ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارت جو ناليوارو کلائڻو اداڪار ٽيڪوتلسانيا برين اسٽروڪ جو شڪار بڻجي ويو.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب سينيئر اداڪار ٽيڪلو تلسانيا کي برين اسٽروڪ ٿيو آهي جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
ان کان اڳ اهي خبرون آيون هيون ته اداڪار کي دل جو دورو پيو هو پر هاڻي ڀارتي ميڊيا اها تصديق ڪئي آهي ته ٽيڪو تلسانيا کي حقيت ۾ دماغي اسٽروڪ ٿيو آهي.
ٽيڪو تلسانيا گجراتي فلم جي خاص اسڪريننگ لاءِ وينيو تي پهتو جتي کيس الٽيون ٿيون جنهن کانپوءِ کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو ۽ ڊاڪٽر کيس دماغي اٽيڪ جي تصديق ڪئي آهي.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ٽيڪلو تلسانيا جي حالت انتهائي ڳڻتيءَ جوڳي آهي.