قانون ٺاهڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي پر قانون تي عمل ڪرڻ سڀ کان وڏو مسئلو آهي. جيئن فطرت پنهنجو وير ناهي ڇڏيندو تيئن قانون به بي رحم آهي جنهن جي پڪڙ کان ڪو به بچي نه ٿو سگهي. ڪڏهن ڪڏهن انسان جو پنهنجو ٺاهيل قانون تي ”عمل“ نه ڪرڻ جي صورت ۾ سندس ڳچيءَ ۾ پئجي وڃي ٿو.
حڪومت ڇو خوف ۾ هئي جو جلدي جلدي ۾ 26 آئيني ترميم آڻي نئون قانون جوڙي ورتائون.
منهنجي خيال ۾ خوف جا ٻه سبب آهن هڪ جڏهن ڪو ماڻهو ڪو غلط ڪم ڪري ٿو تڏهن ڊڄي وڃي ٿو ته هڪ نه هڪ ڏينهن قانون حرڪت ۾ اچي کيس پڪڙي وٺندو ۽ کيس سزا ملندي. ٻيو وري وري ڪنهن جي "اچڻ” جو خوف به انسان کي سڪون سان ويهڻ ناهي ڏيندو ڇو ته کيس يقين هوندو آهي ته "هو” ايندو ۽ مون کي نه ڇڏيندو؟
هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته موجوده حڪمرانن کي آخر اهو ڪهڙو خوف هو جو انهن منصور علي شاهه کي چيف جسٽس ٿيڻ کان اڳ آئين ۾ ترميم ڪري هڪ جونيئر جج کي وڏي عهدي تي فائز ڪري ڇڏيو؟ منصور علي شاهه جو رستو ڇو روڪيو ويو؟ ڇا منصور علي شاهه جو شمار به انهن ماڻهن ۾ ٿئي ٿو جيڪي حڪومت لاءِ ذاتي پسند ۽ ناپسند کي اهميت ڏيندا رهيا آهن؟ ڇا منصور علي شاهه پ پ پ لاءِ جسٽس افتخار چوڌري ۽ ن ليگ لاءِ ثاقب نثار، عمر عطا بنديال بڻجي پيو ؟ قومي اسيمبلي ۾ نواز شريف عدليه کان شڪايت جو جيڪو شعر پڙهيو ڇا ان جو اڻسڌو تعلق منصور علي شاهه سان ته نه هو؟
ڏسجي ته جمهوري نظام ۾ وقت ۽ حالتن مطابق قانون ۾ ترميم ڪيون وينديون آهن. مهذب جمهوري ملڪن ۾ اڪثر ترميمون عوام جي ڀلائي لاءِ ٿينديون آهن پر اسان وٽ اڪثر ٿيندڙ ترميمن لاءِ اهو خيال ڪيو وڃي ٿو جو حڪمران عوام بدران "پاڻ بچائڻ” لاءِ قانون جوڙيندا آهن. اسان ٽين دنيا جي جمهوريت آهيون، ان ڪري اسان جي سماج ۾ اڪثر اهو تصور عام آهي. ٿيو به ائين آهي عوام جي بنيادي حقن جي تحفظ بدران "پاڻ کي ۽ پنهنجن کي ڪئين بچائجي” وارو فارمولو وڌيڪ هليو آهي.
1973ع جي جامع آئين کان پوءِ 50 سالن ۾ 26 ترميمون ڪيون ويون. ان دوران ملڪ ۾ 20 سال کان وڌيڪ مارشل لا جا گذريا ۽ باقي حصو به جمهوريت هوندي آمريت هيٺ گذريو. جنرل ضياءَ الحق ۽ پرويز مشرف جهڙن آمرن به عوام جي ڀلائي جو سوچيندي آئين ۾ ترميمون ڪيون. جمهوريت لاءِ وڙهندڙ پارٽيون پاڪستان پيپلز پارٽي، مسلم ليگ ن، مسلم ليگ ق ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف به ترميم ڪرڻ وارن ۾ شامل آهن. آئين ۾ جڏهن به ترميم ٿي ان۾ "لٺ ۽ چٺ” جي جهلڪ ڏسڻ ۾ ضرور آئي. 26هين ترميم ۾ به ڪجهھ اهڙو نظر آيو جن ملڪ جي وسيع تر مفاد کي نظر ۾ رکندي حڪومت ۽ ان جي اتحادي پارٽين حد کان وڌيڪ ڪوششون ڪري مخالف ڌر جي ڪجهھ ماڻهن کي اهو يقين ڏياريو ته 26هين ترميم ملڪ ۽ جمهوريت لاءِ هڪ سونهري باب آهي ان ڪري ان جي حمايت ضروري آهي.
بهرحال آئين ۾ ترميم ڪئي وئي پارليامينٽ کان اهو پاس ڪرائي صدر کان ان تي صحيح ڪرائي قانون جي حيثيت به ڏياري وئي. نئين قانون موجب نئين چيف جسٽس جو اعلان به ڪيو ويو. نئين قانون کانپوءِ پارلياماني ڪميٽي ٽن سينئر ججز مان جونيئر جج جسٽس يحييٰ آفريدي کي چيف جسٽس آف پاڪستان بڻائڻ جو فيصلو ڪيو. هي ڪو پهريون ڀيرو ناهي جو ته ڪنهن جونيئر شخص کي ڪنهن اداري جو سربراهه بڻايو ويو هجي، ان کان اڳ به ڪيترائي ماڻهو اهڙن فيصلن مان فائدو وٺي چڪا آهن. ملڪ جي تاريخ به اها رهي آهي ته جڏهن به ڪنهن جونيئر ماڻهو کي نوازيو ويو ان پنهنجي فيصلن سان چونڊ ڪندڙن کي ڦاهو ڳچي ۾ وڌو.
جئين ته مان مٿي به لکي آيس ته 26هين ترميم ۾ ٻيون گهڻيون شيون آهن پر اسان وٽ بحث صرف سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس تي هلي پيو چيف جسٽس ٿيڻ اعزاز آهي پر ان اعزاز کي اعزاز رکڻ مشڪل ٿي پيو آهي. اسان جي عدليه جي تاريخ ڪا خاص نه رهي آهي جنهن کي ورجائڻ ۾ اسان فخر محسوس ڪيون. طاقتور حڪمرانن عدليه کي هميشه پنهنجو دربان بڻائي پنهنجي پسند جا فيصلا ورتا آهن.عدليه جي ڪارڪردگي جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته انصاف فراهم ڪرڻ وارن ملڪن ۾ اسان ڪهڙي نمبر تي بيٺل آهيون. انصاف جي سست رفتاري سبب سالن جا سال گذري وڃن ٿا پر ٻڌڻي جي تاريخ ئي نه ٿي اچي، انصاف جا طلبگار انصاف ملڻ جي آس لڳائي قبر ڀيڙو ٿيو وڃن ٿا پر انصاف لاءِ سندن ٻڌڻي ئي نه ٿي ٿئي.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان جي نظام ۾ ڪيتريون ئي خاميون آهن. هر اداري ۾ انا جي جنگ هلي رهي آهي، هر اداري جا ماڻهو پاڻ کي اتم مخلوق سمجهن ٿا. انڪري اهي پاڻ کي عوام ۽ رياست جو خدمتگار بدران مالڪ سمجهن ٿا جنهن جي ڪري عوام جو اعتبار آهستي آهستي ادارن جي سربراهن کان کڄندو پيو وڃي.
بهرحال جيڪو ٿيڻو هو، سو ٿي ويو ۽ هاڻي ڪجهه وقت کان پوءِ اها راند پارليامينٽ هائوس نڪري روڊن تي کيڏندي نظر اچي رهي آهي. تحريڪ انصاف ۽ ان جا حمايتي وڪيل روڊن تي نڪرندا. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته تحريڪ انصاف 26هين ترميم تي ڪهڙي سياست ڪري ٿي بظاهر تحريڪ انصاف وٽ ايتري طاقت ناهي جنهن جي توقع ڪئي پئي وڃي. تحريڪ انصاف عملي ميدان ۾ قيادت جي کوٽ سبب ٽٽي وئي. بريسٽر گوهر علي خان جي قيادت اختلافن جي ور چڙهيل آهي جيڪڏهن بشريٰ بيبي آزاد ٿي رستن تي اچي ٿي ته سياسي وايومنڊل تبديل ٿيندو نه ته ساڳيا لاٽون ساڳيا چڳ واري ڳالهه رهندي.
جسٽس منصور علي شاهه مان حڪومت کي ڪو خطرو ناهي ڇو ته منصور علي شاهه جو شمار انهن ججز ۾ ٿئي ٿو جيڪي آئين ۽ قانون تي هلندڙ آهن. جوڊيشل ڪائونسل ۾ جسٽس منصور علي شاهه جي راءِ کي اهميت ڏيندي پنجاب جي چيف جسٽس طور جونيئر جج جي چونڊ ڪئي وئي.
نئين آئيني ترميم ۾ پي پي پي چيئرمين جون ڦڙتيون سندس وزيراعظم ٿيڻ واري راهه لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ آهن. ڏسجي ته اڳتي ڇا ٿو ٿئي هر قانون ڪمزور لاءِ پهاڙ کان گهٽ ناهي پر طاقتور لاءِ ڄن ته ڪوريئڙي جو ڄار آهي.