بلوچستان واسي بانو نالي نياڻي جو قتل، جنهن کي سندس ماءُ پنهنجي بيان ۾ "درست” قرار ڏئي ۽ سردار شيرباز کي بيگناهه قرار ڏئي رهي آهي، اهو صرف هڪ فرد جو الميو نه آهي، بلڪه اهو هڪ اهڙي خطرناڪ سوچ جي عڪاسي ڪري ٿو، جيڪو سڄي سماج کي ڳڙڪائي رهيو آهي. هن سانحي ۾ رڳو هڪ نياڻي قتل نه ٿي آهي، پر انصاف، انساني حقن، آئين ۽ رياست جي اخلاقي بنيادن تي به وار ٿيو آهي. اها ماءُ، جيڪا قدرتي طور پنهنجي ڌيءَ لاءِ ڍال هجڻ کپي، جڏهن پاڻ ئي پنهنجي نياڻي جي قتل کي جائز سمجهي، ته پوءِ سماج جي زمين ڇرڪجي پوي ٿي.
هن واقعي سان غيرت جي نالي تي ٿيندڙ قتلن جي واويلا ٻيهر تازو ٿي آهي. پر افسوس ان تي آهي ته اهڙن واقعن کان پوءِ به رياست خاموش تماشائي بڻجي رهي آهي. سوال اهو آهي ته ڇا پاڪستان ۾ عورتن، خاص ڪري نياڻين جي زندگيءَ جو حق سرداري فيصلي، جرڳي جي حڪم يا قبائلي روايتن کان گهٽ اهميت رکي ٿو؟ جيڪڏهن هتي قانون جي بالادستي نه هجي، ته پوءِ پارليامينٽ، عدالتون، پوليس، آئين ۽ جمهوريت جي دعوائن جو ڇا مقصد بچي ٿو؟
پاڪستان جو آئين (1973ع) واضح طور تي زندگي، آزادي ۽ برابري جي ضمانت ڏئي ٿو. آرٽيڪل 9، 14 ۽ 25 تحت هر شهري کي زندگيءَ جو حق، عزت جي حرمت، ۽ عورتن کي برابريءَ جا حق حاصل آهن. پر بانو جي ماءُ جو اهو بيان، جنهن ۾ هوءَ سردار شيرباز کي بيگناهه قرار ڏئي ۽ پنهنجي ئي ڌيءَ جي قتل تي فخر ڪري، اتي رياست لاءِ سواليه نشان پيدا ٿين ٿا. هي بيان رڳو هڪ ماءُ جو نه، پر ان پٺتي پيل ذهنيت جو ترجمان آهي، جيڪو اڄ به عورت کي ملڪيت، عزت جي "واحد نشان” سمجهي ٿو، ۽ ان جي مرضي، خواهش کي گناهه ٿو سمجهي.
غيرت جي نالي تي قتل، پاڪستاني قانون (PPC) جي شق 302 تحت قتل آهي. 2016ع ۾ ٿيندڙ ترميمن کان پوءِ اهڙي قتل لاءِ وارث جي معافي جي گنجائش ختم ڪئي وئي آهي، ۽ رياست پاڻ فريادي بڻجي سگهي ٿي. ان هوندي به جيڪڏهن قاتل آزاد گهمن، فيصلا ڪندڙ سردار عزت جا لقب کڻن، ۽ ماءُ جهڙي شخصيت قاتلن جي صفن ۾ بيهي، ته پوءِ قانون جي رياست نه هجڻ جو اظهار آهي. ڇا اڄ به پاڪستان ۾ جرڳن، راڄوڻين، سردارن جا فيصلا آئين کان مٿانهان آهن؟
هن واقعي مان واضح ٿئي ٿو ته رياست نه فقط پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي، پر اهو به ثابت ٿيو آهي ته عورت جي عزت، زندگي، ۽ مرضي جي تحفظ لاءِ قانون صرف ڪتابن ۾ بند آهي. بانو صرف انڪري مارجي وئي جو هن جا ڪنهن سان ذاتي تعلق هئا؟ يا کيس شڪ جي بنياد تي قتل ڪيو ويو؟ ڇا اها ملڪيت هئي؟ پوءِ سوال اٿي ٿو ته ڇا عورت کي انساني حيثيت پاڪستان ۾ اڃا تائين نه ملي سگهي آهي؟ جيڪڏهن رياست اهڙن واقعن خلاف پاڻمرادو ڪارروائي نٿي ڪري، ته پوءِ ان جي غير جانبداري، انصاف پسندي ۽ آئين جي بالادستي جو تصور صرف دعويٰ رهجي وڃي ٿو. هر اهڙي خاموشي، ايندڙ نسلن لاءِ اهو پيغام ڏئي ٿي ته عورت جي زندگيءَ جو فيصلو سماج جي طاقتور طبقي، سرداري نظام، ۽ مردانه غيرت سان ٿيندو. رياست جي خاموشي، قاتلن لاءِ همدردي بڻجي بيهندي آهي، ۽ جرڳي کي آئين کان مٿي ڪري بيهاري ٿي.
سوال صرف ايترو ناهي ته ڇو بانو ماري وئي؟ سوال اهو آهي ته ڇا بانو جي ماءُ جو بيان رياست لاءِ ڪافي ناهي ته هوءَ فوري طور ان بيان جي بنياد تي قانوني ڪارروائي شروع ڪري؟ ڇا ان سردار ۽ ان جرڳي تي آئين جي آرٽيڪل 6 تحت “رياستي بغاوت” جو ڪيس نه هجي، ڇاڪاڻته انهن آئين جي اختيارن کي لتاڙي، هڪ نياڻيءَ جي زندگي تي “راجوڻي حڪم” لاڳو ڪيو؟ جيڪڏهن قاتل رياست جي ’تشخص‘ جي مخالفت ۾ ڪم ڪن، ته پوءِ رياست کي پنهنجو وجود ثابت ڪرڻ لاءِ اٿي بيهڻو پوندو.
اهو سڀ ڪجهه هڪ نياڻيءَ جي قتل کان گهڻو اڳتي وڃي ٿو. هي واقعو ٻڌائي ٿو ته اسان جي رياست اڃا تائين عورتن لاءِ واضح ناهي. جيستائين عورت جي عزت، مرضي، تحفظ، ۽ انسان هجڻ جو تصور سرداري حڪمن، جرڳن ۽ خاندان جي "غيرت” جي ردي معيارن جي رحم و ڪرم تي هوندو، تيستائين هر نئين بانو جي حياتي خطري ۾ هوندي.اسان کي فيصلو ڪرڻو آهي:
ڇا پاڪستان آئين جي حڪمرانيءَ وارو ملڪ آهي، يا راڄوڻي سرداري حڪمن جو غلام ۾؟ڇا عورت انسان آهي، يا خاندان جي عزت جو مجسمو؟ڇا عدالتون انصاف ڏينديون، يا جرڳا موت جا فيصلا ڪندا؟هي وقت آهي ته رياست پنهنجي خاموشي ٽوڙي. قاتلن، جرڳو ڪندڙن، سردار شيرباز ۽ بانو جي ماءُ سميت انهن سڀني خلاف سخت ڪارروائي ٿئي، جن قاتلن کي همدردي ڏني، يا ان سانحو کي "درست” قرار ڏنو. اهو رڳو بانو لاءِ انصاف نه هوندو، بلڪه ان هر نياڻي لاءِ آواز هوندو، جيڪا اڃا زنده آهي، پر خطري ۾ آهي.
سوال صرف ايترو ناهي ته ڇو بانو ماري وئي؟ سوال اهو آهي ته ڇا بانو جي ماءُ جو بيان رياست لاءِ ڪافي ناهي ته هوءَ فوري طور ان بيان جي بنياد تي قانوني ڪارروائي شروع ڪري؟ ڇا ان سردار ۽ ان جرڳي تي آئين جي آرٽيڪل 6 تحت “رياستي بغاوت” جو ڪيس نه هجي، ڇاڪاڻته انهن آئين جي اختيارن کي لتاڙي، هڪ نياڻيءَ جي زندگي تي “راجوڻي حڪم” لاڳو ڪيو؟ جيڪڏهن قاتل رياست جي ’تشخص‘ جي مخالفت ۾ ڪم ڪن، ته پوءِ رياست کي پنهنجو وجود ثابت ڪرڻ لاءِ اٿي بيهڻو پوندو.