فاروق ايڇ نائيڪ جو سنڌوءَ مان ڪئنال ڪڍڻ وارو منصوبو ختم ڪرڻ جو مطالبو

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ فاروق ايڇ نائيڪ ڪئنالن جي منصوبي خلاف سخت موقف اختيار ڪندي فيصلو ترت واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
حيدرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن واضح ڪيو ته هو سمجهي ٿو ته اهڙا ڪئنال قطعي طور نه ٺهڻ گهرجن،
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن پنجاب حڪومت ڪئنال ٺاهڻ سان پاڻي روڪيو ته اها سنڌ لاءِ وڏي ناانصافي هوندي.
فاروق ايڇ نائيڪ جو چوڻ هو ته ان منصوبي سان سنڌ جي معيشت ۽ زراعت کي وڏو نقصان پهچندو، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.