اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي شرعي عدالت پنهنجي فيصلي چيو آهي ته ڪو به اهڙو رواج، جيڪو خاندان جي ڪنهن عورت کي سندس وراثتي حق کان محروم ڪري، ان جي ڪا به قانوني حيثيت نه آهي.
وفاقي شرعي عدالت جي چيف جسٽس اقبال حميد الرحمٰن، جسٽس خادم حسين ايم شيخ ۽ جسٽس امير محمد خان تي ٻڌل ٽي رڪني بئنچ 21 صفحن تي ٻڌل فيصلو جاري ڪيو، جيڪو ضلعي بنون جي ڪجهه علائقن ۾ موجود ”چادر يا پرچي“ جي رواج خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي بعد ٻڌايو ويو.
عدالت عورتن کي وراثت کان محروم ڪرڻ واري عمل کي غير اسلامي ۽ غير قانوني قرار ڏيندي واضح ڪيو ته اهڙن ڏوهن تي قانوني سزا به ٿي سگهي ٿي.
درخواستگذار سيده فوزيه جلال شاهه پنهنجي درخواست ۾ نه رڳو بنون ۾ موجود روايتن بابت روشني وڌي، پر پنهنجي ماءُ سيده افتخار بي بي لاءِ به رليف جي گهر ڪئي، جيڪا مبينا طور تي مقامي ريتن رسمن سبب والد ۽ مڙس جي وراثت ۾ حق حاصل ڪرڻ کان محروم رهي.
شرعي عدالت درخواست کي جزوي طور قبول ڪندي، مقامي رسم کي غير اسلامي قرار ڏيڻ واري مطالبي کي تسليم ڪيو.
درخواستگذار پنهنجي موقف ۾ سورت النساءَ جي آيتن 7، 11، 12 ۽ 14 جو حوالو ڏيندي موقف اختيار ڪيو ته قرآن پاڪ واضح طور تي مسلمانن کي هدايت ڪئي آهي ته هر حقدار وارث کي وراثت جو مناسب حصو ڏنو وڃي.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ واضح ڪيو ته دستياب انگن اکرن ۽ مختلف ڌرين طرفان پيش ڪيل رپورٽن موجب، عورتن کي وراثت جي حق کان محروم ڪرڻ جو ڏوهه عام آهي، جيڪو نه رڳو اسلامي اصولن پر قانون جي نظر ۾ به ناقابل قبول آهي.
عورتن کي وراثتي حق کان محروم رکڻ واريون رسمون غيرقانوني آهن: وفاقي شرعي عدالت
You might also like