پنجاب پاران سنڌوءَ تي وڌيڪ 3 ڪئنال ٺاهڻ لاءِ چار ارب رپيا مختص: ڪئنالن جو انگ 9 ٿي ويو

اسلام آباد(م ڊ) پنجاب حڪومت سنڌ جي سخت احتجاج باوجود پنهنجي هوڏ تي برقرار آهي، تڪراري چولستان ڪئنال سان گڏ ٽن نوان ڪئنالن لاءِ بجيٽ ۾ پئسا رکي ڇڏيا آهن، پنجاب سنڌو درياهه مان وڌيڪ ٽي ڪئنال ڪڍڻ اڏڻ لاءِ بجيٽ ۾ اربين رپيا رکي ڇڏيا آهن، جنهن بعد سنڌو  درياهه مان نڪرندڙ تڪراري ڪئنالن جو انگ 6 مان وڌي 9 ٿي ويو آهي، پنجاب حڪومت بجيٽ ۾ تڪراري چولستان ڪئنال لاءِ 218 ارب ۽ چوبهار ڪئنال لاءِ 30 ارب رپيا رکي ڇڏيا آهن، اهڙي طرح ٽوبا ٽيڪ سنگهه ۽ پاڪپتن جي غير زمين آباد ڪرڻ لاءِ پاڪ پتن اسلام لنڪ، تريمو لنڪ ڪئنال ۽ ايم پي لنڪ ڪئنال لاءِ به رقم رکي ڇڏي آهي، جيڪي نون ڪئنالن ۾ شامل آهن، دستاويزن موجب ٽوبا ٽيڪ سنگهه کي آباد ڪرڻ لاءِ تريمو لنڪ ڪئنال لاءِ 2 ارب 22 ڪروڙ رپيا، پاڪ پتن جي زمين آباد ڪرڻ لاءِ ايم پي لنڪ ڪئنال ٺاهڻ لاءِ هڪ ارب ۽ پاڪ پتن اسلام لنڪ ڪئنال جي اڏاوت لاءِ 70 ڪروڙ رپيا بجيٽ ۾ رکيا ويا آهن، دستاويزن موجب پنجاب حڪومت 7 ڪئنالن جي ري ماڊلنگ لاءِ به اربين رپيا مختص ڪيا آهن، انهن ۾ جهنگ مان نڪرندڙ رنگ پور ڪئنال جي بحالي لاءِ هڪ ارب رپيا، قصور مان نڪرندڙ آر بي او ڊي لنڪ ڪئنال لاءِ هڪ ارب 12 ڪروڙ، بهاولپور مان نڪرندڙ ڊزرٽ برانچ ڪئنال جي ريماڊلنگ لاءِ 46 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن، شجاع آباد لنڪ ڪئنال جي ريماڊلنگ لاءِ 60 ڪروڙ رپيا ۽ مظفر ڳڙهه کي آباد ڪرڻ لاءِ ميگاسن برانچ ڪئنال جو پاڻي تونسا بئراج جي ڊائون اسٽريم ۾ ڇڏڻ لاءِ 60 ارب رپيا رکيا ويا آهن، اهڙي طرح گجرات برانچ ڪئنال جي بحالي لاءِ به 85 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن، ذريعن موجب جلال پور ڪئنال جي اڏاوت تي 50 سيڪڙو رقم خرچ ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، دستاويزن موجب جلال پور ڪئنال تي 16 ارب 67 ڪروڙ رپيا خرچ ٿي ويا آهن، جن مان 8 ارب 85 ڪروڙ رپيا پرڏيهي فنڊنگ مان خرچ ڪيا ويا آهن، جلال پور ڪئنال جون 2027 ع تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي  آهي، سنڌ جي ماهرن جو چوڻ آهي ته نوان ڪئنال سميت ڪئنالن جي ريماڊنگ سان سنڌ متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي، انهن لاءِ به پاڻي سنڌو درياهه مان ئي کنيو ويندو، ٻي پاسي وفاقي حڪومت چولستان ڪئنال تي ڪم شروع نه ٿيڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي آهي، پاڻي وسيلن بابت وفاقي وزير معين وٽو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڪئنالن تي ڪم شروع ناهي ٿيو، صوبن کي اعتماد ۾ وٺڻ کانپوءِ ڪم شروع ڪيو ويندو، چولستان ڪئنال جو ڪم شروع ٿيڻ بابت خبرون درست ناهن، زوري ڪئنال نه ٺهندا، ڪجهه خدشا آهن، مشاورت جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.