پاڻي زندگي آهي، پاڻي کانسواءِ ڪائنات ۾ ڪو به جاندار زنده نٿو رهي سگهي، ڪائنات جي جوڙجڪ ۾ مٽي، ھوا ۽ پاڻي کي مکيه عنصر سمجهيو وڃي ٿو، جمادات، نباتات ۽ حيوانات جي جياپي ۽ واڌ ويجھه جو سبب به پاڻي آهي، پاڻي نه صرف جياپي جو سبب آهي پر زراعت، صنعت توڙي زندگي سان لاڳاپيل سڀني روز مرہ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ پاڻي جو استعمال ڪيو وڃي ٿو، جيڪڏهن اسان انسان جي ضروريات زندگي تي نظر وجهنداسين ته پاڻي سڀني ضرورتن کان اهم آهي، ڏٺو وڃي ته گذريل ڪيترين ئي سالن کان مسلسل سنڌ کي سندس حصي جو پاڻي جيڪو 1991ع واري پاڻي ورڇ ٺاھ مطابق نٿو ملي، جنهن جي ڪري تمر جا ٻيلا تمام گهڻا گهٽجي ويا آهن، سامونڊي پٽي جي لکين ايڪڙ ايراضي زمين سمنڊ جي زهريلي سيلاب ۽ چاڙھ ڳڙڪائي خراب ڪري ڇڏي آهي، دريائي ٻيلا ختم ٿي ويا آهن، مڇي مرڻ جو انگ گهٽجي ويو آهي، جهنگلي جيوت جا ڪيترائي قسم ناپيد ٿي ويا آهن، پکين جا ڪيترائي قسم ختم ٿي ويا آهن.
ھاڻوڪي موسمي تبديلي يعني برساتن جو گهٽ وڌ پوڻ، سنڌ کان مٿي نون ڊيمن، بيراجن ۽ واهن جو نڪرڻ، پاڻي جي غير مناسب ورڇ، سنڌ کان مٿي پاڻي جي چوري جهڙن انيڪ مسئلن جو سنڌ شڪار آهي. حالت اها آهي جو ٿورو به پاڻي ڪوٽڙي کان هيٺ ڇڏيو وڃي ٿو ته ان کي پاڻي جو زيان چيو وڃي ٿو توڙي جو دريائي پڇڙي ۾ 10 ملين ايڪڙ فٽ کان وڌيڪ پاڻي جي ضرورت آهي سمنڊ جي چاڙھ کي روڪڻ لاءِ. ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي جون گهرجون نهايت اهميت واريون آهن، جن ۾ سمنڊ جي چاڙھ کي روڪڻ، تمر جي ٻيلن جو بچاءُ ، پيئڻ جو پاڻي، دريائي ٻيلن جو بچاءُ ، زرعي آبادي، دريائي پيٽ زنده رکڻ، زير زمين مٺي پاڻي جي سطح کي برقرار رکڻ وغيره پر ان جي برعڪس ڏٺو وڃي ته دريا ۽ سمنڊ جا ٻيلا تقريبن ختم ٿي ويا آھن، سمنڊ هزارين ايڪڙ زمين کائي ويو ۽ هزارين ايڪڙ زمين بنجر ڪري ويو، زير زمين پاڻي کارو ٿي ويو آھي.
جڏهن ته سنڌ کي ضروت مطابق پاڻي اڳ ۾ ئي نه ملي رهيو آهي ويتر اهڙي صورتحال ۾ ڇهھ ڪينال ڪڍڻ سنڌ کي ڀڙڀانگ ڪرڻ سمجهون ٿا. پاڻي نه هجڻ ڪري ماحولياتي تباهي پڻ ٿيندي. سکر بيراج توڙي ڪوٽڙي بيراج جي واهن ۾ پاڻي نه هوندو ته نه صرف سنڌ جا هزارين ڳوٺ، زرعي زمينون متاثر ٿينديون پر ڪراچي جهڙي شهر ۾ به ماڻهن کي پيئڻ لاءِ پاڻي جي بوند به نه ملندي. پاڻي مسئلو صرف زميندارن جو نه پر عام ماڻهو جي لاءِ به ايترو ئي اهم آهي. گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ کي کنڊر ڪرڻ جي سازش کي سمجهڻ وقت جي ضرورت آھي جيڪا سنڌ جي ٻهراڙي توڙي شهري علائقن جي لاءِ تباهي کان گهٽ نه آهي حڪمرانن کي هن اهم مسئلي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي.
جيڪڏهن حڪمران پنهنجي ھوڏ تان نه لٿا ته ان جا نتيجا چڱا نه نڪرندا، سنڌ جو عوام پنهنجي جياپي جي لاءِ روڊن تي نڪري ايندو احتجاجي تحريڪون شروع ٿي وينديون جن جي شروعات بدين ضلعي کان ٿي چڪي آهي. ڪا به قوم پنھنجي وسيلن ته ڌاڙو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندي، سنڌ جي پاڻي تي پنجاب پاران ھنيل هن راتاهي جي روايت ڪا نئين نه آهي، پهرين هنن ڪالاباغ ڊيم جي رٿا ٺاهي جنهن جي لاءِ بينظير ڀٽو، رسول بخش پليجو، ڊاڪٽر قادر مگسي، عبدالرسول ميمڻ، ابرار قاضي، علي مير شاھ، مسعود انصاري سميت ڪيترن سياسي ادبي ماڻهن نه صرف عملي جدوجهد ڪئي پر ان خلاف ڪيئي مضمون ۽ مقالا پڻ لکيا، ڪالاباغ ڊيم جي خلاف عوامي تحريڪ جي قائد رسول بخش پليجو جي قيادت ۾ تمام وڏا جلسا، جلوس، احتجاج ۽ مارچ ٿيا جيڪي تاريخ جي ورقن م نمايان آهن.
پليجو صاحب جي اڳواڻي ۾ ڪنڌڪوٽ کان ڪراچي تائين پيادل مارچ ٿيو ان قافلي ۾ نه صرف مرد عورتون پر ٻار به شامل هئا، سنڌياڻي تحريڪ جي عورتن سچي سپاهي جيان ڳاڙها جهنڊا هٿ ۾ کنيو قطار ۾ هلندي هلندي سنڌو ۽ سنڌو جي پاڻي کي بچائڻ جا نعرا هڻنديون اڳتي وڌيون. اهي منظر اڄ به ماڻهن جي ذهنن ۾ نقش آهن
اڃان رڻ مان رڙ اچي ٿي
متان سمجهين مئا مور سارا
جيتوڻيڪ هن وقت سنڌياڻي تحريڪ وٽ ان جو قائد موجود نه آهي پر ان جو فڪر، ان جو نظريو اڄ به موجود آهي قائد رسول بخش پليجو جو ڏنل همٿ، حوصلو هميشه جيئن جو تيئن برقرار آهي جيڪڏهن سنڌو مٿان نوَن ڪئنالن جو فيصلو واپس نه ورتو ويو ته سڄي سنڌ جا نه صرف مرد، جوان، پر عورتون ۽ ٻار به گذريل وقت جي جدوجهد کي واپس روڊن رستن تي آڻيندا سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي ويندي. سنڌ جو عوام ڪڏهن به پنهنجي حقن ۽ وسيلن تان دستبردار نه ٿيندو نه ئي سنڌو تي ناجائز ڌاڙو برداشت ڪندو.
جيڪڏهن سنڌو مٿان نوَن ڪئنالن جو فيصلو واپس نه ورتو ويو ته سڄي سنڌ جا نه صرف مرد، جوان، پر عورتون ۽ ٻار به گذريل وقت جي جدوجهد کي واپس روڊن رستن تي آڻيندا سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي ويندي. سنڌ جو عوام ڪڏهن به پنهنجي حقن ۽ وسيلن تان دستبردار نه ٿيندو نه ئي سنڌو تي ناجائز ڌاڙو برداشت ڪندو.