ڪنڌڪوٽ جي نمائندي جي رپورٽ موجب ڪنڌڪوٽ شهر مان راڪيش ڪمار، گوبند ڪمار، وڪرم ڪمار سميت 20 کان وڌيڪ هندو خاندان لڙڪ لاڙيندا جنم ڀومي ڇڏي ڀارت روانا ٿي ويا آهن. سنڌ مان هندو برادري جي لڏپلاڻ جي تاريخ ننڍي کنڊ خاص ڪري پاڪستان ۽ ڀارت جي ورهاڱي سان شروع ٿي آهي جيڪا ختم ٿيڻ جو نانءُ ئي نه وٺي ورهاڱي واري ان معاملي ۽ خاص ڪري ان سبب ٿيل لڏپلاڻ تي ڪيترائي ناول، ڪهاڻيون لکيون ويون آهن، ڪيتريون ئي فلمون ٺهيون آهن.
ورهاڱي جو ڦٽ توڙي سور بهرحال اڃان تازو آهي. جيتوڻيڪ ان ورهاڱي کي ورهيه ٿي چڪا آهن ان سبب شايد اهو آهي جو اهي حالتون اڃان ساڳيون آهن جنهن ڪارڻ ورهاڱو ٿيو هو. ڪي ڌريون آهن جيڪي هاڻي به هندو مسلم نفرت کي سنڀالي ويٺيون آهن ۽ ان مذهبي نفرت جي بنياد تي پنهنجا خسيس مفاد ماڻي رهيون آهن ۽ انهن مفادن کي ماڻڻ کي مذهبي ڪارڊ استعمال ڪري رهيون آهن. انهن مفادن تحت هندن کي تنگ ۽ پريشان ڪري کين لڏڻ تي مجبور ڪري سندس گهرن، ملڪيتن ۽ ڪاروبار تي قبضو ڪرڻ وغيره شامل آهي. هاڻي وري ڪجهه سالن کان هندن نياڻين جي جبري شادين جو لاڙو پڻ وڌي ويو آهي جنهن لاءِ انهن کي مذهب تبديل ڪرڻ تي پڻ مجبور ڪيو ويندو آهي. جيڪي ڌريون کانئن جبري طور مذهب تبديل ڪرائين ٿيون تن جي دعويٰ آهي ته اهي ڇوڪريون پاڻ اسلام مان متاثر ٿي مذهب تبديل ڪن ٿيون جنهن تي کانئن اهو سوال ڪيو ويندو آهي ته ڀلا ان رجحان ۾ هندو ڇوڪرا يا مرد ڇو نه ٿا مذهب تبديل ڪن رڳو هندو ڇوڪريون ئي ڇو ٿيون مذهب تبديل ڪن؟ انهن واقعن کي ڏسندي به ڪيترائي هندو خاندان لڏپلاڻ ۾ پنهنجي عافيت سمجهن ٿا.
مذهبي انتهاپسندي کان علاوه بدامني ۽ ڏوهارين خاص ڪري ڌاڙيلن جي نشاني تي رهندڙ هندن جو ڪاروباري طبقو به لڏڻ تي مجبور ٿيندو آهي ڌاڙيلن هٿا هر دور ۾ هندو اغوا ٿيندا رهيا آهن ۽ لکن ڪروڙن رپين جو ڀنگ ڏئي پاڻ کي آزاد ڪرائي پوءِ هميشه هميشه لاءِ لڏپلاڻ ڪري ويندا آهن. انهن ٻن مسئلن جي ڪري هاڻي به رپورٽن موجب ويجهڙ ۾ رڳو ڪنڌڪوٽ شهر مان 20 خاندان لڏپلاڻ ڪري ڀارت روانا ٿي ويا آهن.
هندن جي لڏپلاڻ تي ڪن ڌرين جو وري اهو به خيال هوندو آهي ته ايئن ته ڌاڙيلن ۽ مذهبي انتهاپسندي کان سنڌي مسلمان به ستايل رهندا آهن، ڌاڙيلن هٿا اغوا به ٿيندا آهن ته ڇا ان جو حل اهو آهي ته اهي به لڏپلاڻ ڪن؟ انهن ڌرين جو خيال آهي ته سنڌي مسلمانن وانگر هندن کي به حالتن جو مقابلوڪرڻ گهرجي پر پنهنجي جنم ڀومي نه ڇڏڻ گهرجي. ايئن برابر ڪيترائي هندو آهن جن ورهاڱي کان وٺي انهن حالتن جو مقابلو ڪيو ۽ سنڌ ۾ ئي رهائش پذير رهيا پر پر هندو برادريءَ کي بهرحال اهڙي ميار نه ڏيڻ گهرجي ۽ نه ئي ڏئي سگهجي ٿي. اسان کي سمجهڻو پوندو ته سنڌي مسلمانن ۽ سنڌي هندن ۾ وڏو فرق آهي. مذهبي ڌرين لاءِ هندن کي نشانو بڻائڻ وڌيڪ سولو آهي ، ٻيو ته ڪاروباري طبقي هئڻ ناتي به اهي ڌاڙيلن ، ڏوهارين ۽ مافيائن جي نشاني تي آهن ٽيون پهلو جنهن جو ذڪر مٿي ڪري آيا آهيون ته هاڻي سندن نياڻيون به محفوظ ناهن ۽ جبري شادين جو شڪار آهن.
سوجيڪڏهن ميار ڏيڻي به آهي ته هندو برداري کي نه پر حڪومتن کي ڏيو خاص ڪري سنڌ حڪومت کي جنهن جي اولين ڊيوٽي آهي ته اها عوام جي جان، مال ۽ عزت جو تحفظ ڪري. ٻيو ته هندو برادري اڪثريتي طور تي پ پ جي ووٽر آهي ان حساب سان به پ پ حڪومت جو پهريون فرض آهي ته اها پنهنجن ووٽرن جي مالڪي ڪري پر پ پ حڪومت جي ڪارڪردگي ان ڏس ۾ سواليه نشان آهي. اها ڌاري آبادي کي سنڌ ۾ رهائڻ ۽ کين شناختي ڪارڊ ۽ ڊوميسائيل ٺاهرائي ڏيڻ ۾ ته اڳڀري نظر ايندي آهي جڏهن ته ڌاريا پ پ جا ووٽر به ناهن هوندا پر انهن جي رهائش لاءِ پ پ کي وڏو اونو هوندو آهي پر هندو برادري جي لڏپلاڻ جي ڪڏهن پ پ سنجيدگي مان نوٽيس ناهي ورتو. هندن جا اهي 20 خاندان جيڪي تازو بدامني سبب ڀارت لڏي ويا آهن سي به پ پ جا ئي ووٽر هيا يعني انهن جي وڃڻ سان پ پ جي ئي ووٽ بينڪ کي نقصان رسندو پر حيرت آهي ته پ پ حڪومت کي ان جو ذرو به احساس ناهي جنهن تي اچو ته سڀ گڏجي پ پ حڪومت کي ميار ڏيون.
هندو برادري جي لڏ پلاڻ جو ڏسجي ته سنڌ کي به هر دور ۾ نقصان رسيو آهي. هڪ ته سياسي طور سنڌين جي نمائندگي گهٽي آهي ۽ گهٽجي رهي آهي ۽ ٻئي پاسي سنڌ ۾ ڌاري آبادي وڌي رهي آهي. ٻيو ته هندو برادري جي لڏپلاڻ سان سنڌين جي ڪاروبار ۽ معاشي سگهه کي ڌڪ رسيو آهي جنهن جو ذڪر مٿين رپورٽ ۾ پڻ ڪيو ويو آهي ته هندن جي وڃڻ سان واپاري مرڪز اجڙڻ لڳا آهن، اناج منڊيون ختم ٿي رهيون آهن، رائيس ملون ۽ ڪارخانا بند ٿي رهيا آهن. هندن جو جنم ڀومي کي ڇڏڻ ۽ پنهنجي وطن ۽ ماروئڙن کان جيئري جدا ٿيڻ واري بدبختي پنهنجي جاءِ تي پر انهيءَ سڄي صورت حال ۾ آخري ذميواري سنڌ حڪومت جي آهي ته اها هندو برادري جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ لاءِ سنجيده ٿئي ۽ هندن جي لڏپلاڻ کي سنڌ جو عظيم ۽ ناقابل برداست نقصان سمجهي.