ڳوٺ بجراڻي لغاري کي انصاف ڪير ڏيندو؟

تحرير: سيد يوسف شاهه

اھو ڏينھن سنڌ جو درد رکندڙ ڪنھن به سنڌيءَ کان نه وسرندو، جڏھن 20 مئي 2025 جي نڀاڳي ڏينھن، سنڌوءَ درياهه تي غيرقانوني طور ٺھندڙ ٺھندڙ ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف موري جي ڳوٺ بجراڻي لغاريءَ جي نوجوانن پاران ڪيل پرامن مظاھري تي پوليس ۽ سرڪاري سرپرستيءَ ھيٺ ھٿيار بند نجي ماڻھن پاران ھٿيارن جا منھن کولي مظاھرو ڪندڙ بي ڏوھي نوجوانن تي گولين جا مينھن وسايا ويا، جنھن جي نتيجي ۾ ٻه نوجوان قومي ڪارڪن زاھد لغاري ۽ عرفان لغاري شھيد ٿي ويا، دلبر لغاري ھڪ ٽنگ ڪٽجڻ سبب معذور ٿي ويو. ڪيترن ئي ماڻھن تي مختلف ضلعن ۾ ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ ڪيترن کي کنڀي کڻي گم ڪيو ويو جن جو اڃا تائين ڪو ڏس پتو ناھي. پر اتي به بس ناھي ڪئي ويئي واقعي کي ٻن مھينن کان به وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود ڳوٺ بجراڻي لغاري اڃا تائين لاڳيتو پوليس جي گهيري ۾ آھي. سمورن ڳوٺاڻن کي ”دھشتگرد“ قرار ڏيئي مسڪين ۽ مجبور ڳوٺاڻن کان روزگار ڪرڻ جا حق به کسيا ويا آھن جيڪو ٿو روزگار خاطر ٻاھر نڪري ان کي پوليس کنڀي کڻي گم ڪريو ٿي ڇڏي، معصوم ٻارڙا بکون ڪاٽي رھيا آھن ۽ پيرسن عورتون، مرد ۽ ٻارڙا علاج جون سھوليتون نه ملڻ ڪري تڙپي تڙپي پنھنجا پساهه پورا ڪري رھيا آھن. حڪمرانن جي انھيءَ ڏاڍ، ظلم ۽ وحشانيت جي نتيجي ۾ ڳوٺ بجراڻي لغاريءَ ۾ روز انسانيت سوز، ھانو ڏاريندڙ ۽ ضمير کي جهنجوڙيندڙ واقعا جنم وٺي رھيا آھن، جن جو ٻڌي ھر زندهه ضمير سنڌ واسي رت جا ڳوڙھا ڳاڙھي رھيو آھي.

ڇا ويھن سالن جي فضيلا لغاري به دھشتگرد ھئي جنھن اڃا تائين زندگيءَ جون بھارون به نه ڏٺيون ھيون جنھن جو گهر وارو لئيءَ جون ڪاٺيون ۽ ٻوھارا موري شھر ۾ کپائي گذران ڪندو ھو، رستن تي پوليس بيھاري سندس روزگار جا رستا به بند ڪيا ويا، سندن گهر ۾ بک ۽ بيماريءَ جو راڪاس ڦري ويو سندن ٽن سالن جي معصوم نياڻي بيماريءَ سبب تڙپڻ لڳي، وٽن علاج ته ٺھيو پر ماني کائڻ لاءِ به ڏوڪڙ ڪونه ھئا. ھن شديد گرميءَ ۾ سندن گهر ۾ پنکو ته پري جي ڳالهه آھي پر ھٿ جي وڃڻي به ڪانه ھئي، بيمار معصوم ٻارڙي تڙپڻ لڳي ماءُ پنھنجيءَ نياڻيءَ جي تڙپ ۽ تڪليف برداشت نه ڪندي پنھنجيءَ ٽن سالن جي نياڻيءَ سميت پاڻ کي سنڌو درياهه جي حوالي ڪري پنھنجو ۽ پنھنجي نياڻيءَ جو انت آڻي ھميشہ لاءِ ظلم کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري ورتو. ڇا ھن واقعي به حڪمرانن جي ضمير کي چُھنڊڙي نه وڌي؟ ڳوٺ بجراڻي لغاريءَ جون عورتون ۽ معصوم نياڻيون مردن سان گڏجي مزوري ڪري گذر سفر ڪن ٿيون اھي ڪک چونڊي، انھن مان کٽن جا واڻ وَٽي، کٽون مڙھين ٿيون، ڪانا ميڙي انھن مان سنڌ جون ثقافتي سھڻيون ۽ وڻندڙ وڃڻيون ٺاھي کپائين ٿيون ٽُڪَ واريون رليون ۽ ڀرت ڀريل وڳا ٺاھي وڪڻن ٿيون زمينن مان ڦٽيون چونڊي گذران ڪن ٿيون ڇا اھي به اسان جي حڪمرانن جي نظر ۾ دھشتگرد آھن ۽ کين زندهه رھڻ ۽ روزگار ڪرڻ جو حق به ناھي؟ شھيد زاھد لغاريءَ جي بيواهه به دھشتگرد آھي؟ جيڪا ڳوڙھاري ھئڻ باوجود اڪيلي اسپتال وڃي ٿي ساڻس گڏ ڪوبه مرد نٿو ھجي ڇوته سندس سُھري ۽ ڀائرن تي به ڪوڙا ڪيس داخل آھن جيڪي پرامن مظاھري ۾ به شامل نه ھئا ! ڇا شھيد زاھد لغاريءَ جي نئين ڄاول نياڻي به دھشتگرد آھي جنھن کي ڄمڻ کان اڳ ئي پيءَ جي شفقت کان محروم ڪري يتيم بنايو ويو؟ ڇا شھيد عرفان لغاريءَ جو سئوٽ علي خان عادل لغاري جيڪو حڪومت جو حاضر سروس ويڪسينيٽر آھي ۽ واقعي واري ڏينھن شاھپور جھانيان ۾ ھو، سو به دھشتگرد آھي جو مٿس 5 ڪوڙا ڪيس داخل ڪري سندس دوڪان به ڊاھيا ويا آھن.!ڇا مزمل لغاري به دھشتگرد آھي جيڪو اڍائي مھينا اڳ پنھنجي ٽن سالن جي معصوم پٽ جي علاج لاءِ حيدرآباد ويل ھو ۽ واپسيءَ تي کيس پوليس گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو ۽ وارثن سان ملڻ به نٿي ڏي. جيڪو پنھنجي گهر لاءِ ڀاڄيون وٺڻ وڃي ٿو اھو به گرفتار، جيڪي ڪورٽن ۾ ضمانتن لاءِ وڃن ٿا اھي ڪورٽن مان گرفتار حد ته اھا آھي جو ھنن مسڪين ماڻھن جي گهرن دوڪانن ۽ گودامن کي به ڍاھي پٽ ڪري ڳوٺاڻن کي اجهي ۽ روزگار کان به محروم ڪيو پيو وڃي.

اسان جي سوچڻ ۽ ڳالھائڻ تي به پھرا لڳائي ماڻھن جي منھن تان مرڪون کسيون ويون آھن. اھڙو سلوڪ ته قبضي ڪيل علائقن جي ماڻھن سان قبضو ڪندڙ ملڪ به نٿا ڪن جهڙو سلوڪ اسان جي ملڪ ۾ ھن ملڪ جي معصوم شھرين سان ٿي رھيو آھي، جهڙيءَ ريت اسان جي ئي رت سان اسان جي سنڌ ڌرتيءَ کي وھنجاريو پيو وڃي. جيڪڏھن حڪمران سچا آھن ته گرفتار ۽ گم ڪيل ماڻھن کي کليل عدالتن ۾ آڻي سندن ڏوهه ثابت ڇو نه پيا ڪيا وڃن ”انڌير نگري چرٻٽ راجا“ وارو نظام ڇو لاڳو ڪيو ويو آھي؟ اسان کي ٻڌايو وڃي ته اسان ڪھڙي معاشري ۾ پيا رھون. اسان کي ٻڌايو وڃي ته اسان لاءِ انصاف جا در ڪڏھن کلندا، اسان کي ٻڌايو وڃي ته اسان کي انصاف ڪڏھن ملندو. اسان کي ٻڌايو وڃي ته پنھنجا انساني بنيادي حق ۽ انصاف وٺڻ لاءِ ڪنھنجي در تي وڃي دانھيون. تازو سپريم ڪورٽ جو فيصلو آيو آھي ته ايف آءِ آر فورن داخل ڪئي وڃي ھن عمل ۾ ڪوتاھي ۽ غفلت قانوني ۽ آئيني جرم آھي ته پوءِ موري جي شھيدن جون ايف آءِ آر سندن وارثن جي مرضيءَ سان سوا ٻه مھينا گذري وڃڻ باوجود اڃا تائين ڇو داخل نه ٿيون آھن اھڙي غفلت ۽ ڪوتاھي ڪري آئيني ۽ قانوني جرم ڪير ڪري رھيا آھن ۽ کين سزا ڪير ڏيندو؟ حڪمران پارٽين کان سواءِ ملڪ جي ھر سياسي پارٽي توڙي ملڪ جي بار ڪائونسلن ۽ پاڪستان ۾ انساني حقن جي بحاليءَ لاءِ ڪم ڪندڙ ھيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان جي گڏيل گهر آھي ته ھاءِ ڪورٽ جي ساک وارن ججن تي مشتمل جوڊيشل ڪميشن جوڙي ھن واقعي جي اڻ ڌري جانچ ڪرائي وڃي ڇا انصاف پلئه پوڻ جي اميد تي اھڙي گهُر ۽ مطالبو ڪرڻ به قانوني جرم ۽ آئين جي لتاڙ آھي جو اڃا تائين جوڊيشل ڪميشن به نه جڙي سگهي آھي. جڏھن سنڌ جي ناميارن وڪيلن سميت برک قانوندان چوڌري اعتزاز احسن جهڙا ماڻھو به وڏي واڪ چون ته 26 آئيني ترميم کان پوءِ عدالتون بي اختيار ٿي ويون آھن ته پوءِ اسان کي ٻڌايو وڃي ته ٻيون ڪھڙو ادارو وڃي بچيو آھي جيڪو اسان جي جان مال عزت ۽ بنيادي انساني حقن جو تحفظ ڪندي اسان کي حڪومتي ڏاڍ کان بچائي؟

جڏھن اڳوڻي وفاقي وزير، سنڌ جي وڏي وزير ۽ اڳوڻي وزير اعظم غلام مصطفيٰ جتوئي جو فرزند غلام مرتضيٰ جتوئي جيڪو پاڻ به وفاقي وزير رھي چڪو ھجي، اھو چوندي نظر اچي ته ” ھاڻوڪي جمھوريت کان جنرل ضياءَ جو مارشل لاءَ بھتر ھو.“ ته پوءِ فارم 47 واري ھن ”جمھوريت“ جو اخلاقي جواز ڪيترو وڃي بچي ٿو. انھن حڪمرانن ڌرتيءَ ڌڻين ڳوٺ لغاري بجراڻي جي رھواسين کان روزگار جو حق کسي، علاج جي حق کان محروم ڪري کاڌي پيتي جون شيون حاصل ڪرڻ جا گس بند ڪري سمورن بنيادي انساني حقن ۽ ضرورتن کان محروم ڪري غير انساني سلوڪ ڪري ۽ مٿن ڏاڍ ۽ ظلم ڪري کين سنڌ ڌرتيءَ سان پيار ڪرڻ ۽ سنڌ جا حق ۽ وسيلا واپس وٺڻ لاءِ ڪيل پرامن جدوجهد جي ڏوهه جي سزا ڏيئي کين عبرت جو نشان بنائڻ چاھين ٿا ته جيئن سنڌ مان ٻيون ڪوبه شخص پنھنجن حقن حاصل ڪرڻ لاءِ آواز بلند ڪرڻ جي جرئت نه ڪري سگهي ته ٻئي پاسي اھڙيون خبرون به ھلي رھيون آھن ته ڳوٺاڻن کي ھر صورت ۾ ھيسائي ۽ ڊيڄاري ڳوٺ خالي ڪرائي ان زمين تي به قبضو ڪيو وڃي. ان مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ حڪمرانن کي وڌيڪ نوجوانن تي گوليون وسائي شھيد ڪرڻو پوي يا فضيلا لغاريءَ جهڙيون نياڻيون آپگهات ڪري ھن بدبودار سماج جي مُنھن تي دانگي ملين ان سان ھنن حڪمرانن تي ڪو فرق پوڻو ناھي، پر کين ياد رکڻ گهرجي ته ڳوٺ بجراڻي لغاري ڌرتيءَ ۽ درياهه جي شھيدن جو ڳوٺ آھي جيڪي پنھنجو رت سنڌوءَ جي پاڻيءَ ۽ ڌرتيءَ جي مٽيءَ ۾ ملائي چڪا آھن جتي ظلم ۽ ناانصافيون وڌنديون آھن، جتي قانون جي حڪمرانيءَ جي جاءِ جهنگ جو قانون والاريندو آھي جتي حڪمرانن کي اقتدار جي حوس ۽ پئسي ميڙڻ جي لالچ بي حس ۽ خودغرض بڻائي ڇڏيندي آھي جتي ظلم انتھا تي پڄندو آھي جياپي جون سموريون اميدون ختم ٿي وينديون آھن تڏھن موت جو ڍپ به ختم ٿي ويندو آھي ۽ اتان کان ئي بغاوتون جنم وٺنديون آھن. اڄ اسان جي ڌرتي اسان کان کسي پيئي وڃي، اسان جا وسيلا اسان کان ڦريا پيا وڃن. اسان سان غلامن وارو سلوڪ روا رکيو پيو وڃي مائرن ۽ پيئرن جي سامھون سندن جوڌا جوان قربان ڪيا پيا وڃن اسان جا گهر ڍاھي بي گهر ۽ دوڪان ڍاھي بيروزگار ڪيو پيو وڃي اسان جي قومي تشخص تي وار ڪيو پيو وڃي اسان جي جيئڻ جا سمورا گس بند ڪيا پيا وڃن اھي سمورا منظر سنڌ ڏسي پئي، سنڌ محسوس ڪري پئي، سنڌ سوچي پئي سنڌ ضرور اٿندي سنڌ پنھنجي قومي بقاءَ لاءِ پرامن جدوجهد لاءِ اٿندي ۽ سمورين ظالماڻين ڪارروائين کي اورانگهي سوڀياري ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.