مڙس جي گٽڪي کائڻ تي عورت آپگهات ڪري ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ مڙس جي گٽڪي کائڻ جي عادت کان تنگ عورت آپگهات ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب اتر پرديش رياست جي ضلعي هميرپور ۾ 24 ورهين جي عورت مڙس جي گٽڪي کائڻ جي عادت کان تنگ ٿي آپگهات ڪري ڇڏيو.
ساريڪا نالي عورت مڙس کي گٽڪو ڇڏڻ جو چيو، جنهن تي ٻنهي ۾ ڏند چڪ ٿي ۽ زال ڪاوڙجي ڪمري ۾ ڦاهو کائي ڇڏيو.
واضح رهي ته ساريڪا ۽ سلڀ 2021 ۾ پسند جو پرڻو ڪيو هو پر مڙس جي گٽڪي کائڻ جي عادت سبب ٻنهي ۾ جهيڙو ٿيندو رهندو هو.
پوليس موبج عورت جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال نيو ويو، جڏهن ته واقعي جي حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.