حاضر سروس فوجي آفيسر سويلينز جي عهدن تي ڪم ڪندا، نئون قانون منظور

جڪارتا (ويب ڊيسڪ) انڊونيشيا جي پارليامينٽ هڪ تڪراري قانوني ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ حڪومتي معاملن ۾ فوج جو ڪردار وڌي ويندو.
نقادن جو چوڻ آهي ته پارليامينٽ جي نئين قانونسازي انڊونيشيا کي ٻيهر فوجي حڪمران سوهارتو جي اونداهين دور ڏانهن واپس وٺي وينديون.
واضح رهي ته سوهارتو لڳ ڀڳ 32 سال انڊونيشيا تي حڪمراني ڪئي ۽ 1998ع ۾ سندس اقتدار جو خاتمو ٿيو.
قانون ۾ ڪيل ترميمن کي صدر پروبوا سبيناتو جي حمايت پڻ حاصل رهي، جيڪو اسپيشل فورسز جو اڳوڻو ڪمانڊر ۽ سوهارتو جو ڏوهٽو آهي.
انڊونيشيا جي قانون ۾ ترميم کانپوءِ فوجي عملدارن کي بنا استعيفيٰ يا رٽائرمينٽ جي سرڪاري عهدن تي ڪم ڪرڻ جي اجازت هوندي.
تازين ترميمن خلاف جهموريت جي حامين پاران احتجاج ڪيو پيو وڃي، عوام ڪيئي ئي ڏينهن کان پارليامينٽ ٻاهران ويهي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيا آهن.
انڊونيشين ايسوسيئيشن آف فيمليز آف دي ڊس اپيئرڊ سان واڳيل انساني حقن جي ڪارڪن ولسن جو چوڻ آهي ته جهموريت جو مطلب اهو آهي ته فوج سياست ۾ شامل نه ٿئي.
سندس چوڻ هو ته فوج کي رڳو پنهنجي بيرڪن ۾ هجڻ کپي ۽ قومي دفاع جي ذميواري سنڀالڻ گهرجي.
هن برطانوي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 1998ع کان وٺي جهموريت جو قتل ڪيو پيو وڃي ۽ هاڻي اهو انتها تي پهچي ويو آهي.
قانون ۾ ٿيل ترميمن کانپوءِ فوجي اهلڪار انڊونيشيا جي 14 حڪومتي ادارن ۾ عهدن تي مقرر ٿي سگهندا، جڏهن ته فور اسٽار جنرلن جي رٽائرمينٽ جي عمر 60 مان وڌائي 63 سال ڪئي وئي آهي.
احتجاجي مظاهرين پارليامينٽ ٻاهران موجود آهن، جتي پوليس ۽ فوجي اهلڪارن جي وڏي نفري موجود آهي. مظاهرين جي هٿن ۾ بئنر آهن، جن تي لکيل آهي ته ”فوج کي بيرڪن ڏانهن واپس موڪليو.“
انڊونيشيا ۾ گذريل 25 سالن کان فوجي مداخلت کي محدود ڪرڻ جون ڪوششون جاري هيون، پر انساني حقن جي مقامي تنظيم امپارشل موجب ترميمن کان اڳ به لڳ ڀڳ 2600 فوجي سولين ادارن ۾ خدمتون انجام ڏئي رهيا هئا.
گلوبل ڪائونسل جي تجزيي نگار ڊيڊي ڊنارٽو جو چوڻ آهي ته قانون ۾ ڪيل ڦيرڦار جو مقصد صدر پروبوا جي اقتدار کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ آهي.
هن چيو ته ملڪ جي وڏي مخالف ڌر جي پارٽي شروع ترميمن جي مخالفت ڪئي، پر پوءِ ان به ان جي منظوري ڏني، انڊونيشيا جي حڪومت تازين ترميمن حمايت ڪري رهيا آهن،
بچاءَ واري وزير جعفري شمس الدين جو چوڻ آهي ته علائقائي تبديليون ۽ بين الاقوامي فوجي ٽيڪنالاجي جي واڌاري کي نظر ۾ رکندي فوج کي روايتي ۽ غير روايتي جنگين لاءِ تيار رهڻ گهرجي.
هن وڌيڪ چيو ته اسين انڊونيشيا جي عوام کي ڪڏهن به مايوس نه ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.