پاڻي جي ورڇ  ۽ نوَن ڪئنالن جو تڪرار

تحرير: نصير ميمڻ  

جيئن تيزي سان پاڻي جا وسيلا ختم ٿي رھيا آھن ان وچ ۾ پنجاب  پنھنجي نئين ڪمانڊ ايريا کي آباد ڪرڻ لاءِ نوان ڪئنال ٺاهڻ جي مشق شروع ڪري ڇڏي آهي. گرين پاڪستان انيشيٽو پروگرام  تحت پنهنجي ايجنڊا تي عمل  ڪندي لکين ايڪڙ بنجر زمين، خاص ڪري چولستان  کي آباد ڪرڻ چاھي ٿو.

وڏي پيماني تي ڪارپوريٽ زراعت جي خواھش حڪومت تي زور ڏئي رهي آهي ته ڇهن اسٽريٽجڪ واهن کي تيزيءَ سان  چھن اسٽريٽيجڪ ڪئنالن کي مڪمل ڪيو وڃي. جنھن  ۾ چوبارا ڪينال گريٽر ٿل ڪينال جي ٻئي مرحلي طور شامل آهن، ٻيا ڪچي ڪئنال، ريڻي ڪئنال، ٿر ڪئنال، چشما رائٽ بئنڪ ڪئنال ۽ چولستان فلڊ فيڊر ڪينال آھن.  انهن واهن جو ڪل ڪمانڊ ايريا 3.58 ملين (35 لک 80ھزار ) ايڪڙ آهي.

سنڌ درياھ  جي ھيٺين ۽ پوڇڙ واري علائقي ھئڻ ڪري سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽيءَ جي تازي فيصلي تي ڳڻتي ۾ ورتل آھي، جنھن ۾ ان جي اعتراضن کي نظرانداز ڪندي چولستان فلڊ فيڊر ڪئنال جي منظوري ڏني وئي. اهو ڪئنال. ستلج ندي تي تجويز ڪيل سمال چولستان آبپاشي رٿا  جو حصو آهي. اهو ڪينال بهاولپور ۽ بهاولنگر ضلعن جي چولستان جي ريگستان ۾ 0.6 ملين (60 ھزار) ايڪڙ زمين کي سيراب ڪرڻ لاءِ چئن ڪئنال سسٽم کي پڻ پاڻي فراھم ڪندو.جڏھن تھ  انڊس روور سسٽم اٿارٽي (IRSA) پاران جنوري 2024 ۾ رٿا جي لاءِ پاڻي جي دستيابي جي تصديق ڪئي وئي آھي. سنڌ کي اھو خدشو آهي ته ستلج کي پاڻي تڏھن  ملي ٿو جڏهن هندستان واڌو پاڻي جو وهڪري وھائي ٿو. ان ڪري،اھو  سمورو ڪئنال سسٽم غير يقيني وهڪري جو شڪار ٿي ويندو. موسمياتي تبديليءَ ٻوڏ جي وهڪرن کي بي اعتبار بڻائي ڇڏيو آهي.

هڪ ڀيرو پاڻي جو حق قائم ٿيڻ بعد، پنجاب فصلن کي پاڻي مھيا ڪرڻ لاءِ خشڪي جي موسم ۾ بھ لنڪ ڪئنال ذريعي انڊس زون مان پاڻي موڙي کڻي سگهي ٿو. جڏھن تھ ان سلسلي ۾ سنڌ جا تحفظات گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ التوا ۾ پيل آهن. وفاقي حڪومت کي سنڌ جي خدشن تي سي سي آءِ جي فيصلي تائين پروجيڪٽ ملتوي ڪرڻ گهرجي ها. هن ڪينال جي منظوري سان ننڍي چولستان رٿا جي ٻين حصن لاءِ رستو لکي ويندو، جنهن سان 2 ملين (20 لک ) ايڪڙ زمين سيراب ٿيندي.

چوبارا ڪئنال گريٽر ٿل ڪئنال جي ھڪ شاخ آهي، جنهن تي سنڌ شروع کان اعتراض ڪندي رهي آهي. ارسا اھا رٿ 7 مئي 2002ع تي منظور ڪئي، جڏهن ته ارسا ۾ سنڌ ۽ وفاقي ميمبرن ان جي مخالفت ڪئي ھئي. ان کان پوءِ سنڌ اسيمبلي 2003ع ۾ اتفاق راءِ سان ٻھ ٺهراءُ منظور ڪري ان رٿا  کي رد ڪري ڇڏيو آھي. بعد ۾ اسيمبلي نومبر 2021ع ۾ چوباره ڪئنال کي رد ڪرڻ جو ٺهراءُ به منظور ڪيو ھو. قومي اقتصادي ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي پلاننگ ڪميشن کي صلاح ڏني ته هو سنڌ ۽ پنجاب جي نمائندن سان ملاقاتون ڪري. جنھن دوران سنڌ پنهنجي مخالفت جاري رکي، ان هوندي به  ايڪنڪ 16  مارچ 2022 تي رٿا جي منظوري ڏئي ڇڏي.جنھن بعد  سنڌ حڪومت اھو معاملو سي سي آءِ حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جتي حتمي فيصلي جو انتظار آهي.

ڪچي ڪئنال بلوچستان جي ڊيرا بگٽي، نصيرآباد، جھل مگسي ۽ بولان جي 0.7 ملين (70 ھزار ) ايڪڙ زمين کي سيراب ڪرڻ لاءِ ڊزائين ڪيو ويو آهي. تونسه بئراج کان  اھو ڪئنال 6000 ڪيوسڪ جي گنجائش سان شروع ٿئي ٿو. ڪئنال جو لڳ ڀڳ 75 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. هي ڪئنال ڊيرا بگٽي جي جبلن مان نڪرندڙ پھاڙي  وهڪرن جي مھاڙ ۾ آهي. ڪئنال جي ڍانچي کي بچائڻ لاءِ وهڪري کي ڦيرائڻ لاءِ  ھڪ ڊرين جي تجويز ڏني وئي آهي. پر واپڊا هن ڪئنال مان پاڻي وھائڻ واري  اهم معاملي کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي. تجويز ڏني وئي آھي  ته وهڪري کي ساڄي ڪناري واري آئوٽ فال ڊرين ذريعي سنڌ جي حمل م ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪرايو وڃي. واپڊا کي جيڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي اها هئي ته ٻوڏ جو اندازو 100000 ڪيوسڪ ٿي سگهي ٿو جيڪو آر بي او ڊي ۽ حمل ڍنڍ جي گنجائش کان وڌيڪ آهي.

هن وقت ڍنڍ ۾ چار جابلو نئين  جو وهڪرو 44 هزار ڪيوسڪ سان وهي رهيو آهي. وڌيڪ وهڪري سبب ڪنارا لڙھي سگهن ٿا. جنهن جي نتيجي ۾ قمبر، شهدادڪوٽ ۽ دادو ضلعن ۾ تباهي اچي سگهي ٿي. ڊزائن  وياري مرحلي تي اهڙن معاملن تي غور ڪيو وڃي ها پر واپڊا ان وقت جي حڪمران جنرل مشرف جي حڪم جي تعميل لاءِ منصوبي تي تڪڙ ۾ عمل ڪيو.

واپڊا ريڻي ڪئنال ٺاهي، جنوري 2022 ۾ سنڌ حڪومت جي حوالي ڪيو.جيڪو 5000 ڪيوسڪ کان وڌيڪ گنجائش وارو  ھو ، اھو گهوٽڪي ضلعي جي 0.4 ملين (40 ھزار) ايڪڙ زمين کي سيراب ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو هو. 1991 جي پاڻي واري معاھدي  ۾ ڪئنال  لاءِ ڪو به پاڻي مختص نه ڪيو ويو. تنهن ڪري، اهو ٻوڏ دوران واڌو  وهڪري تي ڀاڙي ٿو. سنڌ پاڻي جي منظوري نه ملڻ تي ڪئنال جي ايندڙ مرحلي جي مخالفت ڪري ڇڏي. ٿر ڪئنال کي ريڻي ڪئنال لاءِ بچاءُ واري رستي جي طور تي تجويز ڪيو ويو آهي، جيڪو وڌيڪ ٻوڏ دوران وھايو ويندو. سنڌو درياءَ جي بي ترتيبي وهڪري جي ڪري ٻوڏ جي ميدانن تي وڏي پئماني تي زرعي ايراضين کي آباد ڪرڻ غير دانشمندي آهي.

سنڌ کي سنڌو طاس ۾ پاڻي جي کوٽ سبب نوَن آبپاشي رٿائن تي تحفظات آهن. 1976ع کان 1998ع تائين ڪوٽڙي بئراج هيٺان سراسري سالياني وهڪرو 40.69 ملين ايڪڙ فوٽ ھو. 1999ع کان 2022ع تائين، وهڪري ۾ 14 ملين ايڪڙ فوٽ جي گهٽتائي ٿي آهي. انڊس ڊيلٽا ماحولياتي تباهي جي ڪناري تي پھچي چڪي آهي. موسمياتي تبديلي پاڻي جي منظرنامي کي وڌيڪ خراب ڪري رهي آهي. انهن حالتن ۾ نون ڪئنالن جي تعمير سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ هڪ نئون تڪرار پيدا ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.