سول اسپتال ڪراچي جي ڊاگ بائيٽ ڪلينڪ جي انچارج ڊاڪٽر رومانا فرحت هڪ ڇرڪائيندڙ رپورٽ جاري ڪئي آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ ۾ هلندڙ سال يعني ڏهن مهينن دوران رولو ڪتن سوا ٻه لک ماڻهن کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو آهي، جنهن ۾ ٻارنهن ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. ٻي پاسي دوڙ ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ هڪ مهيني جي اندر رولو ڪتن جي ڏاڙهڻ جا چار سئو نوي (490) ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. اهڙي طرح سجاول ۾180، جاتي ۾ 141، شاهبندر ۾ 43 ۽ چوهڙ جمالي ۾ 58 ماڻهن کي هڪ مهيني ۾ ڪتن ڏاڙهي ڦٽي ڪري وڌو آهي.
ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ ڪتن جي ڏاڙهڻ جي واقعن ۾ خوفناڪ واڌارو ٿيو آهي، رپورٽ ۾ ظاهر ڪيل انگ اکر ڪنهن وڏي خطري جي نشاندهي ڪري رهيا آهن ان لاءِ ان قسم جي وڌندڙ خطري کان ڪيئن محفوظ رهي سگهجي، ان لاءِ سنڌ سرڪار کي ڪا موثر ۽ تڪڙي حڪمت عملي جوڙڻ جي سخت ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي اسپتالن ۾ ڪتن جي وئڪيسن اڻلڀ هوندي آهي، جنهن سبب ڪيترائي مريض تڙپي تڙپي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيندا آهن.
رپورٽ ۾ اهي انگ اکر ڄاڻايا ويا آهن جيڪي ڪيس رپورٽ ٿي سگهيا آهن، حقيقت ۾ انهن ڪيسن جو تعداد رپورٽ ۾ پڌرا ڪيل انگ اکرن کان وڌيڪ ۽ ٻيڻو هوندو ڇو ته ڪيترائي ڪيس منظر عام تي اچي ۽ رپورٽ ٿيڻ کان رهجي ويندا آهن. ڪتن جي ڏاڙهڻ جي واقعن ۾ واڌارو ان ڪري ٿي رهيو آهي جو ڪتن جو نسل تمام تيزي سان وڌي رهيو آهي، جيڪي هر هنڌ ٽولن جي صورت ۾ گهمندي نظر ايندا آهن، جيڪي ڪَت (لڳ) جي موسم ۾ ماڻهن لاءِ عام ڏينهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خطرناڪ ٿي ويندا آهن. جڏهن ته سياري جي شروعات ۾ جيئن ئي سردي جي لهر شروع ٿيندي آهي ته ڪتا ڇتا ٿيڻ لڳندا آهن جيڪي ماڻهن، مال ۽ ٻين ڪتن کي به ڏاڙهي وجهندا آهن، جنهن سبب ڇتي ڪتي جا ڏاڙهيل جانور به ڇتا ٿي پوندا آهن. ڇتي ڪتي جي وات مان ڳڙندڙ گنگ ۾ پڻ جراثيم هوندا آهن جيڪي هوا جي ذريعي ٻين ڪتن، جانورن توڙي ماڻهن ۾ منتقل ٿي ويندا آهن ۽ انهن کي متاثر ڪندا آهن.
ڪجهه سال اڳ سنڌ حڪومت ڪتا خصي ڪرڻ لاءِ ڪروڙين رپيا خرچ ڪيا هئا ته جيئن ڪتن جو تيزي سان وڌندڙ نسل کي روڪي سگهجي. ڪتا خصي ڪرڻ واري منصوبي لاءِ رکيل پئسا ته سمورا خرچ ڪيا ويا پر ڪتا جو نسل بدستور وڌندو رهيو ۽ اهو ايتري حد تائين وڏي ويو آهي جو روڊن رستن، پارڪن، بازارن سميت هرهنڌ رولو ڪتا گهمندي نظر اچڻ لڳا آهن. رستن جي بيٺل ڪتا گاڏين خاص طور تي موٽر سائيڪلن جي پويان لڳي ويندا آهن جنهن سبب موٽر سائيڪل تي سوار ماڻهو يا ته موٽر سائيڪل تان ڪري زخمي ٿي پوندا آهن يا وري کين ڪتا ڏاڙهي وجهندا آهن.رولو ڪتا نه رڳو ماڻهن کي ڏاڙهي زخمي ڪرڻ لڳا آهن پر اهي ڀاڳين جي مال رڍن ۽ ٻڪرين کي پڻ مارڻ لڳا آهن جنهن سبب غريب مالوند ماڻهن جو هزارين رپين جو نقصان ٿيڻ لڳو آهي.
ڪتا خصي ڪرڻ واري منصوبي تي سنڌ سرڪار پاران جيڪا وڏي رقم خرچ ڪئي وئي آهي اها دراصل ڪرپشن جي ور چڙهي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته ان مهم، جنهن تي ڪروڙين رپيا خرچ ٿيا، جو رزلٽ بلڪل ٻڙي ئي اسان جي سامهون آيو آهي. ڪتن جو ايترو تعداد اڳ ۾ ڪڏهن به وڌيل نظر نه آيو ۽ نه ئي ڪتي ڏاڙهڻ جا ايترا ڪيس به رپورٽ ٿيا هئا پر اها حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته ڪتا خصي ڪرڻ جي بعد هڪدم ڪتن جي نسل ۾ ايترو واڌارو ڪيئن ٿي ويو آهي؟ ان جا ذميوار ڪير آهن؟ ۽ ڪهڙي طريقي ۽ ڪاريگري سان سرڪاري بجيٽ ۾ گهوٻيون هڻي ڪتا خصي ڪرڻ جي نالي تي لکين رپيا هڙپ ڪيا ويا، ان لاءِ، ان سلسلي ۾ لاڳاپيل ادارن کي جاچ ڪري ذميدارن جي خلاف سخت قدم کڻڻ گهرجي.
اڳ ۾ سنڌ جي شهرن توڙي ڳوٺن ۾ هر سال ڪتا مار مهم شروع ڪئي ويندي هئي، مهم شروع ڪرڻ کان ڪجهه ڏينهن پهريان شهرين کي اطلاع پڻ ڪيو ويندو هو، جنهن سبب شهرين پنهنجا پالتو ڪتا گهرن ۾ ٻڌي ڇڏيندا هئا ۽ رولو ڪتن کي زهر سان ڀريل ڪيپسول گوشت جي ٽڪري ۾ وجهي کارايو ويندو هو، جنهن سبب اڌ ڪلاڪ کن ۾ ڪتو مري ويندو هو، ۽ ان جي باقيات کي ميونسپل ڪاميٽي جا ملازم ٽريڪٽر ٽرالين ۾ وجهي انسان آبادي کان پري ڪنهن ويران جڳهه تي دفنائي ڇڏيندا هئا. جنهن جي نتيجي ۾ ڪتن جي آبادي ڪنٽرول ۾ هوندي هئي ۽ ورلي ڪو ڪتي جي ڏاڙهڻ جو واقعو پيش ٻڌڻ ۾ ايندو هو. پر هاڻي ته حد ٿي وئي آهي جو هڪ مهيني ۾ چار چار سئو ماڻهن کي ڪتا ڏاڙهڻ لڳا آهن پر تنهن جي باوجود به سنڌ سرڪار توڙي مقامي انتظاميه جي ڪن تي ڪا جونءَ به نٿي چري ۽ کين پنهنجي ذميواري جو احساس به نٿو ٿئي ته شهرين کي ڪتن جي آزار کان ڪيئن بچائجي.
ڪتن جو وڌندڙ آزار هونئن ته هر ماڻهو کي ڏچي ۾ وجهي ڇڏيو آهي پر ان سان ننڍڙا ٻار ۽ عورتون سخت متاثر ٿي رهيون آهن . ان لاءِ اهو ضروري آهي ته سنڌ جي سڀني شهرن ۾ ڪتا مار مهم شروع ڪئي وڃي ته جيئن ڪتن جي ڏاڙهڻ جي واقعن ۾ گهٽتائي اچي سگهي ۽ ٻارڙا بي خوف بڻجي اسڪول وڃي سگهن ۽ شهرين آزادي سان گهمي ڦري سگهن.