جڏهن بلوچ نوجوان بالاچ بلوچ کي سي ٽي ڊي ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو ۽ سندس گھرڀاتي ۽ ٻين گم ٿيل فردن جا مائٽ، تربت کان اسلام آباد تائين لانگ مارچ ڪيو، ته اها ئي ايمان مزاري هئي،جنهن نه رڳو کليل طور تي ان ظلم جي مذمت ڪئي، پر اسلام آباد جي عدالتن ۾ هن مسئلي کي اهڙي نموني اٿاريو ته بلوچ قيدين جي آزادي ممڪن ٿي سگهي.ايمان مزاري رڳو قانوني جنگ نه وڙهي،بلڪھ رياست جي بي رحم چهري کي آئين جي آئيني سامھون آڻي بيھاريو.
جولاءِ 2025 جي ٻئي ھفتي ۾، جڏهن بلوچ گم ٿيل ماڻهن جا خاندان ۽ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جا اڳواڻ ٻيهر اسلام آباد پهتا، ته اسلام آباد پوليس وري پراڻي روش کي ورجايو. انهن کي پريس ڪلب وڃڻ کان روڪيو ويو، انهن جي رهائشن تي ڇاپا هنيا ويا ۽ گھرمالڪن کي ڌمڪيون ڏنيون ويون. پر ايمان مزاري هڪ ڀيرو ٻيهر سرڪاري چهرن کي للڪاريو ۽ کليل طور تي هن ظلم خلاف اٿي کڙي ٿي وئي. احتجاج جو سلسلو تاحال جاري آهي. جتي انتظاميه ۽ گم ٿيل ماڻهن جي وچ جنگ جو ماحول آهي.
اڄ ايمان مزاري صرف شيرين مزاري جي ڌيءَ ناهي، پر هوءَ بلوچ ڌرتيءَ جي ڌيءَ آهي. هوءَ بلوچ سڃاڻپ جي وڪيل، گم ٿيل ماڻهن جي ھمراز ۽ آئين جي محافظ آهي.ايمان مزاري ان سچائي جي علامت آهي جيڪا بندوقن، ڪيسن ۽ جيلن کان نٿي ڊڄي. هوءَ مزاري قبيلي جي "شيرزال” (شيرزادي جي ڌيءَ) آهي ۽ اڄ هر بلوچ، هر مظلوم ۽ هر انصاف پسند شخص جي دل ۾، هوءَ صرف هڪ وڪيل نه آهي، هوءَ اميد جي ھڪ روشني آهي.ايمان مزاري جو تعلق بلوچ قوم سان آھي. جنهن جي تاريخ قرباني ۽ مزاحمت سان لکيل آهي. مزاري قبيلي کي بلوچن جي سڀ کان وڏي ۽ تاريخي قبيلي ۾ ڳڻيو ويندو آهي. مزاري بلوچي لفظ مزار مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ بلوچي ٻولي ۾ "شينھن ” آهي. روجهاڻ مزاري سميت ڊيرا جيڪي ڪڏهن بلوچستان جو حصو هوندا ھئا، هاڻي پنجاب جو حصو آهن. پر مزاري قبيلي کي اڃا بھ ياد آهي ته ان جي زمين، ان جي سڃاڻپ، ان جو خون ڪٿي جڙيل آهي.هن قبيلي جون 170 کان وڌيڪ شاخون آهن، جن ۾ بالاچاڻي، لھلاڻي، دولاڻي، سنجرانڻي، گھلاڻي، عمراڻي، گلراڻي، لاٺاڙي ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شامل آهن. پنجاب جي علائقن جهڙوڪ رحيم يار خان، صادق آباد، چوڪ سويترا، احمد هور، علي پور، ڊيرا غازي خان کان وٺي سنڌ جي ڪچي جي علائقن تائين، مزاري قبيلو اڄ بھ پنهنجي سڃاڻپ سان موجود آهي.
ايمان مزاري جي سڃاڻپ رڳو ان ڪري نھ آھي تھ هوءَ سينئر سياستدان شيرين مزاري جي نياڻي آهي، پر ان ڪري به آھي ته هوءَ رياستي جبر خلاف کڙي ھوندي آهي. جنهن جبر کي ٻيا اڪثر نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهن. بلوچ شاگردن جي جبري گمشدگي هجي، صحافين تي حملا هجن يا اسٽيبلشمينٽ جي سياسي مداخلت هجي. ايمان مزاري نه رڳو انهن مسئلن تي آواز اٿاريندي آهي پر عدالت ۾ انهن جو دفاع به ڪندي آهي.ناروي جي "ورلڊ ايڪسپريشن فورم” کيس "ينگ انسپائريشن ايوارڊ” سان نوازيو آھي. نوبل انعام يافته صحافي ماريا ريسا ، اھو ايوارڊ ايمان مزاري کي پيش ڪندي چيو ھو ته "هي اهو آواز آهي جيڪو خاموش ماڻهن جي نمائندگي ڪري ٿو.”ايمان مزاري وٽ موورثي سڃاڻپ ضرور آهي، پر هن پنهنجي سڃاڻپ پاڻ ٺاهي آهي. هوءَ هر ان شخص جي لاءِ اميد جو ڪرڻو آهي جيڪو چاهي ٿو ته پاڪستان قانون،عدل ۽ اظهار جي آزادي جي رستي تي هلي.ايمان کي جيل ۾ وجهي يا ھن خلاف ڪيس داخل ڪري کيس روڪي نٿو سگهجي. هوءَ هڪ نظريو بڻجي چڪي آهي، ۽ نظريو ڪڏهن به گرفتار نه ٿيندو آهي.